ڊپ جو علاج

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]هونءَ ته پنهنجو ايمان آهي ته، واڳ ڌڻيءَ جي وس آهي، پر تنهن هوندي به انسان جي هٿ ۾ ڪجهه عملي اختيار آهن ته جيئن هو دنيا ۾ امتحان پاس ڪرڻ جهڙو ٿئي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي آسان ۽ سهل ڪري سگهي، اچو ته ڪجهه نفسياتي مسئلن سان ڏاهپ ۽ همٿ سان منهن ڏيون.

    1. مونکي اڪيلي هجڻ کان ڀئو ٿيندو هو، پر تيستائين جيستائين مون پنهنجو پاڻکي نه سڃاتو هو.

    2. مونکي هارائڻ کان ڊپ ٿيندو هو؛ پر تيستائين جيستائين مونکي اها خبر پئي ته هارائڻ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن آءُ ڪا ڪوشش ئي نه ڪريان.

    3. مونکي ڪاميابيءَ کان ڀئو ٿيندو هو؛ پر تيستائين جيستائين مونکي اها ڄاڻ ٿي ته مونکي هر حال ۾ محنت ڪرڻي آهي.

    4. مونکي ماڻهن جي راين کان ڀئو ايندو هو، پر تيستائين جيستائين مونکي اها ڄاڻ پئي ته ماڻهون ته هر حال ۾ ڪا نه ڪا راءِ ضرور قائم ڪنٿا.

    5. مونکي ٺُڪرائجڻ جو ڀئو رهندو هو، پر تيستائين جيستائين مون کي اها ڄاڻ ٿي ته مونکي پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪرڻ گهرجي.

    6. مونکي ڏک ۽ سور کان ڀئو ٿيندو هو، پر تيستائين جيستائين مونکي ان جي خبر پئي ته اهو واڌ جي لاءِ ضروري آهي.

    7. مونکي سچ کان ڀئو ٿيندو هو، پر تيستائين جيستائين ڪوڙ جي ڪروڌي شڪل جي ڄاڻ نه هئي.

    8. مونکي حياتيءَ کان ڊپ ٿيندو هو، پر تيستائين جيستائين ان جي سهڻائپ جي خبر نه هئي.

    9. مونکي موت کان ڊپ لڳندو هو، پر تيستائين جيستائين اها ڄاڻ ملي ته موت آخرت ناهي پر شروعات آهي.

    10. مونکي قسمت کان ڀئو ٿيندو هو پر تيستائين جيستائين اها ڄاڻ نه ٿي هئي ته مونکي پنهنجو پاڻکي بدلائڻ جي سگهه آهي.

    11. مونکي نفرتن کان ڀئو لڳندو هو، پر تيستائين جيستائين مون اهو نه ڏٺو هو ته نفرت فقط بي علميءَ جو ٻيو نالو آهي.

    12. مونکي پيار کان ڊڄ لڳندو هو، پر تيستائين جيستائين پيار منهنجي دل ۾ اچي گهر ڪيو ۽ منهنجي اندر جي اوندهه کي نه ختم ٿيندڙ روشنيءَ سان ڍڪي ڇڏيو.

    13. مونکي کلڻ کان ڊپ محسوس ٿيندو هو، پر تيستائين جيستائين مون پنهنجو پاڻ تي کلڻ سکي ورتو.

    14. مونکي پوڙهپ کان ڊپ ٿيندو هو، پر تيستائين جيستائين اها خبر پئي ته هر ڏينهن جي گذرڻ سان آءُ وڌيڪ ڏاهپ طرف وڌي رهيو آهيان.

    15. مونکي مستقبل کان ڀئو ٿيندو هو، پر تيستائين جيستائين اها خبر پئي ته زندگي بهتريءَ طرف روان دوان آهي.

    16. مونکي ماضيءَ کان به ڊپ ٿيندو هو پر تيستائين جيستائين اها ڄاڻ ٿي ته ان مان مونکي وڌيڪ ڪو به نقصان ناهي ٿيڻو.

    17. مونکي اوندهه کان ڀئو لڳندو هو، پر تيستائين جيستائين مون ستارن جي روشنيءِ جو مزو نه ورتو هو.

    18. مونکي روشنيءَ کان ڊپ وٺندو هو، پر تيستائين جيستائن ڄاڻ پئي ته سچ سان وڌيڪ سگهه ملندي آهي.

    19. مونکي تبديليءَ کان ڀئو لڳندو هو، پر تيستائين جيستائين اها خبر پئي ته پوپٽ هڪ جيو گهرڙي (جيت) مان تبديل ٿي سهڻي پوپٽ جي صورت اختيار ڪري ٿو.
    [/justify]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڊپ جو علاج

    واھ سائين تمام بهترين۔۔۔۔ونڊڻ جي مهرباني سائين۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊپ جو علاج

    سائين نثار لاجواب ونڊ آهي

    سهڻيون ڳالهيون جيڪي يقينن اسان لاء ڪارائتيون آهن۔ مٿين بيان ڪيل گهڻين ڳالهين کان مونکي به ڊپ ٿيندو آهي پر اوهان جي راء کانپوء اهو ڊپ ڀڄي پوندو۔

    اوهان جا ٿورا جو اهڙا سهڻا ونڊ پيا ڪيو
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڊپ جو علاج

    جي سائين بلڪل تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊپ جو علاج

    ادا ابڙا صاحب توهان ڳالهيون ته تمام ڪارائتيون لکيون آهن، پر توهان اهيو ڪٿي به ظاهر نه ڪيو آهي ته اهي عقلي ۽ علمي نقطه ڪنهن جا آهن، بهتر اهيو ٿيندو ته اهيو به واضع ڪندا ته هي نقطه ڪنهن جا آهن۔
    اهي نقطه يا ڳالهيون لڳن ته ڪنهن انگريز دانشور جون ٿيون، مگر وري به توهان وضاحت ڪندا ته مهرباني۔ ​

    [​IMG]
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڊپ جو علاج

    دوست، اوهان بلڪل سهي چيو ته هي ليک هڪ انگريزي ليک جو ترجمو آهي، هي ليک منهنجي ياهو ميل ۾ Fropki yahoo group وارن طرفان موڪليل هو، جنهن ۾ ليکڪ جو نالو ته ڪون هو پر سخن ڪم جا هئا سوچيم ته سنگت سان ونڊ ڪجن ۔۔۔

    گل ته اوهانجي نئين بني ٿيڻ تي اوهانکي ڏيڻ کپن پر خئير اوهان جا گل اکين تي ۔۔۔

    سدا سلامت رهو ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو