اردوءَ سان ڪنهن به سنڌيءَ کي نفرت نه آهي، ڇا مهاجر اردوءَ ۾ محبت جو پيغام ڏيندا؟ شيخ اياز هڪ ڀيري مان ۽ گيتا راج ڀوپال جي ڪنهن بالڪنيءَ ۾ بيٺا هئاسين. اڃان باک مس ڦُٽي هئي ۽ اسان ننڊهاڻيون اکيون مهٽي رهيا هئاسي ته سامهون رستي تي هڪ ريڙهي وارو ڏسي گيتا چيو ته ”هو سنڌي آهي.“ مون هن کي حيرت مان چيو، ”توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته هو سنڌي آهي؟“ گيتا چيو، ”عجب آهي، تون سنڌ جو شاعر آهين پر هڪ سنڌيءَ کي پريان سُڃاڻي نه ٿو سگهين! سنڌيءَ کي خاص رنگ روپ، نڪ سڪ هوندو آهي. مان ته هن کي پريان سڃاڻي وٺندي آهيان.“ اسين ٻئي پوءِ بالڪنيءَ مان لهي رستي تي وياسين. هو ڪيلا وڪڻي رهيو هو. مون هن کان سنڌيءَ ۾ پڇيو: ”ڪٿان آيو آهين؟“ هن جواب ڏنو: ”لاڙڪاڻي جو، گيان باغ جي ڀرسان رهندو هوس.“ مون پڇيو: ”هتي خوش آهين؟ گهڻو روز ڪمائيندو آهيان؟“ ”ڪمائيندو ته هتي گنج آهيان. اُتي ٻه رُپيا روز ڪمائيندو هوس، هتي ويهه رپيا روز ڪمائيندو آهيان. پر ٻَنِ پون اهي ويهه رپيا، اُهي ٻه رپيا چڱا هئا جي لاڙڪاڻي ۾ ملندا هئا. اُتي ديس ۾ ته هوس. هيئن پرديس جا ڌڪا ته نه کائيندو هوس.“ مون ماهتاب جي ڳالهه ٿي ڪئي. سنڌي مسلمانن ۾ ايتري ذهين، آزاد خيال ۽ ادب دوست عورت مون اڃان نه ڏٺي آهي. اسان چانهه پي رهيا هئاسي ته محبوب ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ سنڌي مهاجر ڇڪتاڻ ڏاڍي وڌي وئي آهي ۽ هو پاڻ کي نهايت غير محفوظ محسوس ڪري رهيا هئا. کين پنهنجن مهاجر پاڙيسرين تي به اعتبار نه رهيو هو. مون سوچيو ته ڇا هي مهاجر، جي هوا ۾ معلق هئا، هاڻي مذهب ۽ نظريي جون ڳالهيون ڇڏي چُڪا آهن؟ ڇا الطاف حسين مهاجرن کي سيڪيولر بڻائي سگهندو؟ ڇا، هو ڌرتيءَ جي رشتي جي باري ۾ سوچيندا؟ ڇا هُو اُهو ماضي وساري سگهندا جڏهن هو هندستان ۾ هندو اڪثريت تي هڪ هزار سال حڪومت ڪندا رهيا هئا؟ ڇا، هُو انهيءَ ڪوڙي احساس برتريءَ مان ٻاهر نڪري سگهندا، جو هنن کي هڪ هزار سال جي تاريخ ڏنو آهي، هي جي ترڪ، مغل، ايراني، اُزبڪ، تاجڪ وغيرهه هجڻ کي فخر سان ڏسن ٿا، جي مقامي ٻولين سان نفرت ڪن ٿا ۽ جن هندستانيءَ ۾ هزارين فارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح ٽُنبي اُردو زبان ٺاهي آهي ۽ ان لاءِ هندستان کي ٻه ٽُڪرا ڪيو آهي، پاڪستانُ ٻه ٽڪرا ڪيو آهي. ۽ هاڻي سنڌ کي ٻه ٽُڪرا ڪرڻ جا خواب لهن ٿا، تن جي فڪر ۾ تبديلي ممڪن آهي؟ ڇا، هُو اسان سان ڀائر ٿي رهڻ چاهيندا؟ سنڌ جي ڌرتي صدين کان فراخدليءَ جو ثبوت ڏنو آهي. جيڪي آيا، اُن ۾ ضم ٿي ويا. ڇا، هي جي هڪ هزار سال ۾ هندستان جي ڌرتيءَ ۾ ضم نه ٿيا، اسان جي ڌرتيءَ ۾ ضم ٿيندا!؟ مون ته اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي. مون کي فخر آهي ته مون اردوءَ ۾ جو محبت ۽ انقلاب جو پيغام ڏنو آهي، اُهو نه فيض ڏنو آهي، نه جوش، نه اُردوءَ جي ٻئي ڪنهن شاعر. ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي گولڊن جوبلي منهنجي اُردو نظم ”ميري ديده ورو، ميري دانشورو“ سان شروع ڪئي وئي هئي، جو وائسز گروپ ڳايو هو. اُردوءَ سان ڪنهن به سنڌيءَ کي نفرت نه آهي، پر ڇا، مهاجر اردوءَ ۾ محبت جو پيغام ڏيندا؟ ڇا هنن 1983ع واري ايم. آر. ڊيءَ جي تحريڪ نه ڏٺي هئي ۽ ان جو اندازو نه لڳايو هو ته سنڌي سياست ۾ ايترو اڳتي وڃي سگهن ٿا؟ ڇا ايم. ڪيو. ايم. مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سچ پچ جماعت اسلاميءَ ۽ جمعيت العلماءِ پاڪستان کي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ٽوڙي چُڪي آهي؟ اليڪشن ته ستر ۾ ڀُٽي به کٽي هئي ۽ ڪراچيءَ جا مهاجر ايستائين ويا هئا، جو جماعت اسلاميءَ وارن کي قائداعظم جي مزار تي لٺين سان ڪُٽيو هئائون، پر ڇا اُهي سوشلسٽ ٿي سگهيا؟ ڇا، هنن جي هندوءَ لاءِ نفرت، سنڌيءَ لاءِ نفرت ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ اسلامي ڀائيچاري جي ڳالهه هُو پنهنجي شرط تي ٿا ڪن؟ ڇا، اُنهن ۾ ڪوئي نه آهي جو ”ڪبير“ وانگر پيار جي فضا پيدا ڪري؟ هو هاڻي جڏهن سنڌ جي ڌرتيءَ کي پنهنجو ڪن ٿا ۽ باقي ٺڳيءَ جا ٺاهه رد ڪن ٿا ته حيدرآباد ۾ ايترو هراس ڇو ڦهلايو اٿائون؟ هو اسان سان هڪ سيڪيولر جمهوري پاڪستان جي مشترڪه جدوجهد ۾ شريڪ ڇو نه ٿا ٿين؟ ڪميونسٽ مهاجر سمجهدار آهن پر اُهي ٿورا آهن ۽ اُنهن ۾ به ڪجهه اردوءَ جي احساس برتري ۾ مبتلا آهن. اُردو نه فقط پاڪستان جي پر هندستان جي ڏهه ڪروڙ کان مٿي ماڻهن جي زبان آهي. اها ٽي سئو سال اڳ قلعهء معليٰ ۾ پيدا ئي رابطي جي زبان ٿيڻ لاءِ ٿي هئي پر ان کي نفرت ڦهلائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي! جيڪا اُردو حاليءَ جي نظم ”بيوه“ ۾ استعمال ڪئي وئي آهي، جي اُن سان زيادتي ڪري اُن ۾ ايڏا عربي ۽ فارسي لفظ نه ڀريا وڃن ها ته اردو برصغير جي مشترڪه زبان ٿي وڃي ها. جڏهن ٻوليءَ جي فسادن تي ڀُٽي اسلام آباد ۾ ڪميٽي ويهاري هئي تڏهن ريڊيو تي چيو ويو هو ته مان اسلام آباد اچان ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪيان. مون ڪميٽيءَ اڳيان ڏيڍ ڪلاڪ تقرير ڪئي هئي، جنهن جا حفيظ پيرزادي پنهنجي هٿ سان نوٽ ورتا هئا. مون ان ۾ چيو هو ته ”اهو ته مڃيو وڃي ته اسان سنڌين کي موهن جي دڙي ۾ پنج هزار سال اڳ ڪائي مهذب زبان هئي. ان جو خط عربي ته نه هو پر اها زبان سنڌي هئي، توڙي جو ٻئي ڪنهن خط ۾ هئي. اُها ٻولي اسان کي پياري آهي ۽ اُهو ورثو اسان ڪنهن به قيمت تي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيون“. ڀٽي صاحب، حفيظ صاحب جا ورتل نوٽ غور سان پڙهيا هئا ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي تقرير ڪندي مٿين ڳالهه نهايت زور سان دهرائي هئائين. اڄ تائين ٻوليءَ جو مسئلو حل نه ٿيو آهي. دراصل هڪ هزار سال جي شاونزم ايترو جلدي ته نه وڃڻي آهي. پر اردوءَ جو هي تضاد هنديءَ سان نه آهي، اُنهيءَ ٻوليءَ سان آهي جا عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي ۽ جنهن کي تاريخ پنج هزار سالن ۾ نهوڙي نه سگهي آهي.بشڪريه عوامي آواز
جواب: اردوءَ سان ڪنهن به سنڌيءَ کي نفرت نه آهي، ڇا مهاجر اردوءَ ۾ محبت جو پيغام ڏيندا ادا تمام پياري ونڊ آهي .