سنڌي شاعريءَ جو مزاج ( يادگار تقرير )

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي شاعريءَ جو مزاج ( يادگار تقرير )​

    شيخ اياز
    ۔19 ۔18 نومبر 1966ع تي سن ۾ بزم صوفياءِ سنڌ جي ڇهين ثقافتي ڪانفرنس منعقد ٿي، ان ۾ مشاعري جي صدارت شيخ اياز ڪئي ۽ هيٺين صدارتي تقرير ڪيائين.)
    سنڌي شاعريءَ جي پرک لاءِ برصغير جي پوريءَ شاعريءَ جي مزاج سان آشنائي ضروري آهي. منهنجي نظر ۾ شاعريءَ جو فن پنهنجي ڪمال تي پهچي، دقيق ۾ دقيق خيال جو اظهار سليس ۾ سليس زبان ۾ ڪندو آهي. پر ان زبان جي سلاست ۽ عام فهميءَ جي تهه ۾ فڪر ۽ فن جو اهو رچاءُ هوندو آهي، جنهن ۾ صدين جي سڳنڌ سميٽجي ايندي آهي. ڪنهن به عظيم شاعر جي هڪ سوليءَ سٽ تي تنقيد يا تبصري لاءِ، نه فقط هن جي موجوده معاشري جو جائزو ضروري آهي، نه فقط هن جي دور جي قومي ۽ بين الاقوامي تعصبات جو تجزيو ۽ انهن ڏانهن هن جي ردعمل جو مطالعو ضروري آهي، نه فقط شاعر جي داخلي زندگيءَ جي شعوري ارتقا ۽ ان تي هن جي خارجي زندگيءَ جي اثر پذيريءَ جو اندازو لڳائڻو آهي، پر هن جي تحت الشعور جي انهيءَ روشنيءَ کي به جاچڻو آهي، جنهن جا پاڇا هن جي شعور جي پردي تي پوندا رهن ٿا. جنهن ڪَٿڪليءَ جي نرت نه ڏٺي آهي، اهو ڪاليداس جي ڪويتا جي پوري هڳاءَ ۾ ويڙهجي نٿو سگهي. جنهن رگ ويد ۾ وايو پرجينا، اوشا، ارنياني، راتري جي باري ۾ گيت نه پڙهيا آهن، جنهن کي اها ڄاڻ نه آهي ته هوا، برسات، باک، جهنگل ۽ رات جي باري ۾ اڳ ڇا ڇا ڳايو ويو آهي، ان لاءِ ميگهه- دوت جي روح تائين رسائي ناممڪن آهي ۽ جنهن ڪاليداس جي ميگهه- دوست ۾ اهو نه پڙهيو آهي ته ڪاليداس بادل کي آڏو آڻي چيو ٿو ته:
    ”اتي کليل کڙڪين مان واجهه- وجهندڙ، وار- سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ، تنهنجي سرير کي ڳورو ڪري وجهندي.
    ”محل جا مور نچي نچي تنهنجو سوا گت ڪندا، جيڪڏهن تون ٿڪجي پوين ته رات ڦولن جي سڳنڌ ۾ ويڙهيل سراين مٿان گذارجانءِ، سرايون جن جا اڱڻ سندر نارين جي پيرن جي مينديءَ سان لال ٿي چڪا آهن.“
    جنهن ميگهه- دوت ۾ اِهو نه پڙهيو آهي، تنهن کي ڀٽائيءَ جي اڄاتي تاڃي پيٽيءَ جي ڪهڙي پروڙ پوندي، هن کي ڪهڙي خبر ته ڀٽائي جي سٽ سٽ ڪهڙي ڪهڙي آتڻ ۾ اُڻي وئي آهي؛ ان کي ڪهڙي ڄاڻ ته اهو ڪهڙي ڪهڙي جڳ جو جادو آهي، جنهن ’سر سارنگ‘ سرجيو آهي. سر سارنگ جي هيءَ سٽ:
    ’سرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن‘
    يا مومل راڻي مان هيءَ سٽ:
    ’مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن‘
    يا سر کنڀات جي هيءَ سٽ:
    ’سڄڻ سُتا ولِهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور‘
    اِنهن سٽن ۾ اهو جسماني خوشبوءِ جو ڦهلاءُ آهي، انهن جي تحت الشعور ۾ جسماني شاعريءَ جي اها روايت آهي جا اُمارو، ڪاليداس ۽ ڀرتري هريءَ کان هلي آهي ۽ جا ديس واسي، اچي سنڌي ادب ۾ عنبير جيئن مهڪي آهي.
    شڪنتلا جي باري ۾ ڪاليداس چيو آهي:
    ”هوءَ هڪ اهڙي ڦول وانگر آهي، جنهن کي نه سنگهيو ويو آهي،
    هڪ اهڙي پن وانگر آهي، جنهن کي هٿ سان نه ڇڳو ويو آهي،
    هوءَ هڪ موتي آهي، جنهن کي ڪنهن هار ۾ نه پويو ويو آهي،
    هوءَ ماکي آهي، جنهن کي اڃا تائين ڪنهن نه چکيو آهي.“
    ۽ ڀٽائي انهيءَ تهذيب جي عطربيزي هن سٽ ۾ آندي آهي:
    ”ڪنواريون ۽ ڪنول، هل ته پسون ڪاڪ جا.“
    ۽
    جههِ تَڙ ڌُوڙئون ڌُون، چوٽا چندن چڪ ڪئو.
    اَچن ڀونر ڀنڀولئا، پاڻيءَ تهين پُون.
    راول رَتو روُن، ڪو وه لڳو واسئين.
    اِها خوشبوءِ اُنهيءَ ول جي خوشبوءِ آهي، جا پن- جهڙ ۾ مرجهائجي ويندي آهي ته به پنهنجا ٻج ڌرتيءَ تي ٽيڙي پکيڙي ويندي آهي ۽ ميگهه ملار ۾ اهي ٻج ڦٽي وري ڪائي ول پيدا ڪندا آهن، جنهن جي هڳاءَ سان آس پاس واسجي ويندي آهي. هن ڌرتيءَ جي ثقافت اهو گلريز تسلسل آهي، جو ٻه صديون اڳ ڀٽائيءَ جي ڏات ۾ ڦلارجي، سنڌڙيءَ جي ڇپر ڇپر ۾ ڇاٽ ٿي آيو.
    هڪ پراڪرت گيت آهي:
    ”رات هوءَ مسافر لاءِ پلال وڇائي ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهي هئي، ۽ باک ڦٽيءَ جو انهيءَ پلال کي ڪٺو ڪري روئي رهي هئي!“
    جوانيءَ جي انهيءَ ڪيفيت جو اظهار، جو هِن ننڍي کنڊ جي گيت گيت ۾ آهي، ڀٽائيءَ ساڳئي رنگ ۾ سرديسي ۾ آندو آهي:
    ”مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين.“
    يا ساڳئي سُر جي هڪ وائيءَ جون هيٺيون سٽون:
    لڪون لڳن ڪوسيون ڏاڍا تپن ويهه،
    وو! ڇڏي تون ڪو ڇپر ويندين!
    اهڙا هزارين مثال آهن، جنهن ۾ هن جندڙيءَ ۽ ان جي ڏک سک، پيار ۽ پڇتاءُ، ريت ڪُريت کي گيت ۾ سمايو ويو آهي ۽ جنهن جو پڙاڏو ڀٽائي جي ڀٽ تي ٻڌو ويو آهي. انهيءَ يڪتاري جي تار ۾ صدين جي سنگيت جو پڙلاءُ آهي ۽ آڱرين جي ڇهاءَ ۾ ڪائي آدجڳاد آهي. هن ڌرتيءَ جي ڪائي دين آهي، جا جهوليءَ جهوليءَ ورهائبي رهي آهي ۽ فقط هڪڙيءَ ڏات جو ڏاج نه آهي.
    مون ڀٽائيءَ جي اُلوهيت ۾ به اهوئي آواز ٻڌو آهي. هي انسان جي روحاني مساوات جو پيغمبر اهوئي پيغام دهرائي رهيو آهي، جو نرگس واد ۽ پريم مارگ ۽ ڀڳتي تحريڪ جي شاعريءَ ۾ آهي، جنهن کي ڪبير، ميران ٻائيءَ، سورداس، ملڪ محمد جائسي، رحيم خانان پنهنجن دوهن، چوپاين ۽ گيتن جي ذريعي هن ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو ۽ جنهن کي سرمد ۽ دارا شڪوه پنهنجي رت سان ريٽو ڪيو.
    برصغير ۾ جي به انسان مساوات جون روحاني تحريڪون پيدا ٿيون، جن انسان کي تعصب، تفرقي بازيءَ، ابن الوقتيءَ ۽ خودپرستيءَ خلاف تلقين ڪئي، جن انسان جي خمير ۾ ضمير کي سڀ کان اهم درجو ڏنو ۽ دولت ۽ اقتدار جي حوس کي هن جي روحاني ترقيءَ لاءِ رڪاوٽ سمجهيو، انهن سڀني تحريڪن جو تَتُ ڀٽائيءَ جي بيت ۽ وائيءَ ۾ سمايل آهي. شاهه جو رسالو سماوي الهام نه آهي، اهو هن ڌرتيءَ جو الهام آهي، جو هوءَ ڪيتري وقت کان سيني ۾ سانڍيندي آئي هئي ۽ جڏهن ان جو پيغمبر پيدا ٿيو، تڏهن ان جي واتان اهو پيغام گل ڦل ٿي پکڙجي ويو.
    جسم ۽ روح جي شاعريءَ جي انهيءَ مڌر ميلاپ، ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي انهيءَ انوکي سنگم ۾ ئي ڀٽائيءَ جي انفراديت آهي. ڀٽائي سنڌ ۾ هند جي پيونديءَ مان اهو اسريل ميوو آهي، جنهن جي جڙ پراڻي آهي، پر ذائقو نرالو آهي.
    مون ڪبير ۽ ڪجهه ٻين هندي شاعرن ۾ انسان جي عملي زندگيءَ جي چرخي سان تشبيهه پڙهي آهي ۽ سُر ڪاپائتيءَ ۾ ڏنل پيغام جو ماخذ ڳولي سگهيو آهيان. پر مون پوري برصغير جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به نه پڙهيو آهي ته ازلي حقيقت کي ڏُٿ سان تشبيهه ڏني ويئي هجي، يا جنهن ۾ انسان جي دائمي جستجوءَ کي ڏوٿيئڙي ۾ مجسم ڪيو ويو هجي، ڀٽائيءَ سر کاهوڙيءَ ۾ ڪيو آهي.
    ”سمر ڪيائون سُڃ ۾، ڏوري ڏُٿ لهِي.“
    انهيءَ ڌرتيءَ جي پيغمبر جي صدا آهي، جنهن انسان جي مادي ۽ روحاني ضرورتن ۾ هڪ پاينده رابطو ڳولي لڌو آهي.
    پر اها ڏات هن ڌرتيءَ جي دين آهي. اوهان ميئين عنات جو ڪلام پڙهيو هوندو، ته اوهان ڏٺو هوندو ته عنات ۾ به اهيئي لوڪ- ڪهاڻيون، تمثيلون، محاورا، رومزه جو استعمال، استعارا، علامتون، ادبي اشارا، تشبيهون، تخيل، ڪلام جي فصاحت ۽ زبان جي سلاست سڀ ساڳئي رنگ روپ، سَڄ ڌَڄ سان ملن ٿا، جيئن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آهن. تاريخ جي ستم ظريفيءَ سنڌي ٻوليءَ جون ان کان اڳ جون تخليقون ناياب ڪري ڇڏيون آهن، نه ته انهن روايتن جو سلسلو ڳولي سگهجي ها ۽ انهن جو ناتو هزارين صدين سان جوڙي سگهجي ها. پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته شاهه لطيف جو وجود ڪائي ازلي شعبده بازي نه آهي، پر هن ڌرتيءَ جي فن ۽ فڪر جي درجي بدرجي ارتقا جو حاصل آهي؛ ۽ جڏهن شاهه لطيف آيو، تڏهن سج جيئن ڇانئجي ويو، جنهن جي اُهاءَ ۾ ٻيا ’تارا، تر، تِروڪڻيون‘ ڍڪجي ويا، ۽ پنهنجي جوت ايتري جرڪائي نه سگهيا، جيتري انهن ۾ جِلا هئي.
    صديون چمڪي، اوچتو اهو سج گرهڻ ۾ اچي ويو. ديومالا ۾ آهي ته راهوءَ جهڙا دئيت جڏهن سج کي وَٺُ ڪندا آهن، تڏهن سج گرهڻ ٿيندو آهي. سنڌ جي جديد شاعريءَ جڏهن اک کولي، تڏهن ان جي چوڌاري اوندهه نظر آئي. زندگيءَ جا قدر بدلجي چڪا هئا. فاشزم جا ڪوڙا ڪردار چوٽيءَ جا شاعر ٿي سمجهيا ويا. انصاف، امن، انسان دوستيءَ جي سج کي انهن جي شاعري گرهڻ جيئن ويڙهي چڪي هئي. اسان ڏٺو ته اسان جا شاعر تصوف وارو انساني برادريءَ جو پيغام وساري چڪا آهن، تخليقي قوت کي تعصب جي ڌٻڻ ڳڙڪائي چڪي آهي، شاعري فقط لفاظي آهي، نقالي آهي، ادبي شعبده گري آهي ۽ ان ۾ سچائي جي بوءِ به نه رهي آهي. اسان ڏٺو ته اسان جي ثقافت جي جڙ ڪٽجي چڪي آهي ۽ جا ثقافت اڳ واڙيءَ ڦل جيئن وڌي هئي، اها بي پاڙيءَ ول جيئن ڦهلجي رهي آهي، جا اسان جون ساريون صلاحيتون سڪائي ڇڏيندي. اسان ڏٺو ته ڀولڙا تاريخ جي مداريءَ جي هٿ ۾ نچي رهيا هئا ۽ شينهن پنجوڙ ڏسي پاسي ٿي ويا هئا.
    ان وقت اسان سوچيو ته اسان جي نجات ان ۾ آهي ته ڀٽائيءَ سان پنهنجو سلسلو جوڙيون ته اهي روحاني قدر، جي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي جان ها، تن کي جديد شاعريءَ جو سنگ- بنياد ڪيون، ته هن ڪوڙ جي سڙاند ۾ وري اها سچ جي سڳنڌ ڦهلايون، جنهن کان هن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ وانجهي ٿي چڪي آهي. مومل به نئين، مينڌرا به نوان، پر ڪاڪ پراڻي هئي. اسان ان تي پنهنجا رنگ رتول اڏيا، ۽ مستقبل فيصلو ڪندو ته اسان جي جديد شاعريءَ تي به ڪي صديون ڀونر ڀنڀوليا ايندا يا نه!
    حال جو ازلي منصف مستقبل آهي. فقط ان جي فتوا اٽل آهي ۽ مستقبل ئي فتوا ڏيندو ته جو پيغام سنڌ جي جديد شاعريءَ ڏنو آهي، ان ۾ هن برصغير جي ڪوڙهئي ضمير جو علاج آهي يا نه. زندگي ’ڪوهِ بي ستون‘ سهي، پر جي ڪوهڪن جي ضرب ۾ ’جُوءِ- شير‘ جي تلاش آهي، ته تاريخ هن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪيو آهي. سنڌجي جديد شاعريءَ جو پيغام هي آهي:
    ته ڀٽائي عظيم آهي، پر سنڌ عظيم ترين آهي، ته ڀٽائيءَ سان اسان جو سلسلو دراصل پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان ناتو آهي؛
    ته سنڌ جي ڌرتي انهيءَ انساني اقتدار جو سرچشمو آهي، جنهن ۾ برصغير جي مرده ضمير لاءِ آب حيات آهي؛
    ته ڏات سستي آهي، ۽ ضمير مهانگو آهي، ۽ ضمير جي حصول لاءِ سر جو سودو سهانگو آهي؛
    ته فن جيستائين زندگيءَ جو ضمير نه آهي، تيستائين اهو پاڻيءَ تي چِٽُ آهي، ان ۾ ڪائي پايندگي نه آهي.
    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو