بي بي سي اردو جي نمائندي جناب اعجاز مهر صاحب ٿر جي ڪوئلي جي حوالي سان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جو انٽرويو ورتو آهي۔ ڊاڪتر ثمر جو چوڻ آهي ته ٿر جو ڪوئلو 500 سالن تائين بجليء جي پيداوار لاء استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ سالانه 50 هزار ميگا واٽ بجلي يا ڏه ڪروڙ بيرل ڊيزل يا لکين ٽن ڀاڻ جي پيداوار ڪري سگهجي ٿي. هن انٽرويو جي خاص ڳاله اها آهي ته پاڻ ڳالهيون ته گهڻيون ڪين پر جڏهن مقامي ماڻهن جي روزگار جو سوال آيو ته ان ڳاله کي گول ڪري ويو۔ تفصيلي انٽرويو پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال يار اسانجي سنڌ قدرتي وسائلن سان مالا مال آهي۔۔۔۔۔۔ ان هوندي به اسان بجلي، پاڻي، گيس، تيل۔ مطلب ته هر شئي لاء پريشان آهيون خدا ڀلو ڪري اسان جي حڪمرانن جو، جو هو پهنجي شاهه خرچين مان واندا ٿين ۽ اهڙن مسئلن لاء اڄ سنجيده ٿين ته جئين اسانجي ايندڙ نسل کي اسان جهڙو عذاب نه ڀوڳڻو پوي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال ادا پريا مڙس! اسانجا هٿ مٿي آهن، الله ۾ اميدون آهن پر اڄوڪن حڪمرانن ۾ اميدون رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻا آهن ۔۔۔ باقي پاڻ سياڻا آهيو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال ادانثار بيشڪ الله ۾ ئي آسرو آهي اسانکي به هنن حڪمرانن ما ڪي اميدون نظر ڪون ٿيون اچن سائين ڪري به ڇا ٿو سگهجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اندر جلي ٿو يار۔۔۔ اسان وٽ سڀ ڪجهه هوندي به اسان ويچارا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميدن تي دنيا قائم آهي من ڪو اهڙو اچي سور اسان جا ٻڌي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال ادا انشاءالله انيٺ ته انصاف ٿيندو ۽ سنڌ جا وسائل سنڌ لاء ڪم ايندا۔ ادا ٿر ڪوئلي لاء مڪمل رپورٽ ڏسڻ لاء هت هيٺ لنڪ تي ڪلڪ ڪندا۔ ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال ڪوئلي مان بجلي پيدا ٿيڻ جو ڳالهيون ته ڪافي پراڻيون آهن۔۔۔ ڪافي ملڪن سميت چين جو ملڪ به حيران آهي ته پاڪستان جي سنڌ صوبي منجهه اهڙو خزانو موجود آهي جنهن مان صرف بجلي ئي نه پر گهڻو ڪجهه فائدو وٺي سگهجي ٿو۔۔۔ (ياد رهي ته چائينا ۾ ڪافي ڪوئلن جو کاڻون آهن) ۔۔۔ ڪئي دفعا پاڪستان کي مدد لاءِ آڇ پڻ ڪئي آهي۔۔۔ پر اسان جي حڪومت جي اها ڪار ڍڳو پير پيران۔۔ ڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي جهيڙي ۾ ڳالهه پوئتي رهيو وڃي ته ڪڏهن بجٽ جي کوٽ۔۔۔ حالانڪه ڊيم پروجيڪٽس تي عربين کربين روپيا فضول به خرچ ٿي چڪا آهن۔۔۔ پر ڪم واري پروجيڪٽ تي جهيڙو برقرا آهي۔۔۔ ٿيڻ ته ائين گهرجي جو صوبي کي رقم ڏئي ڪم کي شروعات ڪرائجي پر مقامي ماڻهن جي احتجاجي جهيڙي ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ آواز اٿارڻ ڪري حڪومت توجه نه ٿي ڏئي۔۔۔ منهنجي خيال ۾ هي نه رڳو صوبي پر ملڪ لاءِ به اهم پروجيڪٽ آهي ۔۔۔ جيڪڏهن صوبي کي رقم ڏيڻ ۾ ڪا الجهن آهي ته وفاق ئي خرچ ڪري پر ڪم اڳتي وڌڻ گهرجي جو توانائي جي کوٽ کان وٺي مقامي ماڻهن جي بيروزگاري تمام گهڻي وڌي رهي آهي۔۔۔
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال ٿر جو ڪوئلو ۽ مقامي ماڻهن جي بدقسمتي ٿرپارڪر مارئي جي جنم ڀومي، مسڪين جهان خام کوسو، محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند رٺور، ۽ امر شهيد روپلو ڪولهي جي سر زمين هجڻ جي اعزاز سان نوازيل دنيا جو هڪ اهڙو ڏکن ڏولاون ۽ مشڪل نما ڪهاڻين سان ڀريل خطو آهي. جتي اڄ به انسان پيئڻ جي مٺي پاڻي، بجلي جي روشني، نياڻين جي تعليم توڙي بنيادي صحت وارين سهولتن لان وانجھيل آهن. ايراضي جي لحاظ کان پاڪستاني نقشي تي ڏاکڻي واري پاسي تي نظر وجھبي ته هڪ عجيب ٽڪنڊي جي روپ ۾ نکاريل نظر ايندو، جيڪو خود هڪ عجيب ڪيفيت جو ڏيک ڏيندڙ نقشو نظر اچي ٿو. هن علائقي جي آدمشماري پندرهن لک جي برابر آهي ۽ چار تعلقن مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر تي مشتمل چوويھ سو ننڍن وڏن ڳوٺن، ڍاڻين، وانڍ توڙي شهري علائقي تي مشتمل آهي. دنيا جا ٻيا بياباني علائقا هن خطي کان ڪنهن ريت وڌيڪ ناهن، هتي ٿر جي وارياسي زمين سون جي حيثيت رکي ٿي جيڪڏهن وسيلا ڪتب آڻي، هن علائقي جق حقيقي ترقي ٿئي ته ٿر پوري ملڪي معيشيت جي برابري واري معيشيت ڏئي سگھي ٿو. هونئن ته ٿر جي ڪيترن ئي علائقن جي زير زمينمعدنيات جا وڏا زخيرا هجڻ جون شاهديون مليون آهن، انهن جي حقيقي استعمال ۾ صديون لڳي سگھن ٿيون، پر گذريل ويهن سالن کان تعلقي مٺي جي شهر اسلام ڪوٽ جي ڀر پاسي ٿاريو هاليپوٽا واري علائقي ۾ گذريل ويهن سالن کان زير زمين ڪوئلي جا وڏا زخيرا ظاهر ٿيا آهن، جنهن جي سڄي دنيا کي خبر آهي پر اسان ٿر واسين جي بدقسمتي اها آهي جو گذريل پندرهن سالن کان ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي وارو رينگٽ اڃان تائين پيا ٻڌندا اچون، پر عملي ڪم اڃان تائين ٿيندي نظر نه ٿو اچي اسلام ڪوٽ ويجھو ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽا ۽ وروائي توڙي آسپاس جي انهيءَ علائقي ۾ زير زمين ڪوئلي جي کاڻين جي وڏي مقدار ۾ موجودگيءَ بعد گذريل ڪيترن سالن دوران حڪومتن جي بدلجڻ ۽ ايندڙ حڪومتن پاران ماضيءَ جي حڪومت جي معاهدن لي رد ڪرڻ سبب ملڪي معيشت ۾ وڏي واڌاري جو سبب ٿيندڙ ٿر جي انهيءَ اعليٰ قسم جي ڪوئلي جون کاڻيون بدقسمتيءَ سان اڃان تائين حڪومتي پاليسين جي ناڪاميءَ جي ضد ۾ اچي ويون آهن، جنهن ڪري ٿري عوام جون اميدون اڃان تائين ساڀيان ٿيڻ کان رهجي ويون آهن، جڏهن ته حڪومت پاڪستان پاران چين سان ٿيل ڪوئلي واري انهيءَ پراجيڪٽ بابت اوائلي معاهدي وارو ڪم گذريل ڪجھ سالن کان مڪمل ٿي چڪو آهي، ۽ ٿاريو هاليپوٽا واري ڪول ايريا ۾ روڊ، پاڻي توڙي بجلي جي گھربل انفرا اسٽيڪچر کي پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ چين ڪمپني ”شهنوا گروپ“ ٿيل معاهدي موجب هائيڊرولاجيڪل سروي پڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ انهيءَ ڪوئلي جي عملي کوٽائي توڙي استعمال ٿيڻ لاءِ بجليءَ جو پارو ولانٽ لڳائڻ بابت اڳڀرائيءَ وارا معاهدا طئه نه ٿيڻ ڪري پاڪ_چين دوستيءَ جون دعائون ڪندڙ حڪمران ٿر جي ڪوئلي جو ڪم ٺپ بند هجڻ باوجود به اکيون پوريو ويٺا آهن، جنهن ڪري ٿري عوام جي تاريخي خوشحاليءَ وارو خواب رڳو اکين واري خواب تائين محدود ٿي رهجي ويو آهي، پر حڪمران ٿر جي ڪوئلي جي پراجيڪٽ جو ڪم عملي طور تي اڳتي وڌائڻ واري کوٽائيءَ واري ڪم سيمت پاور پلانٽ ٿر ۾ لڳائڻ، ڪول ايريا ۾ ايندڙ سروي زمين توڙي انهيءَ ڪول ايريا ۾ ايندڙ ڳوٺن جي هڪ لک آبادي کي ٻي هنڌ ڏانهن منتقل ڪرڻ جھڙن اهم ۽ پاليسي مامرن تي غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي، خاموش بڻجي ويا آهن ۽ ڀٽي جي لفظن ۾ واپڊا جهڙي” سفيد هاٿي“ کاتي ۽ چيني ڪمپنيءَ سان بجلي جي پيداواري اگھن تي هم خيالي نه ٿيڻ سبب ٿر جو اهو اربين ٽن ڪوئلو واپڊا جي سرڪاري فائلن ۾ اٽڪي رهجي ويو آهي، جنهن جي ڪنهن به مناسب لاءِ پاڪستان سرڪار وٽ وقت ئي ناهي ۽ اهڙي طرح چيني ڪمپني ”شهنوا“ گروپ سان وڌيڪ معاهدو مڪمل نه ٿيڻ ڪارڻ ٿر جو اعليٰ قسم جو قيمتي ڪارو سون اڃان تائين به زمين دوز ٿي رهجي ويو آهي. جڌهن ته ڪوئلي ايريا ۾ ايندڙ آباديءَ جي ٻي هنڌ منتقليءَ بابت ڪي به اپاءُ نه وٺڻ ڪري اهي ڳوٺاڻا، جن کي هر وقت پنهنجا ڪکاوان اجھا ڇڏڻ جو الڪو رهي ٿو. اهي سخت مايوسيءَ جي ور چڙهيل آهن، پر حڪومتون رڳو سرڪاري اعلان کانسواءِ ملڪي تاريخ جي ايڏي وڏي تعميراتي پراجيڪٽ بابت ڪا واضع پاليسي اڃان تائين جوڙي نه سگھيون آهن ۽ نه ئي ڪوئلي جي کوٽائي بابت ڪا وڌيڪ حڪومتي پاليسي سامهون اچي نه سگھي آهي. هوڏانهن ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽو ۾ چيني ڪمپني جي قائم ڪيل ڪئمپ ۾ گذريل ٻن سالن کان بند ٿيل آهي ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو به ڪم ٿيندي نظر نه ٿو اچي، جڏهن ته ڪول اٿارٽي جون پڻ ڪافي اسڪيمون اڃان تائين مڪمل ٿي نه سگھيون آهن ۽”ٺلهو چڙو وڄي گھڻو“ واري پهاڪي تحت ٿر ڪول اٿارٽي يا صوبائي معدنيات وارو کاتو پنهنجي جوهر ۾ ته مست ضرور آهي پر ٿر جي سرزمين تي ڪو خاص عملي ڪم ٿيندي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال سڀني دوستن جون ڳالهيون پڙهيونسين۔ سٺا خيال پر مان ٿه ٿو سمجهان ته اڃان تائين سنڌ جي ڪوئلي تي ڪو خاص ڪم ٿيو آهي۔ روز پيون فزيبلٽي رپورٽون ٺهن۔ محترمه بينظير ڀٽو پاران شروع ڪيل ڪيٽي بندر جي رٿا جيڪڏهن نواز شريف بند نه ڪري هان ته ڪوئلي تي ڪم آساني سان ۽ گهڻو اڳ ٿي چڪو هجي ها۔ پر پوء به سنڌ جي مالڪي سان گڏ جيڪڏهن ڪم ٿئي ۽ مقامي مانهن کي اهڙي قسم جون ٽريننگ ڏجن جيئن هو به روزگار سان لڳن ته واه واه ۔
جواب: ٿر جو ڪوئلو ۔۔۔ 500 سالن تائين بجلي ۔۔۔ پر ۔۔۔ مقامي ماڻهن کي روزگار وارو سوال انشاءالله ..................