• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چائنا وارا جيترا ننڍا اوترا وڏا ڪم

نثارابڙو

نائب منتظم
تازو چائنا وارن اعلان ڪيو آهي ته هو اهڙيون لاريون ايجاد ڪري رهيا آهن جيڪي شهرن ۾ گاڏين جي رش جي مسئلي جو حل ثابت ٿينديون ۔۔۔ هي سهڻيون لاريون رستن تي هلنديون ته سهي پر جڳهه نه ولارينديون ۽ انهن جي هيٺان ٻيون گاڏيون آرام سان روان دوان هونديون ۔۔۔

هن وقت چائنا دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ پهرين درجي تي آهي، ۽ عوامي استعمال جون سڀ شيون جهجي انداز ۾ پئدا ڪري، دنيا کي ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن ۔۔۔

هي ڏسو لاريون۔۔۔

23w4sas.jpg


zoj4ox.jpg


1zn8voo.jpg


2u6put2.jpg
 
جواب: چائنا وارا جيترا ننڍا اوترا وڏا ڪم

بلڪل ادا پر پاڪستاني هن شئ جا مخالف آهن
پاڪستانين جا جيترا وار وڏا اوترا ڪم ننڍا
 
جواب: چائنا وارا جيترا ننڍا اوترا وڏا ڪم

واه سائين واه
چائنا وارا واقئي جا محنتي آهن
اسان وانگر نه آهن هڪڙو ڪمائي ڏهه کائن ء لٽائن

لاجواب
 
جواب: چائنا وارا جيترا ننڍا اوترا وڏا ڪم

جي سائين اکين ڏٺي ڳاله آهي مون جهڙي پاڪستانين جا وار عورتن جي وارن کان به وڏا هوندا آهن پر
ايندو؟ مون وانگر ڪجه به ڪونه آهي
 
جواب: چائنا وارا جيترا ننڍا اوترا وڏا ڪم

سائين نثار مهرباني

چين جيتري ترقي ڪئي اهو نه جو ڪو مثال ملڻ ڏکيو آهي۔ چيني قوم جي ڪاميابيء جو راز سندن ڪمٽمينٽ آهي۔ هو پنهنجي پاڻ سان ۽ ملڪ سان سچا آهن تڏهن ئي ڪامياب آهن۔

سندن هيء ڪوشش به لاجواب آهي جو ننڍيون گاڏيون به گذرن ۽ هي ريل يا وڏي لاري به ماڻهن کي گهمائيندي وتي۔
 
جواب: چائنا وارا جيترا ننڍا اوترا وڏا ڪم

سائين سٺو ونڊ آهي، ان کي شايد فورم تي مختلف عنوان سان ڪنهن اڳ ۾ ونڊ‌ ڪيو آهي
 
Back
Top