همانگير سولنگي
سينيئر رڪن
دادو ۾ ڪالهه حضرت امام حسين عه ۽ جانثارن ساٿين جي قرباني جي ياد ۾ امام بارگاهه حسيني بٺ محلي کان علم پاڪ ۽ ذوالجناح سان گڏ ماتمي جلوس برآمد ٿيو. مومن سينازني ڪندا رهيا، ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه حيدري پهتو. حيدري چوڪ تي عزاداري ڪئي وئي بعد ۾ جلوس واپس امام بارگاهه حسيني پهتو. جڏهن ته ڳوٺ سيتا وليج، درگاهه سيد ادارا شاهه حسيني امام بارگاهه تان سيد غلام سرور شاهه جي اڳواڻي ۾ سيد محلي مان ذوالجناح علم پاڪ سان ماتمي جلوس برآمد ٿيو جلوس پنهنجي روايتي رستن تان ماتم ڪندو حسيني امام بارگاهه قلندري تي پهتو. ڳوٺ شير محمد سولنگي ۾ بارگاهه غازي عباس، قلندري بارگاهه مان ماتمي جلوس حاجن علي شاهه جي قيادت ۾ نڪتو. مرڪزي امام بارگاهه حيدري مڇي مارڪيٽ روڊ تي رات 9 وڳي مجلس عزا کي خطاب ڪندي مولانا غلام محمد چيو ته حضرت امام حسين عه سمورن جانثار ساٿين کي گڏ ڪري يزيد سان دين اسلام خاطر جنگ ڪئي. جنگ ۾ امام حسين عه 72 جانثارن سان يزيدي لشڪر کي شڪست ڏيئي ڪربلا جي ميدان کي رت سان رنڱي اسلام جو سر بلند ڪيو، جڏهن ته دادو شهر ۾ چانهه ۽ پاڻي جون سبيلون لڳايون ويون ۽ امام بارگاهن کي سينگاريو ويو. جڏهن ته ماتمي جلوسن جي نگراني لاءِ چوڪن تي ڪلوز سرڪٽ ڪئميرائون نصب ڪيون ويون آهن. جلوسن جي حفاظت پوليس ڪري رهي آهي. جڏهن ته ماتمي جلوس برآمد ٿيڻ ۽ مجلس وقت بجلي اک ٻوٽ جاري رهي جنهن ڪري مومنن ۾ ڪاوڙ ڦهلجي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته اهڙي وقت تي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.