واه سائين ابڙا صاحب سائين بهترين ونڊ سان بهترين ڊزائين، ڀانيان ٿو ڊزائين اوهان جي آهي۔
مونکي شاه صاحب جو هڪ بيت سمجهائيندا ته شڪر گذار رهندس، اهو بيت مونکي فل ياد ته نه آهي پر ڪجهه هن ريت آهي:
او ڪو ٻيو فهم جنهن سان ۔۔۔
ان مان شاه صاحب ڪهڙو فلسفو ٻڌائين ٿا، اهي ڪهڙي فهم جي ڳالهه ڪن ٿا۔
مهرباني ٿيندي۔
نثار سائين ڪانگ کان ساکِي ۽ پوسٽ ميني وارو ڪم ڪافي شاعرن ورتو آهي، ڪبير جي دوهن کان وٺي لطيف سائين جي بيتن تائين دنيا جي هن ڪارڙي ڪمارڙي پکي کي پرين تائين پيغام پهچائڻ جو ذريعو ٺاهيو آهي، هن دور ۾ جڏهن موبائل اچي ويو آهي، ته هاڻي انهي ڪارڙي پکي جي اهميت، ڪبوتر جي اهميت ۽ انسانن ۾ ڊيش ڊيش ماڻهن جي اهميت زيرو ٿِي وئي آهي، جيڪڏهن ڪبير ۽ شاهه سائين جي دور ۾ موبائل هُجي ها ته ڪير به ائين ڪونه چوي ها تهڪاگا، سڀ تن کايو ڪي چُن چُن کايو ماس، دو نينان مت کائيو انهين پيا ملن ڪي آسيا شاهه سائين ائين ڪونه چوي ها ته
آ اُڏامي ڪانگڙا ! پارانڀان پچار،
ويهي هت وصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ،
جي ڏِسڻَ ۾ ڏيسارِ سي اُڏامِي آڻِ پِرين۔
پر يار نثار ابڙا هڪڙي ڳالهه ڪونه سمجهي سگهيس ته تنهنجي هن شاهه سائين جي بيت جي چتر ڪاري ۾ ڪانگن جي شڪلون ڪاري هُئڻ جي بجا اڇ سريون آهن ۽ اهي دنيا جا شايد عجوبا ڪانگ آهن جو انهن جون چهنبون به هيڊ سريون آهن۔
منهنجا دوست نثار! بيشڪ اوهانجي ڳالهه جيئان ته هن فون ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ محبوب تائين پهچڻ ڪو ڏکيو نه رهيو آهي ۔۔۔ پر پوءِ به ڪي محبوب اهڙا هوندا آهن جن تائين نه فون پهچندي آهي نه ئي وري اڄ جا سڀ جديد هٿيار ۔۔۔ بس عاشق جا خيال ئي پهچندا آهن ۔۔۔ جيڪا حالت شايد اوهان سان به ڪڏهن ڪڏهن پيش آئي هجي ۔۔۔ پر هت ته گهڻو آهي ۔۔۔
ٻي ڳالهه ته مٺا سائين، بيشڪ ڪارا ڪانگ ته هوندا ئي آهن پر شايد اوهان ڄاڻندا هجو ته دنيا ۾ اڇا ڪانگ به آهن، ها ڪجهه گهٽ آهن پر آهن ضرور ۔۔۔ مون ڪيترن ئي چڙيا گهرن ۾ ڏٺا به آهن ته ڪتابن ۾ پڙهيا به آهن، ۽ جي يقين نه اچيوَ ته هي انڊيا جي صوبي ڪيرالا ۾ موجود هي اڇا ڪانوَ ڏسي وٺو ۔۔۔
دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو ۔۔۔
روزو ۽ نمـــــــــاز، اي پــــــــــــڻ چــــــڱو ڪــــــم،
اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي۔
روزو ۽ نماز ته ٺيڪ آ، چڱو ڪم آهي، مطلب اهي ته آهن فرض ۽ فرض ته هر حالت ۾ پورا ڪرڻا آهن۔
ٺيڪ آ ڪير فرض پورا ڪري ٿو ته۔
پر
او ڪو ٻيو فهم!!!
جنهن سان پسجي پرينءَ کي!!
ان ۾ وڏو فلسفو سمايل آهي، ته اهو ڪو ٻيو فهم ڇا آهي جنهن طرف ڀٽائي سرڪار اشارو ڪن ٿا؟