ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟


    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ جيڪا امن جي ڌرتيء طور مشهور آهي، جتي محبت ۽ ڀائپيء جو درس ملندو رهيو آهي ، اها سنڌ قبيلائي جهيڙن ، قبيلائي رسمن جي ور چڙهيل آهي. سنڌ مان مُرڪون موڪلائي ويون آهن. پنهنجائپ ڪوهين ڏور هلي وئي آهي. جتي حياتيون ائين ٿيون لڻجن جيئن لابارو ٿئي. سالن کان دشمنيون پيون پاڙيون وڃن. ڪارو ڪاريء جو ليبل لڳائي معصوم حياتيون روز پيون انت اچن.

    جڏهن اسان جا حڪمران پاڻ انهن رسمن جو حصو ٿين ته اتان ڪهڙي چڱائيء جي اميد رکجي. هر طرف مايوسي ۽ بيوسي پکڙيل آهي، اونده ۽ انڌوڪار آهي. اتي ڳوٺن سان گڏ اسان جا شهر وري دهشتگردي ، ڌاڙن ، ڦر ۽ لوٽ مار جهڙين ڪارواين جو شڪار آهن اتي نامياري سنڌ دوست ليکڪ ۽ جاکوڙي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيء پاران قبيلائي رسمن جي خلاف انقلاب جو سڏ ڏنو ويو آهي. ڪامريڊ سوڀي جو اها اسان مٿان هڪ ٻيو احسان آهي جو پاڻ هن عمر ۾ به اهڙي جدوجهد جاري رکيو اچن.

    اسان سندس اهڙي عمل جي آجيان ٿا ڪيون ۽ سندس ساٿ ڏيڻ لاء تيار آهيون. پر سوال پيدا پيو ٿئي ته اهو سڀ ڪيئن ممڪن آهي ؟؟ اسان ان لاء ڪهڙي تياري ڪئي آهي ؟؟
    قبيلائي جهيڙن جي خاتمي ۽ هن مايوسيء جي لاء اسان کي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ کپي ؟؟؟

    اهي سڀ ۽ ان جهڙا ڪيئي سوال آهن جن جو جواب اچڻ کان اڳ هي سڀ ڪوششون بيڪار وينديون. اسان جا حڪمران جن م قبيلائي سردارن ، جاگيردارن ، وڏيرن ، سرمائيڪارن ۽ دهشتگردن جو وڏو تعداد موجود آهي جن جو هن سسٽم ۾ فائدو آهي سي اسان کي ڪامياب ٿيڻ ڏيندا ؟؟

    مان سمجهان ٿو ڪامريڊ سوڀي جو سڏ پنهنجي جاء تي پر هن جدوجهد لاء اسان کي تمام گهڻي تياريء جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي ماڻهن کي ذهني ۽ جسماني طور انقلاب يا جدوجهد لاء تيار ڪرڻ کان اڳ ئي ميدان ۾ لاهڻ ڪو فائديمند ڪونه ٿيندو. پر پوء به هي سڏ انقلاب طرف پهرين وک ضرور ثابت ٿيندو ۽ سنڌي ثقافت تي لڳل بدنما داڳ کي ڌوئڻ ۾ مددگار ٿيندو.[/JUSTIFY]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    ادا سليمان اوهان صحيح چيو ته انهن قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاء اسان کي تمام گهڻِ جدو جهد جي ضرورت آهي ۔۔
    ادا سنڌ ۾ ته سچ پڇو ته ماڻهون ماڻهون نٿو سڏائي سگهي ادا مان جڏنهن به خاص ڪري شڪارپور لاڙڪاڻي ، صادق آباد ويندو آهيان ته پاڻ کي ماڙيچو يا منگهواڙ ۔ سڏائڻ تي دل چوندي آهي ۔ نو ڪاسٽ نو ٽينشن ۔=))=))=))=))=))=))
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    ادا سليمان وساڻ اسانجي سنڌ جي ڳوٺن ۾ قبيلائي جهڙا۔۔۔ڪير ٿو ڪرائي اها ته سڀ کي خبر آهي۔
    پر مونکي نه ٿو لڳي ته اهي قبيلائي جهڙا اسانجي جان ڇڏيندا۔۔۔۔۔الله خير ڪري۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    جي ادا عاشق بلڪل توهان صحيع پيا چئو .
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    ادا علي سلام

    ڀاء اسان کي هن دلدل مان نڪرڻ لاء مانهن ۾ هڪ سوچ پيدا ڪرڻي پوندي۔ ڇو ته اسان سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي۔۔ جي سمجهون ٿا ته وري عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي۔۔ خبر ناهي ڪهڙو راڪاس گهمي ويو آهي جو انسان ، انسان جي ڪڍ پئجي ويو آهي۔ اسان پنهنجي ثقافتي قدرن ، رشتن ۽ رويتن کي ڇڏي اونداهي م ڪاهي پيا آهيون۔۔

    دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي سئين راه تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    ادا عاشق اوهان جي ڳاله برابر

    پر ڀاء ڪرڻ وارا ته اسان آهيون۔ اسان ٻين جي ڳالهين ۾ اچي ايئن ڇو پيا ڪيون۔ چند لوفر ۽ خراب ماڻهو پوري قبيلي کي پنهنجي سوچ ۾ يرغمال بنائي اهڙيون ڪاروايون پيا ڪن۔

    اسان کي ماڻهن ۾ ان سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو۔ انقلاب اڃان ڪوهين ڏور آهي۔ بس الله پاڪ اسان جي مدد ڪري باقي اسان جا ٽپڙ اهي ئي آهن۔ رب پاڪ تڏهن مدد ڪندو جڏهن اسان به وک اڳتي وڌائينداسون۔

    پاڻهي ايندم هوت ، پر ڪجھ آء به اڳڀري ٿيان
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    [justify]سلام هجي سنڌ جي ڏاهي، سنڌ دوست عمر ۾ بزرگي جي حد تائين پهچندڙ سوڀي گيانچنداڻي کي جنهن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي ڀلي ۾ گذرايندي هر در تي صدا بلند ڪئي آهي ۽ سڀني ڌرين کي پنهنجي سڌ ٻڌ سان سنڌيت جي ستي پيئاريندو رهيو آهي ۔۔۔

    سلام سلام سلام ۔۔۔

    سندس هي عمل به سنڌ جي ڀلائي طرف هڪ سهڻو قدم آهي ۔۔۔ هن قدم جي ڪاميابي ۾ سنڌ دوست ڌرين کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پوڙهي سڄڻ جي صدا تي لبيڪ چئي پاڻ ملهائڻ گهرجي ۔۔۔سنڌ جي ميڊيا، سنڌ جون قومپرست، ترقي پسند ۽ سماجي، مذهبي تنظيمن کي اڳتي اچي ان ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي ۔۔۔ جيئن ثقافتي غيرت ۾ سنڌ پاڻ ملهايو آهي بلڪل انطرح سان هن عمل ۾ به سنڌ دوستي جو ثبوت ڏيڻ گهرجي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اڱڻ جي دوستن کي هن عمل ۾ سوڀي گيانچنداڻي جي فڪر سان سهمت ٿيندي پنهنجي پنهنجي وس آهر برائي خلاف جهاد ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ جيتري برائي گهٽ ٿيندي اوترو سنڌ ترقي جون منزلون طع ڪندي ۔۔۔

    قبيلائي ويڙهه قومن کي اڏوهي جيئان اندران اندران کوکلو ڪري ڪيرائي وجهندي آهي ۔۔۔ اچو ته سچ جو ساٿ ڏيون ۽ قتلام کي روڪي پاڻ ملهايون ۔۔۔

    ياد ڪريو رب العالمين جا هي لفظ ته جنهن ڪنهن هڪ انسان جو بي گناهه قتل ڪيو ڄڻ تي سموري انسانيت جو قتل ڪيو ۔۔۔

    سنڌ ۾ قانون ۽ اخلاق جي حڪمراني قائم ڪيو ۔۔۔ مڙسي ڪيو ۔۔۔ اهو ڪم اوهان ئي ڪندا ڪو ٻيو اچي نه ڪندو ۔۔۔ هي اوهانجي گهر جو اڱڻ آهي انکي اوهان ئي صاف ڪندا ڪو ٻيو اچي نه ڪندو ۔۔۔

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    محترمي سوڀي جن جي اهڙي قدم کي جيترو به سارهجي اوترو گهٽ هوندو ۔۔۔ پر ادا سليمان جو سوال واقعي پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته آخر عملي قدم بابت ڇاڪجي۔۔۔؟
    جيتري قدر منهنجي ننڍي سوچ جو تعلق آهي ته توهان غور ڪيو ته ميڊيا جي ثقافتي نعري ڪيترو انقلاب آندو سنڌي ته ٺهيو غير سنڌي به اسان جي ثقافت سان محبت ڪرڻ لڳا۔۔۔ اهو هڪ انقلابي اعلان هو۔۔۔ ان سان ثابت ٿيو ته ميڊيا جو ڪردار اسان سنڌين لاءِ ڪيترو اهم آهي۔۔۔ منهنجي خيال موجب سنڌي ميڊيا ان بابت پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائي سگهي ٿي۔۔۔ جن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ زور ڏيڻو پوندو۔۔۔
    ٻيو ته تعليم جي کوٽ کي ختم ڪرڻو پوندو خاص طور اهڙن قبيلائي علائقن ۾ ۔۔ ڇو ته تعليم پرائڻ سان ئي نئون نسل اهڙن جاهلي ڪمن کان هٽندو۔۔۔ ان لاءِ اهڙن علائقن ۾ سرڪاري اسڪولن سان گڏو گڏ خانگي اسڪول ۾ کولڻ لاءِ مختلف ڌرين کي زور ڀرڻو پوندو۔۔۔
    اهو ڪم ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي۔۔۔ بس وقت گهرجي ۽ عملي قدم گهرجي۔۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...

    ڪامريڊ سوڀي جو سڏ

    زرار پيرزادو

    [JUSTIFY]ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ هن جهور ۽ ضعيفيءَ واري عمر ۾ به حيرت انگيز طور تي خاصو سرگرم، ڏيهاڙا ملهائيندي ۽ سيمينارن توڙي سياسي، ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ حصو وٺندي ۽ پنهنجي شعوري ۽ سياسي مشعل ٻاريندي نظر اچي رهيو آهي.

    ڪامريڊ سوڀو پنهنجي سوچ، نظرئي، توڙي عمل ۾ ڪنهن ريت به بيٺل نظر نٿو اچي، هو اڄ به پابنديءَ سان روزانو بي بي سي ريڊيو ۽ وائيس آف آمريڪا ٻڌي ٿو ۽ عالمي توڙي ملڪي سطح تي ٿيندڙ سياسي واقعن تي گهري نظر رکي ٿو ۽ پنهنجي آدرشن جي دنيا جا اڃا ٿو پيو خواب جياري.

    ڪامريڊ سوڀي سڄي ڄمار جيڪا جدوجهد پئي ڪئي آهي تنهن جو اهو پهلو ڪيڏو نه اتساهيندڙ آهي ته هو هن عمر ۾ به نه مايوس ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿڪو آهي، هو اڄ به وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺندي هر سال ڪو نه ڪو ٻوٽو ان اُميد سان پوکيندو آهي ته اهو وڌي وڻ ٿيندو، جڏهن ته هو پنهنجي جيل وارن ڏهاڙن دوران جن جن جيلن ۾ به رهندو هو، اتي گل ٻوٽا پوکي گل گلزاري ڦهلائي ڇڏيندو هو. جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ نظر بند هو ته پنهنجين زمين ۾ پنهنجن هٿن سان هارين کان مدد وٺندي سڄو باغ سائو ڪيو هئائين. ان باغ ۾ هن هر طرح جي ميون جون چڪيون به لڳرايون هيون ۽ پري پري پنڌ ڪري وڃي انبن جون اهڙيون چڪيون کڻي آيو هو جيڪي وڻ ٿي هر مند ۾ انب ڏئي هر پاسي جي ماڻهن کي حيران ڪنديون هيون.

    ڪجهه ڏينهن اڳ 10 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ملهايل انساني حقن واري ڏينهن جي موقعي تي هڪ پروگرام جي صدارتي تقرير ڪندي ڪامريڊ ڏاڍيون اهم ڳالهيون ڪيون آهن. هن ڌاڙيوالن تي انتهائي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ”کيس انگريزن نه پر ڌاڙيلن ئي پنهنجو ڳوٺ ڇڏرايو ۽ ان ڳوٺ ڇڏڻ جي نتيجي ۾ هن جو اهو سائو ستابو باغ به اجڙجي ويو، جنهن جي هر هڪ پاڙ ۾ ڪامريڊ جي هٿن جو پورهيو شامل هو. ڪامريڊ سوڀي ان موقعي تي سنڌ ۾ هلندڙ قبيلائي خوني جهيڙن ۽ تڪرارن کي ختم ڪرڻ جو پڻ انتهائي اهم سڏ ڏنو آهي.
    ڪامريڊ سوڀي جو خيال هو ته هاڻي جڏهن سنڌي ماڻهو متحد ٿي ڏينهن ملهائڻ لڳا آهن ته هاڻي انهيءَ ٻڌيءَ مان ٻيا به فائدا وٺڻ گهرجن. مثال طور قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ در در وڃي رُٺل برادرين ۾ سرچاءُ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙو ڪم ڪبو ته خود اهي قبيلا اسان کي مانيون به کارائيندا ۽ مانُ به ڏيندا. اها انتهائي خوشيءَ ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته سياسي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن ڪامريڊ سوڀي جي اُن سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني آهي.

    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ان عمر ۾ به قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ در در وڃڻ جي ڳالهه ڪري اڄ جي نسل کي قومي غيرت به ڏياري آهي ته جيڪڏهن ڪامريڊ ان عمر ۾ به اهڙو ڪم ڪرڻ جي همت ساري سگهي ٿو ته اسان آخر ڇو چپ ٿي ويهي رهيا آهيون.

    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪامريڊ سوڀي قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ مهم هلائڻ جو سڏ ڏئي ڪري ڄڻ ته بيٺل تلاءَ ۾ پٿر اڇلي ڇڏيو آهي، ڪيترائي ستل ضمير جاڳي پيا آهن ۽ اگهور ننڊ ۾ سُتل ڪيترائي جذبا اکيون مهٽي آرس ڀڃي اٿي پيا آهن.
    [/JUSTIFY]

    zarar_pirzado@yahoo.com

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ڪامريڊ سوڀي جي قبيلائي جهيڙن خلاف سڏ کي عملي موٽ ملندي ؟؟؟

    24 ڊسمبر تي برطانيا ۽ آمريڪا ۾ سنڌ ۽ سنڌيت لا ڪم ڪندڙ اداري ورلڊ سنڌي ڪانگريس World Sindhi Congress سنڌ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻي جي هن مقصد سان سهمت ٿيندي ان مقصد جي حمايت ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ قبيلائي ويڙهه کي نديندي سنڌين کي گذارش ڪئي آهي ته هو هن ڏکئي دور ۾ پنهنجا اختلاف ۽ قبيلائي جهيڙا ختم ڪري هڪ ٿي سنڌ دشمنن جو مقابلو ڪن ۽ سنڌ کي خوشحالي جي راهه تي وٺي وڃن ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو