گوگل جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔۔ گوگل ڪروم ويب اسٽور۔۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گوگل وارن تازو ئي هڪ ڪروم ويب اسٽور لانچ ڪيو آهي ۔۔۔ جتي پنهنجي آپريٽنگ سسٽم کان وٺي مارڪيٽ جون پيسن يا مفت واريون شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔ جن ۾ ايڪسٽينشنس کان وٺي ايپليڪيشنس تائين کوڙ ساريون شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون ۔۔۔ جن کي هڪ خاص ۽ خوبصورت ترتيب سان گوگل سجائي رکيو آهي۔۔ ٿورو ان ويب سٽور جو نظارو ته ڪيو۔۔۔

    [​IMG]

    هتي مان ڪجهه وڊيوز ڏيکاريندي توهان اڳيان ڊيمو پيش ٿو ڪريان ته هن اسٽور تان ڪهڙي طرح گوگل ايڪسٽينشن ۽ ٿيمس سميت ٻيون شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔
    هن وڊيو ۾ مختلف ايپيليڪيشن کي خريد ڪرڻ يا مفت ۾ حاصل ڪرڻ جو طريقو واضح طور سمجهايل آهي۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=KMZLM2AhSE0

    گوگل جا ڪارآمد ۽ اهم ايڪسٽينشن جن ذريعي توهان انٽرنيٽ ۽ ڪمپوزنگ جا ڪم خوبصورت ۽ تڪڙي انداز سان اڪلائي سگهو ٿا کي حاصل ڪرڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=MC9Cppt-6J0

    گوگل جا ٿيمس نه صرف توهان جي برائوزر کي خوبصورت بڻائيندا پر هميشه هڪجهڙو نه وڙندڙ نظارو ڏسي بور ٿيڻ کان به بچائيندا آهن۔۔۔ هن اسٽور تي مختلف کوڙ سارا ٿيمس موجود آهن۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=PkwS9GPh9VE

    اميد ته توهان گوگل طرفان لانچ ڪيل هن اسٽور جو ڦيرو ڀرڻ ۾ بلڪل به دير نه ڪندا۔۔۔ ته پوءِ هاڻي ئي هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گوگل جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔۔ گوگل ڪروم ويب اسٽور۔۔۔

    ادا گوگل وارن جي ان اسٽور تي ڦيرو ڀري ڇڏيو آهي باقي وڌيڪ ويڊيو ڏسي ڪري ڳالهه کي سمجهي سوچي پو۽ وڌيڪ پنهنجي قميتي را۽ ڏئي سگهان ٿو فلحال ته ائين ئي چئي سگهان ٿو ته توهان جي مهرباني جو توهان وقت سر اسان فقيرن کي گوگل جي نئين نئين ٽيڪنالاجيز کان متعارف ڪرائيندا رهو ٿا

    اهڙي شيئرنگ کي جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گوگل جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔۔ گوگل ڪروم ويب اسٽور۔۔۔

    گوگل نالو آهي اعتماد جو۔۔۔ اڄ ڪلهه گوگل هر شئي ۾ مقابلي وارو رجحان ڏسي نت نيون پراڊڪٽس ۽ ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرائي رهي آهي۔۔۔ پنهنجي معيار جي ڪري گوگل سڀني کان اڳيان‌‌آهي، اميد ته هن سروس ۾ به سڀني کان اڳيان هوندي۔ مهرباني ونڊ‌ ڪرڻ‌جي ادا۔۔​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔۔ گوگل ڪروم ويب اسٽور۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني

    هميشه وانگر بهترين ۽ نئين ڄاڻ وارو ٿريڊ سو به مفت ۾۔ باقي ان اسٽور کي جاچڻ هاڻي اسان جو ڪم آهي۔ انٽرنيٽ تي گوگل وقعي قابل اعتماد آهي ۽ هنن ڏاڍيون آسانيون پيدا ڪيون آهن۔
     
  5. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: گوگل جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔۔ گوگل ڪروم ويب اسٽور۔۔۔

    تمام بهترين ڳالهه ٻڌائي آهي سائين رشيد توهان۔۔

    الله تعالى اڃا وڌيڪ توهان جي علم ۾ برڪت نصيب عطا فرمائي۔آمين۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گوگل جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔۔ گوگل ڪروم ويب اسٽور۔۔۔

    سائين مان ان جو ڦيرو ڪون ڀريو آهي۔۔۔۔وڃي هاڻي ڏساس ٿو۔۔۔۔ڪم مفت وارو آهي نه۔۔۔۔؟
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گوگل جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔۔ گوگل ڪروم ويب اسٽور۔۔۔

    ادا اسان ته سڀ کان پهريان اهو ڪم ڪيو ...... مفت جو مال آ ادا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو