سنڌ جا هنر ( هڪ تفصيلي وڊيو رپورٽ )۔ اڄڪلهه جي ترقي يافته دور ۾ جتي تعليم ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ هٿ جي هنر جو سکڻ به انتهائي ضروري آهي، هنر بادشاهه آهي ۽ هنر وارو ماڻهو ڪڏهن به بک نه مرندو آهي، هنر گهر ويٺي ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان هڪ سٺو روزگار به حاصل ٿئي ٿو. اڄڪلهه ته هٿ جا هنر به مٽجي ويا آهن۔ پر هت هنن وڊيوز ۾ سنڌ جي پراڻن هٿ جي هنرن بابت معلومات ڏنل آهي۔ هٿ جو هنر دنيا جي هر خطي ۾ پڻ ڪيو وڃي ٿو، ۽ اسان سنڌ جا ماڻهون به تمام گهڻا خوش نصيب آهيون جو اسان جي سنڌ ۾ به هٿ جو هنر تمام سهڻي نموني سان ڪيو وڃي ٿو، ۽ اهو ڪم دنيا ۾ پڻ اسان جي سنڌ جي نماندگي ڪري ٿو، سنڌ سلامت جا دوستو اچو ته توهان کي ڪي ٽي اين جي تيار ڪيل سنڌ جا هنر بابت هڪ وڊيو رپورٽ ڏيکاريون۔ http://www.youtube.com/watch?v=GgPcagsIyZc http://www.youtube.com/watch?v=7SyQwVLYrQM http://www.youtube.com/watch?v=yD5BAOs_Lrw
جواب: سنڌ جا هنر ( هڪ تفصيلي وڊيو رپورٽ ) ادا ممتاز مهرباني اوهان جون وند ڪيل وديوز ڪافي معلوماتي آهن۔ سنڌ جو خطو جيڪو ڪنهن دور ۾ هتان جي سکيي ستابي ۽ دولتمند هئڻ ڪري ڌارين جي ڪاه جو به سبب بڻجندو رهيو آهي۔ پر افسوس اڄ انهن هنرن کي هٿي وٺرائڻ وارو ڪو ڪونهي۔ سنڌ جي هنرمندن ۽ ڪاريگر مرد توڙي عورتن جو ڪم بي مثال آهي ۔
جواب: سنڌ جا هنر ( هڪ تفصيلي وڊيو رپورٽ ) سنڌ جا هنر به سنڌ جي ثقافت جيئان رنگين ۽ وڻندڙ آهن، سنڌ ۾ لٽي ڪپڙي اڻڻ ۽ سلائي ۽ ڀرت کان وٺي کاڌي پيتي ۽ کاڌي پيتي جي ٿانون تائين، ڪاٺ جو هنر يا ڪاشيءَ جو هنر، ڪورڪو هنر يا واڍڪو يا ڪنڀارڪو هنر يا وري انساني ضروريات جا سڀ هنر هجن ۔۔۔ موجود هئا ۽ تمام سهڻا ۽ ترقي يافته هئا پر جڏهن کان سنڌ ڌارين جي هٿ وسي ٿي آهي ته ترقيءَ جون سڀ راهون بند ٿي ويون آهن ۔۔۔ هاڻ سڀ هنر آهستي آهستي ختم ٿيند پيا وڃن ۔۔۔ پر هاڻ جيڪو سنڌي قوم ثقافتي ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو آهي ته اميد پئدا ٿي آهي ته سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل هنر وري اڳتي وڌن ۔۔۔ رب ڪري ته ائين ٿئي ۔۔۔۔ اسانکي پنهنجن انهن هنرن کي وڌائڻ لاءِ انهن جو واهپو وڌائڻو پوندو، پنهنجن گهرن ۾ سنڌ جي ثقافتي شين کي عام ڪري استعمال ڪرڻو پوندو ته جيئن ان هنر جي کپت ٿئي ۔۔۔ مارڪيٽ جو اصول آهي ته جيتري ضرورت هوندي اوترو ان شئي جي پئداوار ڪئي ويندي آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿوار ۔۔۔