وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو؛ وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو هي خوبصورت چترڪاري محترم گل محمد کتري صاحب جي ٿيل آهي. گل محمد کتري سنڌ جو اهو فنڪار آهي جنهن شاه لطيف جي بيتن جي پس منظر ۾ انتهائي خوبصورت ۽ پُر اثر خاڪا ٺاهيا، جن ذريعي شاه جي ڪلام جو عام ماڻهن تي اثر وڌيڪ ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته گل محمد کتريءَ جي خاڪن ۾ شاه جي ڪلام کي انتهائي واضع نموني ظاهر ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه هنن ٻين سبجيڪٽن تي به عمده تصويرون ٺاهيون (سٽون : محترم اسحاق انصاري)
جواب: وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو بيشڪ اڄ وطن اهڙن ڪانِيَرَنِ جي هٿ چڙهي ويو آهي ادا لاجواب
جواب: وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو تمام سهڻي چترڪاريءَ سان گڏ لطيف سرڪار جو تمام سهڻو پيغام آهي .. ٿورا ناهن ٿورا ...
جواب: وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو سڀني دوستن جي مهرباني هيء چترڪاري واقعي ئي تعريف جي قابل آهي۔ جهڙو سهڻو بيت آهي ان کان به وڌيڪ خوبصورت رنگ آهن
جواب: وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو واه سائين گل محمد اوهان جي ڪم جي ڪهڙي تعريف ڪجي ۔ اصل بي مثال ڪم آهي۔ لک آفرين اوهان کي ۽ سليمان کي جنهن هي سهڻي شيء شيئر ڪئي
جواب: وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو ڀاوء! آ ڃان رنڃ مان رڙ اچي ٿي ،اچي ٿي ، متان ائين سمجھين مئا مور سارا ۔ سائين ! حوصلي ۽ھمت سان انھن ڪانئرن کي ماري مات ڏئي سگھجي ٿي ، پر اسان پنھنجا فيصلا درست ۽ وقتائتا ته ڪريون ؟