• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محرم الحرام دوران دهشتگردي جي خطرن کي روڪڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن:شرميلا فاروقي

همانگير سولنگي

سينيئر رڪن
جي سيڪيورٽي پلان بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سنڌ پوليس هڪ مربوط نظام جوڙي محرم الحرام ۾ دهشتگردي جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ خاطر مناسب اپاءَ ورتا آهن. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ ٻڌايو ته مذهبي انتهاپسندي ۽ تشدد کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمن جي چرپُر، نگراني ۽ حفاظت ۽ ٻيا قدم هن حڪمت عملي ۾ شامل آهن. هن ٻڌايو ته مسافرن جي سفر دوران ڀرپور چڪاس ڪري ايندڙ ويندڙ رستن تي گهربل مواد سان عملدرآمد ڪيو ويندو. هن ٻين قدمن جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته محرم الحرام دوران جلوسن جي اڳواڻن سان پوليس آفيسرن جا اجلاس مذهبي رواداري کي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندا. محرم الحرام سيڪيورٽي پلان تحت موٽرسائيڪل تي ٻيلهه سواري تي پابندي ۽ هٿيارن جي نمائش روڪڻ کي هيٺين سطح تائين يقيني بڻايو ويندو. جڏهن ته سڀني مزارن جن ۾ قلندر لال شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، عبدالله شاهه غازي، قدم گاهه موليٰ علي حيدرآباد ۾ پڻ ان پلان تحت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته 301 ڪراچي، 220 حيدرآباد ۽ 144 سکر ريجن ۾ حساس هنڌن تي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سهراب ڳوٺ، لياري، ڪورنگي، گلبهار، اورنگي ٽائون، منگهوپير، قائدآباد ۽ نيو ڪراچي جا علائقا پڻ حساس قرار ڏنا ويا آهن. فوج پڻ اسٽينڊ باءِ ۾ ڪنهن به وڏي واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڏئي سگهي ٿي.
 
Back
Top