• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان۔۔۔۔۔۔!

دريا خان ڀٽو

سينيئر رڪن
منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان،
تنهنجي ماروئڙن کي ڪيئن مرندي ڏسان۔

مان بيوس هان مان بيحس هان،
مان تنهنجو ڏک ڀلا ڪيئن ونڊيان۔
تنهنجي ٻچڙن جي خدمت مان ڪيئن ڪيان،

انهن سوچن ۾ ‌مدهوش هيس،
ائين ڀايم ڄڻ بيهوش هيس،

پوِ سوچ ڪيم پوِ سمجهه ڪيم،
پنهنجا دوست ڏٺم ۽‌ دشمن به ڏٺم،

پوِ يار نظر هو آيو مونکي،
ڪاغذ ۽ قلم نظر آيو مونکي،
ان يار کي گڏ ڪري مان ورتم،

اڄ گهايل هان توکان اوجهل هان،
پر اندر بيحد روشن آن،

ڇو ڄاڻان ٿو مان جيڪو ٿو لکان،
پنهنجي سنڌ امڙ لاِ ٿو لکان،

مون تنهجي لاِ ڪجه ناهي ڪيو،
پر اڄ ٿو چاهيان سڀ ڪجه مان لکان،
 
جواب: منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان۔۔۔۔۔۔!

منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان،
تنهنجي ماروئڙن کي ڪيئن مرندي ڏسان۔

مان بيوس هان مان بيحس هان،
مان تنهنجو ڏک ڀلا ڪيئن ونڊيان۔
تنهنجي ٻچڙن جي خدمت مان ڪيئن ڪيان،

انهن سوچن ۾ ‌مدهوش هيس،
ائين ڀايم ڄڻ بيهوش هيس،

پوِ سوچ ڪيم پوِ سمجهه ڪيم،
پنهنجا دوست ڏٺم ۽‌ دشمن به ڏٺم،

پوِ يار نظر هو آيو مونکي،
ڪاغذ ۽ قلم نظر آيو مونکي،
ان يار کي گڏ ڪري مان ورتم،

اڄ گهايل هان توکان اوجهل هان،
پر اندر بيحد روشن آن،

ڇو ڄاڻان ٿو مان جيڪو ٿو لکان،
پنهنجي سنڌ امڙ لاِ ٿو لکان،

مون تنهجي لاِ ڪجه ناهي ڪيو،
پر اڄ ٿو چاهيان سڀ ڪجه مان لکان،

ماشاء الله! سهڻن جذبن جو مجموعو ۔۔۔ خيالن جي رواني، جذبي جي سچائي صاف محسوس ٿئي ٿي ۔۔۔ هن ۾ هِڪُ سلجهيل انسان پنهنجي مٺڙي ملڪ کي پنهنجي ماءُ جو رتبو ڏئي انجي عزت جو پاسدار بڻجي تڙپي ٿو ۽ ان تڙپ ۾ پنهنجي جيجل ماءُ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي جذبي ۾ ڪاغذ ۽ قلم جو سهارو وٺي ٿو ۔۔۔ جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ سڄاڻ انسان ۔۔۔ قومپرست انسان ۔۔ سنڌ دوست انسان اهو سمجهي ٿو ته سنڌ کي جاڳرتا جي ضرورت آهي، علم جي ضرورت آهي، قوم کي ڪتاب ۽ قلم جي ضرورت آهي ۔۔۔ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ضرورت آهي ۔۔۔

پاڻ شاعريءَ جي صرف ونحو کان واقف ته ناهيون پر اوهانجي خيالن جي رواني ۽ اندر جي سچائيءَ وارن جذبن کي مليل لفظن تي موهت ضرور آهيون ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان۔۔۔۔۔۔!

نثار ڀاء، هي جذبات سنڌ جي هر ان سنڌي جا آهن جيڪي پنهنجي سنڌ امڙ کي لڙهندي ته ڏسن پيا پر ان کي بچائڻ لا ڪجه نه پيا ڪري سگهن۔ اسان جي امڙ لڙهي وئي اسان جا ماڻهون لڙهي ويا پر افسوس اسان جا حڪمران نه لڙيا۔۔۔۔

بس اهڙي وقت ۾ هڪ ئي شئي ياد پئي اچي۔

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار۔
 
جواب: منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان۔۔۔۔۔۔!

ادا ڀٽو صاحب اوهان جي مهرباني

اوهان جا جذبا اوهان جي سوچ ۽ اوهان جي قلم کي شاباسون جو اوهان سنڌ امڙ جي لاء قلم کنيو آهي۔ مان سلام ڪندو آهيان انهن دوستن کي جيڪي مطلبي دنيا جي چڪر ۾ رهندي به سنڌ سان پنهنجي عملي محبت جو ثبوت ڏيندا آهن۔

اوهان جا لک قرب جو سنڌ سلامت کي پنهنجن لفطن جي گلن سان هٻڪار پيا ڪيو۔
 
جواب: منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان۔۔۔۔۔۔!

نظم جي شڪل واري شاعري ۾ سنڌ لا ڪجهه ڪرڻ جي جذبي، سنڌ کي سدا سلامت رکڻ جي جذبي جو اظهار محترم دريا خان ڀُٽو صاحب نهايت ئي سُهڻي انداز ۾ ڪيو آهي، ادا ڀُٽا اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان جي شاعري جا ٻيا به خوبصورت اسم اسان کي پڙهڻ لا ملندا۔ الله توهان جي ڏات کي اڃا به سگهارو ڪري۔ شل سنڌ کي سدائين پنهنجي شاعري ۾ آني جيجل سنڌ سان محبتي ناتو سدائين نڀايو (آمين ثم آمين)
 
جواب: منهنجي جيجل امان، ڪيئن توکي لڙهندي ڏسان۔۔۔۔۔۔!

سليمان وساڻ ۽ نثار ڀا توهان جي محبتن جي ڀيٽا لا قرب لک لائڪون۔
 
Back
Top