• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل جبار بوزدار

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
غزل
جباربوزدار
درد گھٽجي وڃي ته بهتر آ
وقت ڪٽجي وڃي ته بهتر آ
ــ
هوءَ جي همسفر نٿي ٿيئي
راھ مٽجي وڃي ته بهتر آ
ــ
دل مٿان تير جيان پئي گذري
ياد پٽجي وڃي ته بهتر آ
ــ
ساڻ تنهنجي ڪٿي وفائون هن
پيار لَٽجي وڃي ته بهتر آ
ــ
ڌار تو کان رهي جبار منهنجو
ساھ سَٽجي وڃي ته بهتر آ​
 
جباربوزدار
درد گھٽجي وڃي تا بهتر آ
وقت ڪٽجي وڃي تا بهتر آ
هوءَ جي همسفر نٿي ٿيئي
راھ مٽجي وڃي تا بهتر آ
دل مٿان تير جيان پئي گذري
ياد پٽجي وڃي تا بهتر آ
ساڻ تنهنجي ڪٿي وفائون هن
پيار لَٽجي وڃي تا بهتر آ
ڌار تو کان رهي جبار منهنجو
ساھ سَٽجي وڃي تا بهتر آ
تمام بهترين غزل سُهڻي بندش خاص ڪري مهان شاعر اُستاد بخاري مرحوم وارا ڪافيا عشق دريا آ، دريا به ”لٽجي “ ٿو وڃي بلڪل بهترين ڪافيا باقي ادا جبار غزل جو رديف ”وڃي تا بهتر آ“ ”لفظ تا“ لکيو ويو آهي يا ” ته“ لکيو ويو آهي. تا جِي معنى ڪجهه ٻي ٿي نڪري ۽ ته جي معنى ڪجهه ٻي ٿي نڪري باقي جس هُجي توهان کي جو توهان ته سُندر جذبن جا مالڪ لڳا پيا آهيو الله سائين سدائين توهان کي سوڀون عطا ڪري آمين
 
سائين نثار،
منهنجي خيال ۾ غزل ۾ لفظ ”ته“ ئي آهي، صرف ٽائپنگ جي غلطي سان ”تا“ لکيو ويو آهي، وڌيڪ ادا جبار پاڻ وضاحت ڪندا۔

جبار جاني، توهان جي اجازت کانسواءِ غزل ۾ ”تا“ جي ترميم ڪري، هيٺ ڏيان پيو۔ غلطي جي صورت ۾ تصحيح ڪندا۔



درد گھٽجي وڃي ته بهتر آ
وقت ڪٽجي وڃي ته بهتر آ
هوءَ جي همسفر نٿي ٿيئي
راھ مٽجي وڃي ته بهتر آ
دل مٿان تير جيان پئي گذري
ياد پٽجي وڃي ته بهتر آ
ساڻ تنهنجي ڪٿي وفائون هن
پيار لَٽجي وڃي ته بهتر آ
ڌار تو کان رهي جبار منهنجو
ساھ سَٽجي وڃي ته بهتر آ

 
ادا سائين توهان جي مهرباني اهو لفظ تَه ئي آهي توهان سهي لکيو آهي مهرباني نئون غزل مان جلدي پيش ڪندس هوئن مختلف رسالن ۾ منهنجي شاعري هوندي آهي
 
ادا جبار بوزدار تمام بهترين شيئرنگ آهي، ادا سائين توهان جي شاعري ۾ سائين نثار وانگر حقيقي رنگ نظر ٿو اچي. سائين تمام پياري پر لاجواب شيئرنگ آهي
 
Back
Top