• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت جا ساٿيو اوهان سڀني کي سلام

اول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي​

اڄ فيس بوڪ تي اسان جي مانواري ناول نگار ۽ اسان جي استاد محترم سائين اسحاق انصاريء شاه عبدالطيف ڀٽائيء جو مٿيون بيت ڪئليگرافي جي صورت ۾ اسان سان شيئر ڪيو۔ هي خوبصورت چترڪاري محترم گل محمد کتري صاحب جي ٿيل آهي۔

10ruuk1.jpg

جواب: اول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي

ادا ڪيليگرافي تمام سٺي نموني ٿيل آهي، ونڊ ڪرڻ‌جي مهرباني
 
جواب: اول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي

جهڙو سهڻو بيت ۽ انجو مفهوم تهڙي لکائي سهڻي آهي، گل محمد کتري صاحب جو سهڻو ڪم ڪيل آهي ۔۔۔

واحد جي وڏائي کي لطيف جي لفظن جو خراج تحسين، پنهنجي مثال پاڻ آهي ۔۔۔

جزاڪ الله ۔۔۔
 
سائين مهرباني

جهڙو شاعر عظيم ، اهڙو بيت عظيم ۽ چترڪاري به لاجواب آهي۔ اسان کتري صاحب جي ڪم تي کيس سلام پيا پيش ڪيون
 
جواب: اول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي

واه سائين گل محمد

اوهان جي ڪم جي ڪهڙي تعريف ڪجي ۔ اصل بي مثال ڪم آهي۔ لک آفرين اوهان کي ۽ سليمان کي جنهن هي سهڻي شيء شيئر ڪئي
 
جواب: اول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي

جزاڪ الله ادا خيئر

تمام بهترين ونڊ آهي

محرم شريف جي ڀلاري مهيني ۾ اهڙي ايمان افروز شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

سدائين گڏ
 
جواب: اول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي

ماشاالله ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تمام زبردست ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني سائين ونڊ ڪرڻ جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

محمد سليمان صاحب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top