سنڌ سلامت جا دوستو، ڪڏهن ڪڏهن هينئڙو اڻ ڏٺا آرا ڪندو آهي، پوءِ اهي اڻ ڏٺا آرا، شاعريءَ جي صورت ۾ عجيب ۽ غريب لفظن جي صورت ۾ هُجن يا، ڪنهن خالص سنڌيءَ واري صنف ڇند يا دوهن جِي صورت ۾ هُجن، بس مُنهنجي هيءَ شاعري به انهن صنفن جو سنگم آهي. بس ڪنهن جي ياد آهي، يا ڪوئي ياد اچي پيو، امن جو پکيئڙو ساکي آهي، کيس التجا ڪري چيو پيو وڃي ته چنڊ چاهت جو چئجان چڙهي ويو چيٽ تُنهنجون راهو تڪي ڪوئِي پِپِرَ جي هيٺ بس جيڪو ڪجهه آهي توهان جي سامهون آهي پنهنجا مائنس پلس ڪامينٽس ضرور ضرور اماڻجو. من هن بيمار حال شاعر کي ڪو پُرسو اچي وڃي.
سوا ”ناز“ تُنهنجي چئجان هتي ڀلا ڪير ڀري وڃ مٺا تون ڀري ڀري وڃ پير.. محترم سائين اوهان لکيو آهي ته پنهنجا مائينس ۽ پلس ڪمينٽس ضرول لکجو..... پر سائين مان مون اوهان جي شاعري جون نالي واريون سٽون کنيون آهن..... مطلب شاعر پنهنجي محبوب سان محبت جي ايتري ته انتها ڪري ڇڏي جو انهي کي سوا انهي جي ڪو ٻيو دنيا ۾ نظر ئي نه ٿو اچي...... جڏهن محبوب بظاهر ڏورانهن هليو ويندو آهي ته عاشق انهي جي هڪ ديدار جي جهلڪ لاءِ ترسندو آهي... ۽ ائين شاعر نيٺ التجا واري انداز ايترو چئي رهيو آهي... پنهنجا مبارڪ پير اسان جي اڱڻ ته ڀري آ ته اسان جي دل کي ڪو قرار ملي.. سائين خبر ناهي مون صحيح لکيو يا غلط، لکڻ ايترو ڪونه ٿو ڄاڻان پر اوهان جي پلس مائينس واري سوال منجهائي وڌو.... نه ته مان به ائين واه واه سائين ڪري روايتي انداز مان جواب ڏيان پر اهو روايتي انداز جو مقصد اهو نه ته اوهانجي شاعري پسند نه آهي... محترم اوهان جي شاعري اسان کي بيحد پسند آهي... وڌيڪ مائينس پلس ڪمينٽس ڏسڻ لاءِِ دوستن جا جواب ڏسڻا پوندا.......... پر اميد سائين نثار ابڙو مان گهڻي آهي ڇو جو سائين هڪ وڏي اديب شخصيت آهي........... sindhsalamatsaathsal
واهه سائين واهه تمام بهترين غزل آهي. + + + = + - + - = + سائين مٿين فارمولي جو مطلب آهي ته انهي ۾ ايتري ته مضبوط آهي جو دنيا مضبوط شيءِ به هن جي اڳيان پنهنجا گوڏا ڪوڙي ويندي. ڇو جو اهي ٻئي پازيٽو ۾ آهن. ۽ جڏهن ٻهه پازيٽو چارجز پاڻ ۾ ملنديون آهن ته انهي جو خبر پوري دنيا کي پوندي آهي . سائين تمام بهترين
ادا جميلي، تُنهنجي مهرباني جو تو مُنهنجي شاعريءَ تي پنهنجا ڪامينٽس وچٿرا رکيا آهن، مون سڀني سڄڻن کي گُذارش ڪئي هُئي ته واڌو ڪاٽو پنهنجا رايا ڏيو. تو گس ئي وچولو ورتو آهي. مونکي خبر ئي ڪانه ٿي پئي ته مُنهنجي نالي واري دوهي تي تون چوڻ ڇاٿو چاهين. ها ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ئي ناهي ته مون پهرين ئي چيو هو ته ڳالهه سنيهي جي آهي، صرف سنڌ ڇا پر دنيا جي هر تهذيب ۾ ڪبوتر کي پيغام ڏيندڙ پکي ڪوٺيو ويندو آهي. سو هتي هي شاعر انهيءَ پيغام ڏيندڙ پکيءَ کي پنهنجي دل جون سموريون ڳالهيون ٻُڌائي پيو باقي تون سمجهو آهين هر ڳالهه سمجهي چُڪو آهين. بس ڳالهه محبت جي آهي، تون مونکي خبر آهي ته شاعريءَ کان وڌيڪ شاعر کي صفا پنهنجو ٿو سمجهين. ۽ اها ئي ڳالهه هن مسڪين شاعر جي وڏي ۾ وڏي اساس آهي.
مٺا وهاب شل جُڙيو هُجين. آخر ته تون اڪائونٽ جو ماڻهو آهين، ان ڪري مائنس پلس وارو فارمولو هتي به يوز ڪري ويٺين. ۽ ها مُنهنجي خيال ۾ واڌو ڪاٽو تي ئي ساري دنيا مالڪ ڪل ڪائنات خلقي آهي. جيڪڏهن صرف ڪاٽو هُجي ته واڌو کي ڪير تسليم ئي نه ڪري ۽ جيڪڏهن صرف واڌو ئي واڌو جي دنيا هام هڻي ۽ ڪاٽو کي ڪير پُڇي به نه تڏهن به دنيا جي گاڏي چُرندي به ڪونه. بهرحال توهان کي مُنهنجي شاعري وڻي توهان جو شڪر گُذار آهيان.
ادا ناز سائين حق موجود ڀائڙا پاڻ ته آهيون ئي پرديسي ... ديس کان ڏور، دل جي دنيا کان ايترو پري جو خوابن جو ئي آسرو آهي ... مارئيءَ واري حالت آهي ... جسو هت آهي ۽ روح اوهان وٽ ... جدائيءَ جي عنوان تي چيل شاعري جڏهن پڙهندو آهيان ته روئڻ هارڪو ٿي پوندو آهيان ... انڪري ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سنڀالڻ لاءِ ” داستان مارئيءَ“ کي ٻرانگهه هڻي ٽپي ويندو آهيان ... نه ته روئي روئي حال بي حال ٿي ويندو ماشاء الله، اوهانجا خيال ۽ ٻول ته هونءَ به انتهائي سهڻا ۽ دل تي حملو ڪندڙ هوندا آهن ... سو ڪڏهن ڪڏهن اوهانجي شاعري پڙهي گهڻو سوچيندو ناهيان ۽ اڳتي وڌي ويندو آهيان ... نه ته پاڻ سياڻا آهيو ... الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين سدائين گڏ shal judy hujeen
سائين نثار ناز صاحب توهان جي شاعري تمام بهترين شاعري آهي انهي ۾ منهنجي پاران توهان ڪمينٽس پلس ۾ ئي آهن الله توهان کي وڏي حياتي ڏئي توهان اهڙي شيئرنگ جاري رکجو .
مٺا نثار ابڙا: مونکان ڪا شاعري لکجي ويندي آهي. جيڪڏهن ان ۾ جُدائيءَ جي جهوري هوندي آهي. ته قسم سان مونکي تون ڏاڍو ياد ايندو آهين. بس پوءِ مولا ٿو ڄاڻي مُنهنجي شاعريءَ ۾ نثار ناز ڪونه هوندو آهي پر سڄو سارو ”نثار ابڙو“ هوندو آهي۽ بلڪل ائين لڳندو اٿم ته نثار ابڙو مُنهنجي اندر ۾ ويهي اها شاعري لکي ويندو آهي. مٺا لطيف سائين فرمائي ٿو ته سَنِهيءَ سُئِي سِبِيو مُون مارُوءَ سين ساهه ويٺي ساريان، سومرا! گولاڙا گاهه هِنئُون مُنهنجو هُت ٿيو، هت مِٽِي ۽ ماهه پَکن مَنجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽَ ۾سائين ابڙا ڏس وري به سُر مارئي وارو بيت لکي ويو آهيان. بس مان ته سدائين لطيف سائين جو هي بيت پنهنجي ڳِچِي ءَ ۾ تعويذ ڪري ٻڌي گهمندو آهيان ته ڳوليان ڳوليان مَ لهان شال مَ مِلان هوت من اندر جا لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي !!! مونکي خبر آهي ادا نثار توکي پنهنجن پرين سان ملڻ جي لوچ اصل ساڻو ڪري وجهندي هوندي پر وري به چوندس ته ماندي ٿي نه مارئي تُنهنجو الله به ته آهي سئو ورهن جا ڏُکڙا هو لحظي منجهه لاهي هُو اهڙو ئي مالڪ آهي جو ماڳ پهچائيندئي مارئي. مٺا واقعي حق موجود ۽ سدا موجود شال جُڙيو هُجين پنهنجن پيارن سان
سائين توهان جي لکڻي جو اهڙي هئي جو مونکي مجبورن فارمولو استعمال ڪرڻو پيو. lajwab-sharing hatt-pare asul matt shal judy hujeen khil sahi sindhsalamatsaathsal
ادا وحيد ڦلپوٽا: جُڙيو هُجين شال پنهنجي پيارن نينهن وارن سان. تو دل سان چيو قسم سان مان به دل سان سان مڃيو آهي ته تُنهنجا ڪامينٽس مون واري هن شاعري تي پلس ۾ آهن دوست اهو توهان سنڌي سڄڻن جو ته پيار آهي، جو مان لکان پيو، توهان جا قرب ادا وحيد وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن. مهرباني ادا وحيد ڦلپوٽا
مٺا وهاب تُنهنجو اهو فارمولو اصل اکين تي۔ توهان جا قرب ۽ توهان جا اهي پيار مان وسارڻ به چاهيان ته نه وساري سگهندس۔ يقين ڪر وهاب توهان جي انهيءَ خلوص جي ڪري مُنهنجي زندگيءَ جو گاڏو رڙهي پيو۔ لک لائق قمبراڻي
واه سائين واه تمام بهترين شاعري آهي شل جڙيا هجو سائين پر اڄڪلهه موبائلن دنيا گڏي ڇڏي آهي خط جي ضرورت گهٽ رهي آهي ۽ اهي ڪبوتر ئي ڪٿي جيڪي پرين ڏانهن سنيها کڻي وڃن پر سائين اوهان جي شاعري پڙهي ڪري دل ۾ خيال آيو اٿم ته مان هن عمر ۾ هڪ ڪبوتر ضرور پاليان من ڪڏهن پرين ڏانهن پيغام کڻي وڃي شل جڙيا هجو آباد هجو سائين اوهان اهڙي نوازشن کان اسان کي محروم نه ڪجو مهرباني اوهان جي
تون به سچ ٿو چئين مٺا، پر اسان جي پرين وٽ ۽ اسان وٽ اڃان تائين موبائل ناهي، ڪبوتر جيئن ته امن جو پکيئڙو آهي، محبتن ۽ چاهتن جو پيغامي پکي آهي، ان ڪري ان پکي کي شاعريءَ جي سيمبول طور ڪم آندو اٿم۔ توکي مُنهنجي شاعري سُٺي لڳي نوازشون ٿورا عنايتون۔ مهرباني ادا علي علي
سائين نثار صاحب تمام بهترين شاعري پيش ڪئي اٿوَ۔۔۔ ادا علي علي ها واقعي اڄ ڪلهه موبائيل جي ميسيجن جو دور آهي۔۔۔۔ ۽ ڪيترو پري به ڇو نه هجي پر ڪال ڪا مهانگي به نه آهي۔۔۔۔ پر سچي ڳالهه ته اها آهي ته جيڪو مزو خط جو آهي اهو موبائيل ميسيج جو ڪاٿي۔۔۔۔ جيسيتائين محبوب جو ٻيو خط نه ملي بس هڪ کي ئي بار بار پڙهڻ تي دل مجبور ڪندي آهي۔۔۔ ڪڏهن سيني تي ڪڏهن اکين سان لڳائڻ ته عادت آهي۔۔۔ ۽ سڪون جو سبب به ۔۔۔۔ هن کي پڙهڻ دل سان لڳائڻ ۽ چهري سان ويجهو ڪرڻ سان جيڪا خوشبو محسوس ٿيندي آهي ۽ جيڪا راحت ملندي آهي اها موبائيل جي ميسيج ۾ آهي ڇا؟؟؟؟ ٻڌو اٿم ته سائنسدانن هاڻي چانهن جي جاءِ تي هڪ ٽڪي ٺاهي آهي جيڪا کائڻ سان چانهن واري توانائي حاصل ٿيندي آهي پر توکي خبر آهي ته چانهن جي چسڪي ۽ ڪپ جي کڙڪاهٽ جو مزو اها ٽڪي ڏئي سگهندي۔۔۔۔؟؟؟
الا ! ادا رشيد اصل ڀڃي ڇڏيئي، ڪٿي ڪبوتر، ڪٿي، موبائل، ڪٿي خط، ڪٿي پرين پيارا، ڪٿي سنيها ۽ ڪٿي سائنسدانن جو بنايل حب جنهن مان چانهن جي چُسڪي، ۽ ڪوپ جي کڙڪاهٽ، ابو ظلم ٿي ويو جب بهار آئي تو صحرا ڪي طرف چل نڪلا، صحن گُل ڇوڙ چلا دل ميرا پاڳل نڪلا
ادا رشيد اوهان سچ ٿا چئو ادا موبائل جو ميسيج ته ان بوڪس ڦل ٿيڻ کان پوء ماڻهون ڊيليٽ ڪري ڇڏيندا آهن پر ادا خط ته دل ۾ سانڊهي رکبا آهن ادا مون وٽ اڄ به جواني جي دور ۾ لکيل خط پيل اهن ڪڏهن ڪڏهن انهن تي سامان ڳولهيندي نظر پوندي آهي ته اصل جواني واپس اچي ويندي آهي ۽ يقين ئي ناهي ايندو ته ڪي مون اهي خط لکيا هئا ۽ مون وٽ ڪجه اهڙا انمول خط پيل آهن جيڪي اڄ به پڙهي ڪري روح کي راحت ملندي آهي