راحيلا علي
سينيئر رڪن
سڀ کان پهرين ته پنهنجو تعارف ڪرايان ٿي، منهنجو نالو جيئن توهان مٿي پڙهي آيا هوندا، ته مونکي منهنجا امي ابو راحيلا جي نالي سان سڏيندا آهن ۔ ڇو جو هُنن ئي منهنجو نالو منهنجي اسڪول جي داخلا مهل راحيلا ئي لکرايو هو، ۽ جڏهن مان ڪجهه سمجهه ڀري ٿيس ته مون پنهنجي والدين کان انهي نالي جي معنى پُڇي ته منهنجي امي مونکي ٻُڌايو ته راحيلا جي معنى آهي راهه ڏيکارڻ وارو مطلب واٽ جو سُونهون، ان کان علاوه منهنجو جنم ڀومي مهراڻ واديءَ جو خوبصورت علائقو ٽنڊو محمدخان آهي، ان شهر کي آئون پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو سمجهان ٿِي ۔اهو به ٻڌائيندي هلان تي مان گُذريل سال کان مسلسل توهان جي سنڌ سلامت جو ڀيرو مهمان جي حيثيت سان ڀريندي رهي آهيان۔ انهي خوبصورت سنڌ سلامت جو ڏس پتو، ٽنڊو محمد خان جي شاعر، محترم نثاراحمد ناز ڏنو، ان کان علاوه مونکي تمام خوشي ان وقت ٿِي جڏهن منهنجي آرگنائيزيشن مومل ڊيولپمينٽ هڪڙو ايڪتا ڏينهن جو پروگرام ڪيو هو، نثار ناز کي ان جي شرڪت جي دعوت پڻ ڏني هُئم جنهن بلڪل پنهنجي خلوص سان اهو پروگرام سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪيو۔ جيئن ته منهنجي سنڌي ڪمپيوٽر ايتري اپ ٽو دي مارڪ ڪانهي ان هوندي به مان سنڌ امڙ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت واسطي سنڌي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ضرور به ضرور سکي پنهنجون سموريون صلاحيتون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪنديس، منهنجي تعليم ايم اي سوشالاجي آهي۔ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙي عورتن جي تنظيم مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي سرپرست آهيان۔جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان جي غريب سنڌي نياڻين لاءِ ڪمپوٽر سينٽر هلائي رهيا آهيون ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون۔ ان کان علاوه انساني حقن جي لتاڙ خلاف پڻ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۔ مونکي سنڌي شاعري ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري، شيخ اياز مرحوم جي شاعري، اردو ادب ۾ وصي شاهه پنجابي ۾ بابا بلي شاهه جي شاعري تمام گهڻي پسند آهي۔ جڏهن ته نثر ۾ امر جليل به ڏاڍو وڻندو اٿم۔ انشاالله وڌيڪ پنهنجا مضمون توهان سان ضرور شيئر ڪندس تيستائين يا علي مدد سنڌ سلامت ساٿ سلامت