ڪوفي لا ڪُوفي! حقيقت ابدي هي مقامِ شبيري، بدلتي رهتي هين اندازِ کوفي و شامي! هي علامه اقبال جو شعر آهي ۽ هنن ايامن ۾ هڪڙو ڪالم آئون علامه اقبال جي شاعري ۾ امام حسين عليه السلام جي ذڪر بابت به لکندس، پر اڄ هن ڪالم ۾ ڏسون ٿا ته ڪوفي ڪير آهن ۽ ڪوفو ڇا؟ اردو جي مشهور افسانه نگار انتظار حسين پنهنجي شاهڪار علامتي افساني ”خواب اور تقدير“ ۾، اسان کي ٻڌايو آهي ته ”رات جي گجگاهه، اونداهيءَ ۾ ڪجهه مظلوم ماڻهو، ابن زياد جي ظلمن کان بچڻ لاءِ اُٺن تي سوار ٿي اُتان نڪري ٿا پون. هو چاهين ٿا ته ڪنهن پرامن ۽ پرسڪون شهر ڏانهن هجرت ڪري وڃن. پر سڄي رات اونداهي صحرا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي، هلندي هلندي نيٺ جڏهن آسمان تي صبح جي اڇاڻ ٿي نمودار ٿئي، تڏهن ڏسن ٿا ته، هو ته ابن زياد واري ڪوفي ۾ ئي پيا ڀٽڪن. اهڙي حالت ۾ پوءِ هو بيوسيءَ مان سوچين ٿا ته، هي ڇا، سڄي دنيائي ڪوفو آهي، نجات ۽ انسان ذات لاءِ آجپو ۽ سک جو ساهه ڪٿي به ميسر ڪونهي!! ان کانپوءِ نيٺ مايوس ٿي، دل ۾ چون ٿا ته، ”افسوس!! هيءَ سڄي دنيا ئي شايد، ابن زياد جو ”ڪوفو“ آهي، ۽ ان ۾ قيام ڪرڻ ئي انسان ذات جي مجبوري آهي.“ ۽ عزادارو! ٿورو تصور ڪريو، دنيا جي لکين ڪروڙين شهرن جي نالن مان، هي ”ڪوفو“ لفظ به ڪيڏو نه اذيت جهڙو اُچار ٿو رکي ۽ عزادارو! امام حسين عليه السلام کان، يزيد جي حق ۾، بيعت وٺڻ جو فتنو به اِن ئي ظالم شهر مان اڀريو هو ۽ اتي جي ئي بي وفا ڪوفين، ابن زياد جي خوف ۾، وفائن تان هٿ کڻي، ڪائنرتا جو ثبوت ڏنو ۽ اهو شايد ڪوئي قدرتي امر ۽ هن شهر جي واسين تي ڏمر آهي ته، هتان جا ماڻهو خشڪ مزاج ۽ فطرتن بي وفا سڀاوَ جا آهن ۽ اهو شايد ان ڪري به آهي، جو هي ريتيلو شهر آهي، ۽ ان جي هر طرف پهاڙ ئي پهاڙ آهن. پر چڱي ڳالهه هن شهر جي وري هيءَ ته فرات درياهه ان جي ڀرسان ئي وهي ٿو. تاريخ ۽ عرب جي قديم جاگرافي ۾ آهي ته، ”ڪوفو“ اڳئين جڳ جو ڪو شهر آهي، جتي ڪنهن قديم دور ۾ عرب حڪومت جو ڪاروهنوار هلندو هو. وچ ۾ هي شهر، اجڙي ويو ۽ پوءِ واري زماني ۾ مولانا شبليءَ چواڻي ته ”خليفه دوئم“ کي هي علائقو، فوجي نقطئه نگاهه کان ۽ فرات درياهه جي ويجهو هجڻ سبب بري ۽ بحري فوجن جي مشقن ۽ رهائش لاءِ عين موزون لڳو هو ۽ ان صاحب ئي ان جي ماضيءَ واري حيثيت کي وري بحال ڪرايو هو. اگرچه تاريخن ۾ آهي ته ”ڪوفو“ عرب جو تمام ئي گهڻو قديم شهر آهي ۽ حضرت نوح عليه السلام به هن ئي شهر جو واسي هو ۽ ان ئي شهر ۾ موجود، سندس قيام گاهه واري ”تنور“ مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿيو هو، جنهن سبب ”طوفانِ نوح“ وارو واقعو رونما ٿيو هو. ڪوفي جي قديم ڪوٽ اندر اهو يادگار تنور اڄ به هن شهر ۾ محفوظ آهي ۽ زائرين، ”مسجد ڪوفه“ ۽ ابن زياد جي درٻار ڏسڻ سان گڏوگڏ انهيءَ ”تنور“ کي به، ذوق شوق سان وڃي ڏسندا ۽ حيرت حاصل ڪندا آهن. 35 هجريءَ ڌاري جڏهن حضرت علي عليه السلام خلافت جي مسند تي فائز ٿيا، ته 36 هجري ۾، شام جي اموي گورنر خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو، تڏهن مديني پاڪ تي حملا آور ٿيڻ جي انديشي طور، مولا علي مشڪل ڪشا، عرب جي ان ئي قديم ترين شهر کي اسلامي سلطنت جو دارالخلافه بنايو ۽ دمشق مان 25 رجب سٺ هجري تي، يزيد جي تخت نشين ٿيڻ جو اعلان ٿيو. تڏهن ان اعلان سان ئي ”مڪي پاڪ“، مديني جي گورنرن ۽ ڪوفي جي گورنر، اِبن زياد کي به حڪم جاري ڪيو ويو، ته ظالم يزيد جي حق ۾ امام حسين عليه السلام کان هر صورت ۾ بيعت ورتي وڃي. فاسق ۽ فاجر يزيد جي بيعت بدران امام حسين عليه السلام ڇا ڪيو، جو مرڳو مديني کي ئي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ يزيد جي تخت نشين ٿيڻ جي ٽئين ڏينهن يعني 28 هين رجب تي، امن واري شهر ”مڪي پاڪ“ ڏانهن هجرت ڪئي ۽ ڪجهه عرصي لاءِ، اتي وڃي قيام ڪيائون، تڏهن مڪي پاڪ پهچڻ تي بي وفا ڪوفين، مولا حسين عليه السلام کي خط لکيا، ته توهان ڪوفي کي اچي وسايو، آباد ڪريو ۽ اسان سان گڏ قيام ڪريو، اسين اوهان جا آهيون. پر ٿيو هيئن جو غير سنجيده، منافق ۽ غير ذميوار ڪوفي، يزيد ۽ ابن زياد جي قهر کان ڪنبي، ڪائنر ٿي ويا، ۽ ڪوفي ڏانهن ويل امام حسين عليه السلام جي سفير حضرت مسلم ابن عقيل کي نائين ذوالحج سٺ هجريءَ تي هڪ سازش سان، شهيد ڪري ڇڏيائون ۽ مولا حسين عليه السلام جي هن باوفا قاصد کي ابنِ زياد کان بچائي نه سگهيا. البته ڪوفي ۾ مولا حسين عليه السلام جا جيڪي جانثار ۽ پروانه هئا، اهي ڪوفي مان نڪري پيا ۽ آڌي رات جي سناٽن ۾، اُٺن تي سوار ٿي، صحرائن جا طويل سفر ڪندا، وڃي مولا عه جي مختصر قافلي ۾ شامل ٿيا ۽ بلآخر انهن مان پوءِ جيڪي ڪربلا ۾ شهيد ٿي، مولا حسين عه سان سرخرو ٿيا، انهن جا نالا آهن: حضرت مسلم ابن عوسجه، حضرت حبيب ابنِ مظاهر، حضرت هاني بن عُروه ۽ حضرت برير ابن خضر همداني وغيره...(۽ چاليهين هجريءَ جي اوڻهين رمضان تي، مولا علي عه به ته هن ئي شهر جي مسجد ڪوفه ۾ پنهنجي زندگيءَ جي آخري نماز ادا ڪئي هئي) ۽ اهو هنڌ زائرين ٻڌائيندا آهن ته ڪوفي ۾ اڄ به موجود آهي ۽ علاوه از هتي اهو هنڌ به آهي، جتي علي سائينءَ کي، امام حسن عليه السلام غسل ڏيڻ فرمايو هو، ۽ ڪوفي ۾ اُهو کوهه، جنهن مان مولا علي عه پاڻ پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڏول ڇڪي پاڻي ڀريندا هئا، اهو هنڌ به زائرين لاءِ وڏي ڪشش رکندڙ آهي. 61 هجريءَ جي يارهين محرم الحرام تي، ڪوفي جي بازارن مان لنگهندي اهي ظالم ڪوفي ئي هئا، جن سڀ کان اول، قيدي قافلي کي اڳيان آندو: ديکها اِک آفتاب کو نيزي په جلوه گر ۽ ڪوفي جي تاريخ ۾ اهو به درج آهي ته، هيءَ اُها ئي بازار آهي، جنهن ۾ ڪربلا واري سانحي کان صرف هڪ مهينو اڳ، اِبن زياد جي گماشتن، حضرت امير مسلم کي شهيد ڪري، پيرن ۾ رسا ٻڌي، گهٽي گهٽي گهمائي، لاش جي بي حرمتي ڪئي هئي ۽ هي به اهو ئي ڪوفو هو، جنهن جي ڀري بازار ۾، جناب زينب سلام الله عليها جڏهن ابن زياد سان حضرت علي عليه السلام جي لهجي ۾ مخاطب ٿيون، ته هن جا ليڙا لهي ويا هئا ۽ هُن کي لڪڻ لاءِ جاءِ ڪا نه ٿي ملي، ۽ نهايت جلد، ان ئي شهر جي آس پاس وارين فضائن مان، حضرت مختار ثقفي جو بغاوت ڀريو آواز اڀريو ۽ جنهن چونڊي چونڊي شهيدن جي قاتلن کي قتلام ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ هڪ کي نگهوسار ڪندو ويو ۽ اهڙن ننڍن توڙي وڏن قاتلن تائين، تاريخ گواهه آهي ته دنيا ۾، انهن جي قبرن جو اڄ نالو نشان به ڪٿي نظر نٿو اچي. ها! قاتلن جي ان گروهه جي اڳواڻ ۽ ان فتني جو بنياد رکندڙ جي، دمشق شهر ۾، هڪ چوديواري اندر، قبر ضرور ٻڌائي وڃي ٿي، ۽ اول ته ان طرف ڏانهن ڪو اک ئي ناهي کڻندو، پر جيڪڏهن عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ، ان طرف ڪو نگاهه کڻندو به آهي، ته صرف ۽ محض نفرت جي خيال سان! ۽ يزيد ابن معاويه ۽ حسين عليه السلام ابن علي المرتضيٰ عه جي تقابل ۾، ڪنهن شاعر، هي ڏسو ڪيڏو نه سچ لکيو آهي ته: حُسين سَر کو کڻا کر تو هوگئي سيراب، يزيد آج بهي پياسا دکهائي ديتا هي! نصير مرزا ...