سيڪيولر پاڪستان ۽ مضلوم قومون دلشاد ڀٽو سينئر هن وقت پاڪستان ٻٽي الجهن جو شڪار آهي،هڪڙيون قوتون دنيا سان گڏ رهڻ نٿيون چاهن ۽ ٻيون قوتون دنيا کان ڪٽجڻ نٿيون چاهن. جيڪي قوتون دنيا سان گڏ رهڻ نٿيون چاهن انهن جو موقف آهي ته پاڪستان کي حقيقي اسلامي رياست بڻائڻ ۾ دنيا جا غير مسلم ملڪ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن انڪري پاڪستان کي دنيا کان ڪٽي صرف اسلامي ملڪن تائين محدود ڪيو وڃي ۽ دنيا جي سمورن غير مسلم ملڪن سان سفارتي ۽ اقتصادي ناتا منقطع ڪيا وڃن. جيڪا قوت دنيا کان ڪٽجڻ نٿي چاهي اها پاڪستان کي اسلامي رياست بجاءِ سيڪيولر رياست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان جو موقف آهي ته جناح صاحب سيڪيولر سوچ جو حامي هو ۽ پاڪستان کي هڪ سيڪيولر رياست بڻائڻ چاهي پيو. ڪا به رياست صرف دعوا ڪرڻ سان سيڪيولر ناهي ٿيندي ، سيڪيولر رياست جا ڪجهه تقاضا هوندا آهن. هڪ سيڪيولر رياست جو مطلب آهي ته مختلف مذهبن جا ماڻهون ڪنهن هڪ رياست اندر برابرئ جي بنياد تي گڏ رهن. پر هندو۽ مسلمان پاڪستان اندر گڏ رهي نه سگهيا. جيڪڏهن برصغير جا هندو ۽ مسلمان گڏ رهي سگهن ها ته هندستان تقسيم نه ٿي ها. هندستان جي تقسيم جو نعرو به جناح صاحب ڏنو هو ۽ هندن جي لڏ پلاڻ به جناح صاحب جي دور ۾ ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ سٺ هزار هندو لاهور مان لڏي ويا ۽ 2 لکن کا وڌيڪ هندن کي ڪراچئ مان لڏڻو پيو. ان وقت ڪراچئ جي ڪل آبادي 4 لک هئي جنهن مان 60 سيڪڙو آبادي هندو هئي، ان لڏ پلاڻ ۾ 98 سيڪڙو هندو لڏي ويا ۽ صرف 2 سيڪڙو ڪراچئ ۾ باقي بچيا. ڪراچئ جو انتظامي ڪنٽرول سنڌ حڪومت کان کسي مرڪز جي حوالي انڪري ڪيو ويو، ڇو ته سنڌ حڪومت ڪراچئ ۾ سنڌي هندن کي تحفظ ڏئي رهي هئي ۽ ڪراچئ کي سنڌ کان ڪٽي الڳ ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن تي صحيح به جناح صاحب جي ٿيل آهي. اصل ۾ برصغير جي مسلمانن جو الميو اهو آهي ته اهي پهريون هندن سان گڏ رهي نه سگهيا ۽ هاڻي دنيا سان گڏ رهي نٿا سگهن . جناح صاحب کي سيڪيولر ثابت ڪرڻ وارن قوتن جو دليل آهي ته جناح صاحب پاڪستان جو قومي ترانو هڪ هندو شاعر جگن ناٿ آزاد کان لکرايو هو. هڪ هندوءَ کان ترانو لکرائڻ جو مقصد هو ته جناح صاحب پاڪستان کي سيڪيولر رياست بڻائڻ چاهي پيو. پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته جناح صاحب جي سيڪيولر رياست جگن ناٿ آزاد کي تحفظ ڏئي نه سگهي. پاڪستان جو قومي ترانو لکڻ جي باوجود جگن ناٿ کي لڳ ڀڳ هڪ مهيني اندر پاڪستان ڇڏي هندستان ۾ پناهه وٺڻي پئي. جگن ناٿ جو تعلق پنجاب جي شهر عيسا خيل سان هيو. هن بي اي پنڊئ مان ڪئي ۽ ايم اي فارسي لاءِ پنجاب يونورسٽي لاهو ر ۾ داخلا ورتي. ان عرصي دوران جگن ناٿ جئي هند اخبار سان وابسته ٿي ويو. هن لاهور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ پاڪستان ٺهڻ تائين لاهور ۾ رهيو .جگن ناٿ پاڪستان جو ترانو ته 1947 ۾ لکيو پر 35 سالن تائين هن تراني لکڻ جي ڪا به دعوا نه ڪئي 35 سالن کان پوءِ 1982 ۾ هن پنهنجي ڪتاب ” آنکهين ترستيان هين “ ۾ پهريون دفعو اها دعوا ڪئي ته پاڪستان جو پهريون قومي ترانو هن لکيو هو. ان وقت جگن ناٿ جي ان دعوا کي پاڪستان جي ادبي ۽ سياسي حلقن ڪا به اهميت نه ڏني. 1982 کان 22 سال پوءِ 2004 ۾ جگن ناٿ آزاد پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ان دعوا کي ٻيهر ورجايو ته پاڪستان جو پهريون ترانو هن لکيو هو ۽ اهو ترانو هن جناح صاحب جي خواهش تي لکيو هو. جگن ناٿ جو اهو انٽرويو دهلي مان نڪرندڙ رسالي دي ملي گزيٽ ۾ ڇپيو . جگن ناٿ جو اهو آخري انٽرويو هو ان کان جلد ئي پوءِ جگن ناٿ گذاري ويو. جگن ناٿ جي ان دعوا کي به پاڪستان جي ادبي ۽ صحافتي حلقن فوري طور تي ڪا اهميت نه ڏني سواءِ ان جي ته جگن ناٿ جي انٽرويو جا ڪجهه ٽڪرا پاڪستاني اخبار ڊيلي ٽائيمز شايع ڪيا. پر 2009 ۾ ان مسئلي کي اچانڪ پوري شدت سان کنيو ويو ته پاڪستان جو پهريون قومي ترانو پنجاب جي هڪ هندو شاعر جگن ناٿ آزاد لکيو هو. پاڪستان جي مشهور ليکڪ ۽ بلاگسٽ عادل نجم ان حد تائين دعوا ڪئي ته جگن ناٿ جو اهو ترانو 18 مهينن تائين سرڪاري طرح ريڊيو تان نشر ٿيندو رهيو. پڙهندڙن کي اهو ذهن ۾ رکڻ کپي ته لٽرري حلقن ۾ جڏهن به ڪو بحث شروع ٿيندو آهي ته اهو بي معني نه هوندو آهي. سماج اندر ٻن قسمن جا تضاد هوندا آهن جيڪي سماجي شعور تي اثر انداز ٿيندا آهن. هڪڙا معروضي تضاد ۽ ٻيا موضوعي تضاد ، معروضي تضاد حالتن جي از خود پيدوار هوندا آهن، جيڪي تضاد حالتن مان ڦٽي نڪرن اهي اڪثر حڪمران قوتن سان ٽڪراءِ ۾ هوندا آهن. جڏهن ته موضوعي تضاد حڪمران قوتون شعوري طور اڀارينديون آهن. موضوعي تضاد کي اڀارڻ جو مقصد اهوهوندو آهي ته سماج جي توجه معروضي تضاد تان هٽائي سگهجي. پهريون پاڪستان ۾ اهو موضوعي تضاد اڀاريو ويو ته سوشلسٽ پاڪستان سمورن مسئلن جو حل آهي، سوشلسٽ پاڪستان جي مخالفت جو مقصد هو سوشلسٽ بلاڪ سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ. سنڌ جي قومي تحريڪ جڏهن سوشلسٽ پاڪستان جي مخالفت ڪئي ته دنيا جي انقلابي قوتن کان ڪٽجي وئي. هاڻي اهو موضوعي تضاد اڀاريو پيو وڃي ته سيڪيولر پاڪستان سمورن مسئلن جو حل آهي. سيڪيولر پاڪستان جي مخالفت جو مقصد آهي دنيا جي سيڪيولر ۽ جهموري قوتن سان ٽڪراو ۾ اچڻ. سيڪيولر پاڪستان جو بحث اڀاررڻ جو مقصد به اهو آهي جيئن سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن کي عالمي قوتن کان ڪٽي اڪيلو ڪري سگهجي ۽ مستقبل ۾ اها چئلينج سنڌ جي قومي تحريڪ جي سامهون اچڻ واري آهي. اهو ياد رکڻ کپي ته موضوعي تضاد لٽرري بحثن وسيلي سماج اندر لاثا ويدا آهن ۽ انهن بحث کي اڀارڻ لاءِ رياست پريس ، ميڊيا ۽ دانشورن جو استعمال ڪندي آهي .هن وقت تائين اهو بحث پنجاب ۽ اردو آبادئ جي لٽرري حلقن تائين محدود آهي پر ان جي گونج سنڌي پريس تائين پهچي چڪي آهي. في الحال ته صرف ماحول تيار ٿي رهيو آهي. پران امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته اڳتي هلي سيڪيولر پاڪستان جو بحث سنڌ جي لٽرري حلقن ۾ موضوعي بحث جي شڪل ۾ لاٿو وڃي. هن وقت تائين سيڪيولر پاڪستان جي حوالي سان جيڪو بحث سامهون آيو آهي ان ۾ ٻه دليل نمايان آهن. پهريون دليل اهو آهي ته جناح صاحب پاڪستان کي مذهبي نه پر هڪ سيڪيولر رياست بڻائڻ چاهي پيو، پاڪستان ۾ مذهبي انتها پسندئ جو ٻج ڇٽيندڙ جنرل ضياءِ هيو . انڪري جناح صاحب سيڪيولر قوتن جو نمائندو هو ۽ جنرل ضياءِ رجعت پرست قوتن جو نمائندو هو. جناح صاحب جي مخالفت ڪرڻ جو مقصد آهي رجعت پرست قوتن جو ساٿ ڏيڻ يا ٻين لفظن ۾ دنيا جي جهموري ۽ سيڪيولر قوتن جي مخالفت ٿي بيهڻ. پاڪستان جا پاليسي ساز ادارا ايتري خطرناڪ منصوبه بندئ سان موضوعي بحث ماحول ۾ اڇلائيندا آهن جو انهن جي مخالفت ڪرڻ به مشڪل ٿي ويندي آهي.جناح صاحب کي سيڪيولر ثابت ڪندڙ قوتن جو ٻيو دليل اهو آهي ته جناح صاحب پاڪستان جي تعمير سيڪيولر بنيادن تي ڪرڻ پيو چاهي انڪري هن پاڪستان جو ترانو هڪ هندو شاعر کان لکرايو. عادل نجم ته ان حد تائين دعوا ڪري ڇڏي ته اهو ترانو 18 مهينن تائين سرڪاري طرح ريڊيو تان نشر ٿيندو رهيو. جنهن جي منظوري جناح صاحب هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي ڏني هئي. پر جناح صاحب جو اهو نوٽيفڪيش اڃا تائين غائب آهي ۽ ان جي ڪاپي منظر عام تي ناهي آنددي وئي. عادل نجم پنهنجي دعوا جي ثبوت ۾ انٽرنيٽ بلاگ تي جگن ناٿ جي ويڊيو پيش ڪيو آهي جنهن ۾ جگن ناٿ اعتراف ڪندي نظر اچي ٿو ته هن پنهنجو لکيل ترانو 14 آگسٽ 1947 جي رات ريڊيو تان پاڻ ٻڌو. سنڊي ايڪسپريس ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق موجب ريڊيو پاڪستان تي نشر ٿيندڙ پروگرامن جي تفصيل سرڪاري طور شايع ٿيندڙ رسالي آهنگ ۾ ڏني ويندي آهي. آهنگ رسالي جي پراڻي رڪارڊ موجب جيڪو ريڊيو پاڪستان اڪيڊمي جي لائبرري ۾ موجود آهي. 14 آگسٽ 1947 جي نشريات ۾ جگن ناٿ جي تراني جو ڪٿي به ذڪر ڪونهي. ان کان علاوه جگن ناٿ آزاد جو جيڪو انٽرويو دي ملي گزيٽ شايع ڪيو ان ۾ دعوا ڪيل آهي ته جگن ناٿ جو لکيل ترانو ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تان نشر ٿيو جڏهن ته 1947 ۾ ڪراچئ ريڊيو اسٽيشن جو وجود ئي ڪو نه هو. پاڪستان ٺهڻ وقت جيڪي ريڊيو اسٽيشن پاڪستان جي حصي ۾ آيا انهن ۾ ڍاڪا ، لاهور ۽ پشاور ريڊيو اسٽيشن هيا ڪراچي ريڊيو اسٽيشن 1948 ۾ قائم ٿيو. عادل نجم جي بلاگ ۾ اها کوٽ آهي ته ان ڀرپور تحقيق جي باوجود جگن ناٿ جو لکيل ترانو پنهنجي بلاگ ۾ ناهي ڏنو ، شآيد انڪري جو اهو ترانو جگن ناٿ جي ڪنهن به ڇپيل ڪتاب ۾ موجود ڪونهي. جگن ناٿ هڪ انٽرويو ۾ تراني نه ڇپجڻ جي جڪا وضاحت ڏني آهي ان موجب هن کي لاهور ايتري عجلت ۾ ڇڏڻو پيو جو هو پنهنجو سامان ۽ شاعرئ جو بياض نه کڻي سگهيو. 2010 تائين جگن ناٿ آزاد جو لکيل ترانو منظر عام تي نه آيو البته اپريل 2010 ۾ مشهور جرنلسٽ بينا سرور جگن ناٿ جو ترانو هٿ ڪري انٽرنيٽ تي ڏئي ڇڏيو بينا سرور جي دعوا آهي ته اهو ترانو هن کي جگن ناٿ جي پٽ چندر ڪي آزاد کان مليو.انٽرنيٽ کان پوءِ سيڪيولر پاڪستان جو بحث ميڊيا ۾ لاٿو ويو. سڀ کان پهرين جگن ناٿ جي تراني تي وائس آف آمريڪا تان تبصرو نشر ٿيو، ان کان پوءِ هڪ مشهور ٽي وي چينل تي بحث ٿيو ۽ آخر ۾ لوڪل ايف ايم چينل وسيلي اها پرچار ڪئي وئي ته پاڪستان جي پهرين قومي تراني جو خالق جگن ناٿ آزاد هيو. جگن ناٿ آزاد ۽ سيڪيولر پاڪستان جي حامين ۾ جيڪي نالا نمايان آهن انهن ۾ عادل نجم ، بينا سرور ، زاهده حنا ، ظهير قدوائي ۽ ڊاڪٽر مبشر حسن شامل آهن. جگن ناٿ آزاد جي تراني جي مخالفت ۾ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر صفدر محمود ڪالم لکيا هن جا ڪالم جنگ ۽ نواءِ وقت اخبار ۾ ڇپجي چڪا آهن. صفدر محمود ان دعوا کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته پاڪستان جو پهريون ترانو جگن ناٿ آزاد لکيو هو، هن جي خيال ۾ ڪجهه ڌريون پاڪستان کي زبردستي سيڪيولر رياست ثابت ڪرڻ لاءِ جناح صاحب تي الزام هڻي رهيون آهن. هن جو پهريون دليل اهو آهي ته جگن ناٿ آزاد جئي هند اخبار سان وابسته هيو ۽ جئي هند اخبار پاڪستان جي قيام جي مخالف هئي بقول ڊاڪٽر صفدرمحمود جي جناح صاحب ڪنهن به اهڙي شخص کان پاڪستان جو ترانو نٿو لکرائي سگهي جيڪو پاڪستان مخالف اخبار سان وابسته هجي. ياد رهي ته جگن ناٿ آزاد جئي هند اخبار جو سب ايڊيٽر هيو. ڊاڪٽر صفدر محمود جو ٻيو دليل اهو آهي ته جناح صاحب جگن ناٿ آزاد سان نه ڪڏهن ملاقات ڪئي هئي ۽ نه ئي جگن ناٿ کي سڃاڻيندو هيو، پاڪستان ٺهڻ وقت جگن ناٿ 29 سالن جي عمر جو هڪ عام صحافي هو ۽ بطور شاعر هن جي شهرت ايتري گهڻي ڪو نه هئي جو جناح صاحب تائين هن جو نالو پهتل هجي. انڪري جگن ناٿ کان پاڪستان جو ترانو لکرائڻ واري ڪهاڻي صرف هڪ مفروضو آهي. ڊاڪٽر صفدر محمود وڌيڪ چوي ٿي ته هن جناح صاحب جي ان وقت جي اي ڊي سي عطا ربانئ کان تصديق ورتي آهي عطا ربانئ جو چوڻ آهي ته جناح صاحب جگن ناٿ نالي ڪنهن به شخص کي ڪو نه سڃاڻيندو هو.خود جگن ناٿ آزاد پنهنجي ڪتاب آنکهين ترستيان هين ۾ صرف تراني لکڻ جي دعوا ڪئي آهي جناح صاحب سان ملاقت جو ڪو به ذڪر نه ڪيو آهي. جگن ناٿ آزاد 2004 ۾ ڏنل پنهنجي آخري انٽرويو ۾ پهريون دفعو اهو چيو ته هن کي تراني لکڻ لاءِ هڪ دوست جي معرفت جناح صاحب جو نياپو مليوهو. جيڪڏهن تسليم ڪجي ته سيڪيولر پاڪستان جي تعمير لاءِ جناح صاحب پاڪستان جو ترانو هڪ هندو شاعر جگن ناٿ آزاد کان لکرايوهو ته پوءِ اصولن جناح صاحب کي جگن ناٿ آزاد کي سرڪاري پروٽوڪول ۽ سرڪاري سطح تي تحفظ مهيا ڪرڻ کپندو هو. ان جي بر عڪس جگن ناٿ پنهنجي انٽرويو ۾ جيڪي تفضيل ڏنا آهن ان مطابق هو هڪ عام ماڻهون وانگر جان بچائڻ لاءِ دوستن جي گهرن ۾ پناهه وٺندو رهيو ۽ پاڪستان ڇڏڻ وقت هن کي ايتري عجلت ۾ اتان نڪرڻو پيو جو نه پنهنجو سامان کڻي سگهيو ۽ نه شاعرئ جو بياض. جن ماڻهن جي اها دعوا آهي ته جناح صاحب سيڪيولر پاڪستان جي تعمير ڪري رهيو هو ڇا اهي ٻڌائي سگهن ٿا ته اهو ڪهڙو سيڪيولر پاڪستان هيو جنهن ۾ پاڪستان جي تراني جي خالق کي تحفظ ملي نه سگهيو؟ جيڪڏهن سيڪيولر رياست جو تصور اهو آهي ته پوءِ علم سياست ۾ سيڪيولر ازم جي تشريح تبديل ڪرڻي پوندي. 63 سال اڳ پاڪستان ۾ جگن ناٿ کي تحفظ ملي نه سگهيو ۽ 63 سالن کان پوءِ پاڪستان کي سيڪيولر رياست ثابت ڪرڻ لاءِ جگن ناٿ آزاد کي دليل طور استعمال ڪيو پيو وڃي. آخر 63 سالن کان پوءِ پاڪستان کي سيڪيولر رياست ثابت ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي رهي آهي؟ جيڪڏهن گهرائئ سان ڏٺو وڃي ته جگن ناٿ آزاد جي تراني جو مسئلو نائين اليون واري واقعي کان پوءِ کنيو ويو آهي. 11 سيپتمبر 2001 تي آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي خطرناڪ حملو ٿيو ان حملي جو شڪ القاعده تي ظاهر ڪيو ويو.( جنهن جي ذميواري القاعده جي ليڊر اسامه بن لادن بعد ۾ قبول ڪئي) ان وقت افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم هئي. القاعده ۽ طالبان افغان جهاد ۾ گڏ گڏ رهيا هيا، انڪري ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کانپوءِ عالمي راءِ عامه افغانستان جي خلاف ٿي وئي. افغانستان جي طالبان حڪومت سان پاڪستان جا انتهائي گهرا لاڳاپا هيا انڪري طالبان خلاف عالمي سطح تي وڌندڙ غصي ۽ ڪروڌ جي زد ۾ پاڪستان به اچي رهيو هو. پاڪستان پاڻ کي عالمي مخالفت کان بچائڻ لاءِ نومبر 2001 ۾ افغانستان تي ٿيندڙ آمريڪي حملي وقت طالبان جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ اهو موقف اختيار ڪيو ته هن جنگ ۾ پاڪستان دنيا جي جهموري ۽ سيڪيولر قوتن سان گڏ آهي. پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو هيو جو حڪمرانن سيڪيولر هجڻ جي دعوا ڪئي هئي. ان دعوا کان پوءِ 2003 ۾ جنرل آف سائوٿ ايشين ۽ مڊل ايسٽرن اسٽديز ۾ اهو آرٽيڪل شايع ٿيو ته پاڪستان جي باني مسٽر جناح جي خواهش تي پاڪستان جو پهريون قومي ترانو هڪ هندو شاعر جگن ناٿ آزاد لکيو هو. ان آرٽيڪل جو مقصد دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ هو ته پاڪستان جو اصل مقصد مذهبي نه پر سيڪيولر رياست قائم ڪرڻ هو، جناح صاحب پاڪستان جو ترانو هڪ هندو شاعر کان انڪري لکرايو جيئن پاڪستان جي تعمير سيڪيولر بنيادن تي ڪري سگهي. 2003 جو هي دور اهو دورهيو جڏهن افعانستان تي نيٽو فورسز جي قبضي کان پوءِ طالبان پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ منظم ٿي رهيا هيا ۽ ملان عمر آمريڪا خلاف هڪ دفعو ٻيهر جهادي قوتن کي منظم ڪري رهيو هو، پاڪستاني سرحدن ۾ طالبان جي وڌندڙ سرگرمين سبب پاڪستان جي پوزيشن هڪ دفعو ٻيهر دنيا اندر مشڪوڪ ٿي رهي هئي. ان کان اڳ جو ان جا ڇنڊا آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين تي پون جنرل آف سائوٿ ايشين ۽ مڊل ايسٽرن اسٽديز اها وضاحت پيش ڪري ڇڏي ته پاڪستان سيڪيولر مزاج ملڪ آهي ۽ پاڪستان جو بنيادي روح سيڪيولر رياست وارو آهي. ياد رهي ته جنرل آف سائوٿ ايشين ۽ مڊل ايسٽرن اسٽديز، پاڪستان آمريڪن فائونڊيشن جي زير ادارت نڪرندو آهي جيڪو ادارو آمريڪا اندر سائوٿ ايشيا ۽ مڊل ايسٽ جي مسلمانن جي ترجماني ۽ تحفظ ڪندو آهي. جنرل آف سائوٿ ايشين ۽ مڊل ايسٽرن اسٽديز کان پوءِ 2004 ۾ دهلئ مان نڪرندڙ رسالي دي ملي گزِيٽ ۾ جگن ناٿ آزاد جو انٽرويو شايع ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جو ترانو لکڻ واري دعوا جي تصديق جگن ناٿ آزاد جي زباني ڪرائي وئي. انڊيا مان نڪرندڙ دي ملي گزيٽ به جنرل آف سائوٿ ايشين ۽ مڊل ايسٽرن اسٽديز وانگر هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن جو ترجمان رسالو آهي. دي ملي گزيٽ ۾ شايع ٿيندڙ جگن ناٿ جي انٽرويو کي 2005 ۾ پاڪستاني اخبار ڊيلي ٽائيمز شايع ڪيو ، ان سموري عمل جو مقصد دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ هيو ته برصغير جا مسلمان مذهبي انتها پسندئ جا مخالف ۽ سيڪيولر سوچ جا حامي آهن. 2005 کان پوءِ اهو مسئلو انڪري ٿڌو ٿي ويو ڇو ته ان عرصي دوران جنگ جو مرڪز سائوٿ ايشيا کان مڊل ايسٽ ڏانهن منتقل ٿي ويو۽ القاعده جي ڪارواين جو مرڪز عراق منتقل ٿيڻ کان پوءِ هندستان ، پاڪستان ۽ آمريڪا جي مسلمان صحافين کان جگن ناٿ آزاد وسري ويو. جڏهن القاعده جو مرڪز هڪ دفعو ٻيهر عراق کان پاڪستان جي علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿيو ته ان مسئلي کي ٻيهرکنيو ويو . القائده جي پاڪستاني علائقن ۾ منتقلئ کي سڀ کان پهرين آمريڪي حڪومت محسوس ڪيو . فيبروري 2007 ۾ آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني پاڪستان جو دورو ڪري پاڪستان حڪومت کي اها آگاهي ڏني ته جهادي قوتن جو مرڪز مڊل ايسٽ کان سائوٿ ايشيا طرف منتقل ٿي رهيو آهي ۽ ان امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته القاعده جي ڪارواين جو ايندڙ نشانو افغانستان اندر آمريڪي فوج هجي. آمريڪا جو دٻاء هيو ته پاڪستان پنهنجن علائقن خصوصن آزاد قبائل ۾ القاعده کي منظم ٿيڻ نه ڏي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي ته جهادي قوتون پاڪستاني سرحدون استعمال ڪري افغانستان ۾ آمريڪي فوجن تي حملا ڪري نه سگهن.ڊڪ چينئ جي دوري کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني مشينري پنهنجي ڀرپور طاقت استعمال ڪرڻ جي باوجود نه ئي جهادي قوتن کي کي آزاد قبائل ۾ منظم ٿيڻ کان روڪي سگهي ۽ نه ئي افعان سرحدن ۾ آمريڪي فوجن تي حملن کي روڪي سگهي. ان جي برعڪس طالبان پنهجن ڪارواين وسيلي پاڪستان جي پوري رياستي مشينرئ جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن، القاعده جي قيادت مسلسل اهي وارننگس جاري ڪري رهي آهي ته ڪارواين جو اهو دائرو يورپ ۽ آمريڪا تائين وڌايو ويندو، القائده جي انهن ڌمڪين سبب پوري دنيا ۽ خصوصن آمريڪا ۾ سراسيمگي ڇانيل آهي عام ماڻهون خوف ۽ حراس جو شڪار آهن، خوف ۽ حراس ۾ ورتل ماڻهن کي هر مسلمان القائده جو ميمبر ۽ جهادي نظر اچي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهون مسلمانن سان تعلقات رکڻ کان ڪترائن ٿا جن ريل گاڏين ۽ جهازن ۾ مسلمان سفر ڪن ٿا انهن ريلن ۽ جهازن ۾ سفر ڪرڻ کان ڪيٻايو وڃي ٿو. جهادي قوتن جا اڏا پاڪستان جي علائقن ۾ هجڻ ڪري پاڪستان جو اميج دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. آمريڪا ۾ وڌندڙ خوف ۽ حراس سبب آمريڪي انتظاميه آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي تحفظ ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي. عام ماڻهن کي ته ڪڏهن به تحفظ جي ضرورت ناهي هوندي ڇو ته اهي ويچارا دنيا ۾ جتي به ويندا آهن پنهنجي رسڪ تي ويندا آهن پر سوال پاڪستان جي ان اشرافيه جو آهي جنهن کي مهذب لفظن ۾ سول سوسائٽي چيو ويندو آهي ، سول سوسائٽئ جا ماڻهون جڪي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا اهي عدم تحفظ جو شڪارٿي رهيا آهن. پاڪستان جي سول سوسائٽئ لاءِ عافيه صديقئ جي گرفتاري سڀ کان وڏو ڌچڪو هئي، ڇو ته عافيه انهن جي ئي سوسائٽئ جو حصو هئي. 1972 ۾ ڪراچئ ۾ جنم وٺندڙ عافيه 1990 ۾ عين 18 سالن جي عمر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا وئي. عمر جو هي اهو حصو هوندو آهي جتي نئين تبديلئ جا نظريا ذهن تي فورن اثر ڪندا آهن. 1990 جو دور اهو دور هيو جڏهن سوشلسٽ بلاڪ ٽٽڻ کان پوءِ دنيا اندر اسلامائيزيشن جو رجحان تيزئ سان اڀري رهيو هو ۽ پاڪستان جي سول سوسائٽئ جا ماڻهون ان رجحان کان متاثر ٿي رهيا هئا، ڪو شڪ ناهي تي عافيه تي به اسلامائيزشن جي تبليغ جواثر ٿيو هجي. ڇو ته عافيه آمريڪي زندگئ دوران هڪ ته مسلم اسٽوڊنٽ ايسوسيئشن جي ميمبر رهي چڪي آهي ۽ ٻيو هن 1999 آمريڪا اندر انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ريسرچ جو بنياد پڻ وڌو هو. 2001 ۾ عافيه جڏهن پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نيورالوجئ ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ان وقت آمريڪا ۾ نائين اليون جو واقعو ٿيو. نائين اليون جي واقعي کانپوءِ عافيه آمريڪا ڇڏي ڏني ۽ آغا خان يونيورسٽي ڪراچئ ۾ نيورولاجسٽ جي حيثيت سان خدمتن جو آغاز ڪيو. 2003 ۾ عافيه صديقي اچانڪ غائب ٿي وئي، هي اهو دور هو جڏهن ملان عمر جهادي قوتن کي منظم ڪري رهيو هو. 5 سالن جي روپوشئ کانپوءِ جولاءِ 2008 ۾ عافيه کي افغانستان مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن عافيه افغانستان مان گرفتار ٿي ان وقت افغانستان ۾ طالبان جو جهادي ڪاروايون جاري هيون. عافيه صديقئ تي انتهائي سنگين الزام هيا انهن مان هڪ الزام اهو به هيو ته گرفتارئ وقت عافيه صديقئ جي پرس مان جيڪي دستاويز ۽ نقشا مليا انهن ۾ مهلڪ بم ٺاهڻ سان گڏ اينٽي ڊرون ڪرافٽس گن ٺاهڻ جون هدايتون به درج هنيون. جيڪڏهن عافيه تي لڳايل اهي الزام درست آهن ۽ واقعي اهي فارمولا ان جي پرس مان مليا آهن ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته ڊرون ڪرافٽس کي ڪيرائڻ لاءِ مشين گنز ٺاهيندڙ القاعده کي شڪست ڏيڻ گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان آرمئ لاءِ ممڪن ناهي. آءِ ايم ايف جي قرضن تي هلندڙ ملڪ ، جديد جنگي ٽيڪنالاجي رکندڙ القاعده جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهندو اهو سمجهه ۾ نٿو اچي. جنهن ڏينهن پاڪستان جو ڏيوالو نڪري ويو ان ڏينهن القائده پنهنجي ڪاروين جو دائرو يورپ ۽ آمريڪا تائين ضرور وڌائي ويندو. عافيه صديقئ تي انهن سمورن الزامن جي باوجود پاڪستان جي سول سوسائٽئ جا ماڻهون عافيه کي القائده جو حصو مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ڇو ته عافيه کي القائده جو حصو مڃڻ اهو تسليم ڪرڻ جي برابر آهي ته پاڪستان جي سول سوسائٽئ جا آمريڪا ۾ رهندڙ ماڻهون القائده سان وابستگيون رکن ٿا، پنهنجي ڳچئ ۾ گهوگهو ڪو به نه وجهندو آهي. انڪري پاڪستان جي سول سوسائٽي پاڪستان جي پريس ۽ ايڪٽرانڪ ميڊيا پوري شدت سان اهو تاثر ڏيڻ ۾ مصروف آهن ته عافيه صديقي القائده جوحصو ناهي پر آمريڪي انتظاميه آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين تي غلط الزام مڙهي انهن کي تنگ ڪري رهي آهي. اصل ۾ پاڪستان جي سول سوسائٽئ عافيه جي آڙ ۾ پنهنجي تحفظ جي جنگ وڙهي رهي آهي. پاڪستان جي سول سوسائٽئ واران جا آمريڪي سول سوسائٽئ ۽ انتظاميه سان تعلقات رهيا آهن، انڪري انهن کي يقين هو ته انهن جي احتجاج سان آمرڪي انتظاميه دٻاء ۾ اچي عافيه صديقئ خلاف ڪيس واپس وٺندي پر ايئن نه ٿيو جيتوڻيڪ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عافيه ذهني طرح ان پوزيشن ۾ ناهي جو عدالتي ڪيس کي منهن ڏئي سگهي ۽ عدالتي قانون مطابق اهڙي ذهني مريض تي ڪيس هلائي نٿو سگهجي پوءِ به آمريڪا جي فيڊرل ڪورٽ عافيه صديقئ تي ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. عدالتي فيصلي کانپوءِ پاڪستاني سول سوسائٽئ وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نه هو ته آمريڪا جي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. انڪري اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان اندر مذهبي انتها پسندئ جو ٻج ڇٽڻ وارو جنرل ضياء هيو، سول سوسائٽي ۽ پاڪستان جوعوام جنرل ضياء کي رد ڪري ٿو . جڏهن ته جناح صاحب سيڪيولر پاڪستان جو حامي هو جنهن جو ثبوت جگن ناٿ آزاد جو ترانو آهي. تاريخ ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي جن ماڻهن وڏي شوق سان ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان ٺاهيو هو ،تاريخ انهن کان ئي ٻه قومي نظريي کي رد ڪرائي رهي آهي. آمريڪي عدالت اپريل 2009 ۾ عافيه صديقئ تي ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڏنو ۽ مئي 2009 ۾ ظهير قدوائي اها دعوا ڪئي ته جگن ناٿ آزاد جو ترانو هن ريڊيو پاڪستان لاهو ر تان ٻڌو هو، لڳ ڀڳ اهڙي دعوا مبشر حسن به ڪئي. جون 2009 ۾ عادل نجم انٽرنيٽ تي بلاگ لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سيڪيولر پاڪستان جي تعمير لاءِ جناح صاحب پاڪستان جو پهريون ترانو جگن ناٿ آزاد کان لکرايو هو. بينا سرور جگن ناٿ جو ترانو انگريزي ترجمي سان گڏ انٽرنيٽ تي ڏئي ڇڏيو.انگريزي ترجمي سان تراني ڏيڻ جو مقصد هيو ته يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهون ان تراني جا ٻول سمجهي سگهن. انٽرنيٽ تي جگن ناٿ جي تراني جي مهم هلائڻ جو مقصد به يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن کي قائل ڪرڻ هو ڇو ته پاڪستان ۾ ڇپجندڙ اخبارون آمريڪا تائين نه پهچنديون آهن پر انٽرنيٽ جا بلاگ پوري دنيا ۾ پڙهيا ويندا آهن. جيڪي به ماڻهون پاڪستان کي سيڪيولر رياست ثابت ڪرڻ لاٰءِ جگن ناٿ جي تراني کي بنياد بڻائي رهيا آهن، انهن جا ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان آمريڪا ۾ مفاد آهن. هي ماڻهون سول سوسائٽئ جا اهي خاص فرد آهن جن جو هڪ پير آمريڪا ۽ ٻيو لنڊن ۾ هوندو آهي. عادل نجم آمريڪا جي بوسٽن يونيورسٽئ ۾ پروفيسر آهي ، ظهير قدوائي بزنس مين آهي، بينا سرور هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي فيلو آهي. زاهده حنا جو مطالبو آهي ته جگن ناٿ جي قومي تراني کي پاڪستان ۾ واپس ڪيو وڃي. خوبصورت نعرا ۽ خوبصورت مطالبا سماج کي ڪونه بدلائيندا آهن. جگن ناٿ جو ترانو موٽائڻ سان پاڪستان سيڪيولر ڪو نه ٿيندوڇو ته ترانا تبديل ڪرڻ سان رياستون سيڪيولر نه ٿينديون آهن، رياستن کي سيڪيولرڪرڻ لاءِ نظام تبديل ڪرڻو پوندو آهي. ڇا پاڪستان جا دانشور نظام تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهن يا صرف دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ سيڪيولر پاڪستان جو موضوعي تضاد اڀارڻ چاهن ٿا. اهو ته وقت ۽ حالتون ثابت ڪنديون ته اهو موضوعي تضاد انتها پسند قوتن جي خلاف استعمال ٿئي ٿو يا پاڪستان جي مظلوم قومن خلاف استعمال ڪيو ويندو؟؟؟؟؟
جواب: سيڪيولر پاڪستان ۽ مضلوم قومون جيتوڻيڪ هي هڪ ڊگهو ليک آهي پر ان باوجود ڄاڻ وارو ۽ دلچسپ پڻ آهي اوهان جي مهرباني جو اوهان هي ليک اسان سان ونڊ ڪيو