۽ جڏهن ڪئمپ ۾ هن جا ٻار زندگي وڃائي ويٺا!
وينگس
veengas.yasmeen@yahoo.com
روزانه عبرت جي ٿورن سان
وينگس
زندگي ۾ مشڪل گهڙي ان وقت ايندي آهي جڏهن توهان ڪنهن سان عذر خواهي ڪري رهيا هجو. اها گهڙي ڏکايل ۽ پيڙا واري هجي ٿي، جڏهن توهان ڪنهن زندگيءَ جي ختم ٿيڻ تي اظهار ڏک ڪري رهيا هجو. انهن ڪلهن کي ئي خبر آهي ته پنهنجي محبوب جي جنازي جو آخري سفر ۽ بار ڪيترو ٿئي ٿو. مان گذريل ڪالم ۾ لکي چڪي هئس ته غم جي پڄاڻي ڪانهي.
۽ جڏهن زندگي جي سفر ۾ توهان کان توهان جا پيارا هٿ ڇڏائي نه واپس ورڻ واري دڳ تي هلي پون ته پوءِ چاهيندي به انهن کي روڪي نه ٿو سگهجي، اهي آخري پل انسان کي واچوڙي ۾ اچي بيهارين ٿا. آسان ناهي ته انسان کي تڪليف واري لمحي مان ٻاهر ڪڍي سگهجي. سنڌ جي حصي ۾ نه ختم ٿيندڙ مشڪلاتن جي ٻوڏ ايندي رهي ٿي، تاريخ جا ورق اُٿلائي ڏسو، هر ورق ۾ پنهنجي درد ڪٿا آهي. سنڌ به پنهنجن پيارن جا جنازا کڻندي رهي ٿي ۽ ان جو غم سنڌ ئي ڄاڻي ٿي.
دنيا جي هٿ ٺوڪيل مسئلن ۾ اسان اصل مسئلن کان منهن موڙي رهيا آهيون، جڏهن ته اسان جي اکين کي ناٽڪي مسئلن کان منهن موڙي اصل ڏانهن نهاري انهن تي بحث ۽ حڪومت جو ڌيان ڇڪرائڻ گهرجي، جيڪو ٿيڻ گهرجي اهو نه ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو نه ٿيڻ گهرجي اهو ئي ٿي رهيو آهي. منهنجي دوست خديجه موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته عالمي قوتون جيڏانهن ڦوڪ هڻن ٿيون سڄي دنيا اوڏانهن ڊوڙڻ لڳي ٿي. اسان جيڪڏهن پنهنجي موجوده صورتحال تي نظر ڦيرايون ته مٿئين ڳالهه سوء فيصد درست لڳندي.
مڃون ٿا ته عالمي سياست جا اثر لوڪل سياست تي پون ٿا، پر لوڪل سياست جي حصي ۾ آيل مسئلن کي ڪير حل ڪندو؟ ڇا لوڪل سياست جا مسئلا اهميت وارا ناهن؟ پهرين عالمي سياست وارا اسان کي ٻيهر ايران ۽ ترڪي جي معاملن ۾ منجهائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، انهن اسان سان ڇا ڇا نه ڪيو؟ جڏهن هر داءُ انهن جو ناڪام ٿي رهيو هو ته انهن هاڻي وڪي ليڪس ڪارڊ ڦيٽو ڪري ڇڏيو آهي. وڪي ليڪس ڇا ڪيو آهي؟ ڇا اسان کي انهن سڀني ڳالهين جي ڄاڻ ڪونه هئي؟ پر عالمي قوتن دهل وڄائي وڄائي غريب ملڪن جا ڪن ڦاڙي ڇڏيا آهن ته هاءِ وڪي ليڪس قهر ڪري ڇڏيو، وڪي ليڪس بس ايترو ڪيو آهي ته جيڪي ڳالهيون غريب طبقو (ننڍو طبقو) ڪري رهيو هو هاڻي اهي ڳالهيون انهن جي بادشاهن جا وزير ڪري رهيا آهن. وڪي ليڪس ڪو نئون انقلاب ناهي آئيندو، اهڙي ئي قسم جا راز ليڪ آئوٽ ويٽنام جنگ ۾ به آمريڪي عملدارن ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ هڪدم جنگ بند ڪئي وئي. اصل مسئلو هي آهي ته آمريڪين گهڻي ڪوشش ڪئي ته اهي هي جنگ بند ڪري آفريڪا ڏانهن منهن موڙين پر انهن کي ڪو وجهه نه ملي رهيو هو، وڪي ليڪس اهي ڳالهيون ليڪ آئوٽ ڪيون آهن جن مان آمريڪا کي عذر ملي سگهي ته اهي جنگ بند ڪري سگهن، آمريڪا جنگ جي ناڪامي پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ جي بجاءِ ٻين مٿان بار رکي ڪري پنهنجا ڪپڙا ڇنڊڻ چاهي پيو، ۽ وڪي ليڪس جا ظاهر ڪيل راز آمريڪا کي راهه ڏئي رهيا آهن. وڪي ليڪس جي سربراهه کي جهڙي نموني هيرو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي ان جي حقيقت بعد ۾ خبر پوندي، اسان ايترا به سادا ماڻهو ناهيون جو سمجهي نه سگهون ته وڪي ليڪس کي بند ڪرڻ ۾ سڄو يورپ ۽ آمريڪا ناڪام ڪيئن ٿي رهيو آهي؟ انگريز ۾ چوڻي آ ته Wait & Watch ان ڪري ترسو اصل پردو بعد ۾ کڄندو.
وڪي ليڪس جي رنگ ۾ اسان پنهنجا اصل غم وساري ڇڏيا آهن، ڀل جمائمه خان وڪي ليڪس جي باني لاءِ ڏينهن رات پريشان هجي، ۽ ان جي نگاهه مسڪين سيءَ ۾ مرندڙ ٻوڏ متاثرين تي نه پوي، اميرن وٽ ڏسڻ جا انداز به اميراڻا هوندا آهن. ائين جيئن جمائمه خان آهي. جيڪڏهن ٻوڏ متاثرين وٽ هالي ووڊ جو ڪو اداڪار لڙي اچي ها ته اڄ اسان ڏسون ها بي بي سي کان وٺي فوڪس نيوز چينل تائين سڀ هڪ آواز ۾ چئي رهيا هجن ها ته حڪومت جي ڪارڪردگي ناڪام وئي آهي، ٻوڏ متاثرين وٽ کائڻ ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ گرم ڪپڙا به ناهن. ۽ پوءِ وري اسان جي اڳيان جمائمه جهڙيون امير عورتون ڪارا چشما پائي وڏين گاڏين تان لهي سخت حفاظتي سيڪيورٽي ۾ ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپ جو دورو ڪري، انهن کي گرم ڪپڙا ڏئي فوٽو سيشن ڪڍرائي بي بي سي جهڙن چينلز تي انٽرويو ڏيندي، انسانيت جا راڳ آلاپين ها. پر وڪي ليڪس جي ڊوڙ ۾ ٻوڏ متاثرين سڀني کان وسري ويا آهن. اسان کي پنهنجن معصوم ۽ پيارن جي کڄندڙ جنازن جو زخم آهي، اسان مان ڪير به وساري نه سگهيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قمبر ڪئمپ ۾ صحت جون سهولتون نه ملڻ ڪري ڀاءُ ۽ ڀيڻ دم ڏئي ڇڏيو.
ڪڏهن ڪنهن قمبر ڪئمپ ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته سرتاج ۽ رشيده زندگيءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، هڪ آخري جنگ وڙهندڙ ٻئي ڀائر ڀيڻ جن جي تڪليف ۽ روئڻ جي گواهي ڏيندڙ گهر جي ديوار جي جاءِ تي ڪئمپ جون ديوارون هيون.
انهن پنهنجي زندگي ان ڪري ناهي وڃائي ته اهي ڪنهن وڏي بيماري ۾ مبتلا هئا پر انهن پنهنجي زندگي ان ڪري وڃائي ته انهن وٽ عام علاج جون سهولتون ميسر نه هيون، سرتاج ۽ رشيده پنهنجي والدين آڏو تڙپي تڙپي دم ڏنو. انسانيت سرتاج ۽ رشيده لاءِ ڇو نه هئي؟ سرتاج ۽ رشيده کي نه صرف علاج جي سهولت نه ملي پر انهن کي ڪفن به چندي جي پئسن سان مليو .
دنيا جي دل انهن معصومن لاءِ پريشان ڇو ناهي، جتي سرتاج ۽ رشيده جي پيءُ کي حڪومتي عملدار مدد ڪرڻ بجاءِ دڙڪا ڏئي واپس ڪري ٿو. وڪي ليڪس کان مٿي تلخ حقيقت ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپن ۾ آهي جيڪا هر روز اخبارن ۾ ظاهر ٿئي ٿي پر انهن تي امير توجه ڪو نه ٿو ڏئي ان ڪري ڪئمپن ۾ رهندڙ لاوارث انسانيت ۽ هر روز قتل ٿيندڙ زندگي لاءِ ڪنهن وٽ به پريشاني ڪانهي.
اڄ سرتاج ۽ رشيده پنهنجن والدين جي وچ ۾ ناهن ۽ چئن سالن جي رشيده ۽ پٽ سرتاج کي ياد ڪندي هن جي ماءٌ ڪيترو رني هوندي ان ماءُ جا سڏڪا ڪئمپ ۾ رهجي ويا آهن، هڪ اهڙي ڪئمپ جتي انسان لاوارث ڪيل آهي، ڪجهه مهينا اڳ ٻوڏ گهر ئي نه ڊاٿا هيا پر ان ٻوڏ آهستي آهستي هر هڪ کان زندگي کسي. ها آيل ٻوڏ رکي رکي پنهنجن چنبن سان معصوم لاوارث زندگين کي ختم ڪري رهي آهي.
۽ اسان جي امير دنيا جي حڪمرانن وٽ ٻوڏ متاثرين جو غم رتي برابر به ناهي، اسان لاوارث غم جا بار پنهنجي اسان لاوارث غم جا بار سڪلهن تي کڻي آسمان ۽ زمين ڏانهن دانهي ٿي سگهون ٿا ته معصوم غريبن کي ختم ڪرڻ ۾ توهان کي ڪهڙو سڪون ملي ٿو؟
ان وقت آسمان ۽ زمين ڌوڏو ڇو نه کاڌو جڏهن هن جا ٻار زندگي وڃائي رهيا هئا هڪ ماءُ جي دانهن تي آسمان خاموش ڪيئن رهيو؟
Each man has century
& each century has own story
Ahhh..each story has its own colour,
Yes each colour has panic shadow. (Helena)
هلينا جون مٿيون سٽون پنهنجي جاءِ تي پر سرتاج ۽ رشيده جي حصي ۾ آيل لاوارث موت رياست جي لاپرواهي ۽ طبقن ۾ ورهايل دنيا جي ڪري هو.
ڪاش! ڪنهن جي نگاهه ڪئمپن ۾ رهندڙ معصوم زندگين تي پوي ۽ ڪير وڃي انهن جو ڪلهي ڪانڌي ٿئي؟ ڪير ته هجي جن کي ڪئمپن ۾ رهندڙ انسانيت نظر اچي سگهي.