ذوالفقار بھڻ
سينيئر رڪن
تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا
ساڳي رنگ جا،
تنھنجو رت، منھنجو رت
ساڳي رنگ جو،
تنھنجي منھنجي وچ ۾،
پوء ڇو ھيڏو ويڇو؟
تنھنجي بت مان خوشبوء ٻھڪي
منھنجي بت مان بوء اچي
لوڪ چوي ٿو،رو.ئڻ اچي ٿو
ڏس مان تيل ڦليل ڪيان ٿو
عطر عبير سان سنان ڪيان ٿو
پوء تون ڏس،ھا تون ڏس
تو ۾ مون ۾ آ ڪو ويڇو؟
چنڊ ھوا ۽ اس
تو لاٰٰٰءِمون لاء آھي ساڳي
گھر جو انڱڻ، گھر جي ڇت
تو لاٰٰٰءِمون لاء آھي ساڳي
تو لاء اسڪول، تو لاء رانديڪا
تو لاء روز ويس وڳا
مون لاء چولي آھي ساڳي
تو ۽ منھنجو امڙ ابو آھي ساڳيو
تو لاء آھي اعلي اسڪول
مون لاء ڇو پيلو اسڪول
جنھن منھنجي رڳ رڳ ۾
خوف جي آ پيلاڻ ڀري
تولاء ڪلب، تو لاء گاڏي
منھنجي ڪنڌ لاء تيز ڪھاڙي
ھن بدبودار اھڙي سماج لاء
ڇونھ کڻي ٿو يار ڪھاڙي؟
ھي طبقاتي نظام اکيڙي
ڪو شانت ڀريو نگر اڏجي
دنيا جي ھن گولي کي
سک برابري پيار جوسنسار بڻائي
مٽائجي ھر ھڪ ويڇو،
تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا
ساڳي رنگ جا،
تنھنجو رت، منھنجو رت
ساڳي رنگ جو،
تنھنجي منھنجي وچ ۾،
پوء ڇو ھيڏو ويڇو؟
ساڳي رنگ جا،
تنھنجو رت، منھنجو رت
ساڳي رنگ جو،
تنھنجي منھنجي وچ ۾،
پوء ڇو ھيڏو ويڇو؟
تنھنجي بت مان خوشبوء ٻھڪي
منھنجي بت مان بوء اچي
لوڪ چوي ٿو،رو.ئڻ اچي ٿو
ڏس مان تيل ڦليل ڪيان ٿو
عطر عبير سان سنان ڪيان ٿو
پوء تون ڏس،ھا تون ڏس
تو ۾ مون ۾ آ ڪو ويڇو؟
چنڊ ھوا ۽ اس
تو لاٰٰٰءِمون لاء آھي ساڳي
گھر جو انڱڻ، گھر جي ڇت
تو لاٰٰٰءِمون لاء آھي ساڳي
تو لاء اسڪول، تو لاء رانديڪا
تو لاء روز ويس وڳا
مون لاء چولي آھي ساڳي
تو ۽ منھنجو امڙ ابو آھي ساڳيو
تو لاء آھي اعلي اسڪول
مون لاء ڇو پيلو اسڪول
جنھن منھنجي رڳ رڳ ۾
خوف جي آ پيلاڻ ڀري
تولاء ڪلب، تو لاء گاڏي
منھنجي ڪنڌ لاء تيز ڪھاڙي
ھن بدبودار اھڙي سماج لاء
ڇونھ کڻي ٿو يار ڪھاڙي؟
ھي طبقاتي نظام اکيڙي
ڪو شانت ڀريو نگر اڏجي
دنيا جي ھن گولي کي
سک برابري پيار جوسنسار بڻائي
مٽائجي ھر ھڪ ويڇو،
تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا
ساڳي رنگ جا،
تنھنجو رت، منھنجو رت
ساڳي رنگ جو،
تنھنجي منھنجي وچ ۾،
پوء ڇو ھيڏو ويڇو؟
