روزاني ڪاوش جي ٿورن سان.... اليڪٽرانڪ رانديڪن جي جڳ مشهور ڪمپني ”هيسبرو“ هڪ اهڙو ڊوائيس متعارف ڪرايو آهي جنهن کي ”آءِ فون“ سان جوڙي ٿري ڊي وڊيو ۽ ٿري ڊي گيمون ڏسي ۽ کيڏي سگهجن ٿيون، هن ڪارائتي ڊوائيس جو نالو ”ماءِ ٿري ڊي“ رکيو ويو آهي، جنهن کي ”آءِ فون“ يا ”آءِ پاڊ“ سان جوڙي فائدو حاصل ڪري سگهبو، امڪان آهي ته ”ماءِ ٿري ڊي“ ڊوائيس برطانيا ۾ ڪرسمس کانپوءِ 30 پائونڊز تائين وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو، هن ڊوائيس جي تياري ۾ ”هيسبرو“ ڪمپني ڊريم ورڪ اينيميشن وارن کان مدد ورتي آهي، جنهن جي نئين فلم ”ميگا مائينڊ“ تازو سڄي دنيا ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، ”هيسبرو“ جو ”ماءِ ٿري ڊي“ آءِ فون کانسواءِ ٿري ڊي ٽي وي نيٽ ورڪ تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو، هوڏانهن جڳ مشهور ڪمپني ”ايپل“ جي ڪمپيوٽرن جي تاريخ اڄ کان 34 سال پراڻي آهي، ايپل ڪمپني جي باني اسٽيو جابز 1976ع ۾ متعارف ڪرايل پهريون ايپل ڪمپيوٽر ڏيڍ لک پائونڊ ۾ وڪرو ڪيو ويو، جيڪو سندس والدين جي گيراج ۾ پيل هو، 1976ع ۾ ”ايپل“ ڪمپيوٽر جا لڳ ڀڳ 200 ماڊل متعارف ڪرايا ويا هئا، جن ۾ ان وقت فقط 8 ڪلو بائٽس ميموري هئي، جيڪا هاڻوڪي ”ايپل“ ڪمپيوٽرز جي ميموري کان 5 لک 24 هزار ڀيرا گهٽ چئي سگهجي ٿي، ان وقت جي ايپل ڪمپيوٽر ۾ هڪ گانو به محفوظ ڪرڻ جيتري ميموري نه هئي، 34 سال پراڻي ”ايپل“ ڪمپيوٽر جي نيلامي لنڊن جي ڪرسٽي هال ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر جي خريداري لاءِ ڪيترائي خواهشمند پهتا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته شروعاتي دور وارن ڪمپيوٽرن کي به شوقين پسند ڪن ٿا، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ”ايپل-1“ ڪمپيوٽر مانيٽر بنا ٺاهيا ويا هئا، هن ناياب ڪمپيوٽر کي حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا جي مختلف ميوزيم مالڪن ۽ عام شوقينن ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ”ايپل-1“ ڪمپيوٽر اسٽيو ووز نياڪ جو ڊزائن ڪيل آهي.
جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو! سٺي معلومات آهي سائين اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو! سٺي معلومات آهي سائين اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو! شڪر آ ٻن لفظن کان اڳتي ته وڌيو ادا بهترين