زاهد سومرو
سينيئر رڪن
ڪافي دوستن جا تعارف متاثر ڪن لڳا سوچيم پنهنجي باري ۾ مان به ڪجهه سنگت کي ٻڌايان
ادا آءٌ زاهد حسين ذات سومرو سنڌ جي سهڻي ڌرتي جي هڪ ننڍي پر تاريخي ۽ تعليمي ماڳ پاٽ شريف سان واسطو رکان ٿو..
مخدومي جو لقب اسان کي پنهنجي مرشد ”حضرت الحاج مخدوم حافظ عبدالرحيم سومرو رحمت الله عليه“ جي طرفان مليل آهي
جڏهن ته الجميلي اسان جي هڪ روحاني جماعت جو نالو آهي
ميٽرڪ تائين پاٽ شريف جي انهن ئي ادارن ۾ پڙهيس جتان وڏا وڏا نالا علم جو فيض وٺي چڪا آهن جن ۾ علامه آئي آئي قاضي، رٽائرڊ جسٽس زيد اي چنه، حبيب الله صديقي، محترم ڪريم بخش چنه ۽ پروفيسر عبدالغني سومرو شامل آهن
استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر پاس ڪيم ۽ هاڻي ڪراچي شهر ۾ گورنمينٽ جي نوڪرڙي ڪري رهيو آهيان
منهنجي طبيعت ۾ فقيراڻو رنگ هر دوست پهرين نظر ۾ جاچي وٺندو آهي ان ڪري چرچا ڀوڳ ڪري تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر پنهنجي فقيراڻي طبيعت ڪري هر ڪنهن سان انهن جي رنگ ۾ شامل ٿيو وڃان
ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪافي آهي پر سنڌي ۾ گهٽ لکيو اٿم
پنهنجي مٺڙي ٻولي جي هن ساٿ واري فورم تي اوهان جهڙن پيارن ۽ اديب دوستن ۽ اوهان جي لکڻين کي ڏسي ڪري پنهنجين لکڻين کي خوش قلم بنائڻ جو شوق پيدا ٿيو.....
پنهنجي وس آهر فورم تي حصو اٽڪائيندو رهندس
آخر ۾ مان توهان کان معذرت گهرندس جيڪڏهن سنڌي لکڻ ۾ ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪندا.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت