ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ اعجاز احمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2010۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    گذريل ڪجهه ڏينهن کان فورم تي شيعه مذهب سان تعلق رکندڙ موضوع موڪليا پيا وڃن۔ بظاهر ته ائين پيو محسوس ٿئي ته سنڌ سلامت سنڌين جو فورم نه پر شيعن جو فورم آهي۔ گذريل 8 ڏينهن ۾ 60 کان وڌيڪ موضوع موڪليا ويا۔ فورم تي ماتم، نوحه، عزاداري، زيارتون، ذوالجناح جي فضيلت، مولائين ۽ حسيني فقيرن تي لکيل مضمونن کان سوا پڙهڻ لا ٻيو ڪجهه ملي ئي نٿو۔

    خلاصو هي ته سنڌ سلامت شيعه مذهب فورم لڳي رهيو آهي۔
    انتظاميه کان سوال آهي ته ڇا سنڌ سلامت اهڙين تحريرن لا بهترين پليٽ فارم آهي۔۔۔؟؟؟
    اهڙين تحريرن مان ٻين حلڪن ۾ نفرت پيدا نه ٿي رهي آهي؟
    يا وري اظهار را سڀني جو حق آهي؟
    ۽ جيڪڏهن آهي ته پو نسواري کي پابند سلاسل ڇو ڪيو ويو آهي؟

    اختلافي موضوعن جي موڪلڻ ڪري صرف نسواري کي ئي ڇو ٿو ڌمڪايو وڃي۔ ڇا انتظاميه جي مٿي ذڪر ڪيل تحريرن تي نظر نه پئي آهي ۽ جيڪڏهن پئي آهي ته پو خاموش تماشائي ڇو بڻيل آهي۔

    نسواري کي پڻ احتجاج جو حق آهي۔ هونئن نسواري انهي کان سوا ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي۔۔۔؟؟؟

    احتجاج احتجاج احتجاج
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    ادا نسواري اهڙي ڳالهه نه آهي
    هي فورم سڀني سنڌين جو آهي
    سنڌ ۾هر فرقي سان وا سطو رکندڙ ماڻهون رهن ٿا

    ٻي ڳالهه اها ته فورم تي اظهار جي آزاديء جو هر ڪنهن کي حق آهي
    موقعي جي نسبت سان اسان سڀني جو فرض آهي ته اهڙي ئي قسم جا
    موضوع موڪليون ۔۔۔۔۔۔۔

    ڇا توهان ڪون ڏٺو ته اسانجي قومي ڏينهن (سنڌي ٽوپي اجرڪ) ڪهڙي
    طريقي سان مهايو ويو۔۔۔ ان وقت صرف اهڙا ڪالم هيا

    ادا نسواري سنڌ سلامت جو مقصد به اهوئي آهي ته انٽرٽينمنٽ سان گڏوگڏ
    ديني و دنياوي هر قسم جي ڄاڻ موقعي جي مناسبت سان سنڌي دوستن
    تائين پهچائي وڃي۔۔۔۔

    وڌيڪ ٿوري نسوار ڏيندي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندئي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    ادا هي صرف عزاداري جي ڏينهن ۾‌اهي موضوع موڪليا پيا وڃن، ڇو ته سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عزاداري ٿئي پئي، امام حسين عليه السلام جو غم ٿئي پيو۔۔ اخبارن ۾، ٽي وي چينلز تي، هر طرف يا حسين ٿئي پيو، ان سلسلي ۾ ڊاڪومينٽريز ۽ نوحا هلن پيا، پوءِ‌ ڇا اهي سڀ چينل، اخبار وغيره شيعن جا آهن؟؟؟؟
    نه ادا! اهي سڀ هنن مخصوص عزاداريءَ‌جي ڏينهن جي ڪري موضوع، نوحا يا ڊاڪومينٽريز هلن پيون۔۔ سنڌ سلامت به سنڌين جي ترجمان آهي، ۽ فقط هنن عزاداريءَ‌ جي ڏينهن ۾ اهي موضوع موڪليا پيا وڃن، ڪو به اختلاف نه پيو پکيڙيو وڃي۔ اختلاف ته اهي پيا پکيڙين جيڪي عزاداري جي مخالفت ۾ مختلف روايتون ۽ موضوع موڪلي رهيا آهن۔۔۔
    منهنجي خيال ۾ ته هيل تائين ڪنهن کي اها شڪايت نه آهي ٿي ته ايترا موضوع ان سلسلي ۾ ڇو موڪليا ويا آهن۔۔۔ مواد اختلافي هوندو ته پوءِ‌ ان تي شڪايت ته ٿيندي۔۔۔۔ توهان سنڌ سلامت تي ايترو فعال ڏسڻ‌ ۾ ڪونه ٿا اچو پر پس منظر ۾ شايد توهان سنڌ سلامت جي تحريرن تي گهري نظر پيا رکو، اها سٺي ڳالهه آهي۔۔۔۔
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    ڀا نسواري کي لڳي ٿو محرم جي ڏينهن ۾ نسوار نٿي ملي جواچي اهڙي تحرير پيش ڪئي اٿس ۔۔۔
    ڇو جو هر ڳالهه موقعي ۽ مناسبت سان ٿيندي آهي هي ڏينهن ته ڪهڙا آهن جنهن تي هر ڪنهن کي خبر آهي ، وڌيڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    ادا نسواري ادو مست سهي پيو چئي۔۔۔۔هي فورم شيعن جو نه پر سنڌي قوم جو آهي۔۔۔۽ سنڌي قوم ۾ سني شيعه وغيره سڀ آهن۔۔۔جيئن ادا عرس پري لکيوته ايڪتا جي ڏينهن تي سڀ ايڪتا جي حوالي سان موضوع هئا۔۔۔ساڳي طرح محرم جي حوالي سان سڀ پوسٽون محرم جي نسبت سان ٿين ٿيون۔۔۔۔۔ادا اوهانجو احتجاج ئي اجايو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان صرف شيعن کان احتجاج ڇوٿا ڪيو۔۔۔۔۔هتي فرقي واري ڳالھ شيعن ته ڪون ڦهلائي آهي۔۔۔۔۔۔۔شايد اوهانجي نظر انهن موضوعن تي ڪون ٿي وڃي۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    ادا مست نسواري علم جو پياسي آهي۔ اختلافي موضوع پنهنجي اصلاح لا موڪليندو آهيان۔

    اختلاف بهرحال پنهنجي جا تي موجود آهي۔ پو چاهي پکيڙڻ وارو ڪير به هجي۔۔۔ نسواري هجي (انتظاميه چواڻي) يا وري عزاداري جي مخالفت ۾ روايتون پيش ڪرڻ وارا هجن۔(انتظاميه چواڻي) انهي ڳالهه کان ڪير به منهن نٿو موڙي سگهي۔

    نسواري فعال رڪن نه آهي ته ڇا ٿي پيو۔۔۔ فقير ڦلپوٽي وانگر پنهنجي به هر تحرير تي نظر آهي۔ :d
     
  7. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    ڀليو آهي ڀا عمران، محرم شريف ۾ ناپيد شيون به عام جام ملنديون آهن۔ رهي نسوار ته بطور احتجاج ڪجهه ڏينهن لا نسوار واپرائڻ ڇڏي ڏني آهي۔:p
     
  8. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    عاشق ادا، احتجاج شيعن لا نه، پنهنجي حقن جي حصول لا آهي۔ يار ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر۔۔۔
     
  9. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    جي بالڪل نسواري پڻ اهوئي چاهي ٿو۔ پاڻ کي هن نالي سان رجسٽر ڪرڻ جو هڪڙو مقصد پڻ اهوئي آهي ته دوستن کي انٽرٽينمينٽ ملي.
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    پر اوهان شيعن جو نالو ڇو ڏنو۔۔۔۔۔۔۔؟

    اوهان ائين به لکي پيا سگهو ته (ڇا هي ديني فورم آهي)
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    [justify]دوست ڊبل اي نسواري، يار هڪ قرب ڪر (عرض آهي) پنهنجو نالو بدلائي ڪو سهڻو نالو رک ته جيئن اوهان سا مخاطب ٿيندي ڀلو لڳي ۔۔۔

    اوهانجي ڳالهه بلڪل قابل غور ۽ قابل ذڪر آهي ۔۔۔ شروع شروع ۾ اسين اسلامي ڌاڳي تي پابنديون هڻي ڇڏيون هيون ۔۔۔ پر دوستن اهو چيو ته سنڌي ٻولي جي هيڏي سهڻي فورم تي مذهبي ڌاڳي تي پابندي هجڻ سٺو نه ٿو لڳي ۔۔۔ باقي ها هن ۾ جيڪي به دوست علمي بحث ڪن ته ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو بداخلاقي يا هروڀرو جو ضد ڪري ته انکي بند ڪري تالو هنيو وڃي ۔۔۔

    گذريل سال پڻ ان ئي سبب اسانکي پنهنجن ڪجهه دوستن جي لکڻين ۽ رڪنيت تي پڻ تالا هڻڻا پيا هئا ۔۔۔ خئير ڳالهه کٽائڻي ته ۔۔۔۔ هن وقت سنڌ جي آبادي 99 فيصد مسلم سڏرائي ٿي، جنهن ۾ فقط مسلمان سڏرائڻ وارا گهٽ پر اهل سنت ۽ اهل شيعت سڏرائڻ وارا گهڻا آهن ۔۔۔

    (منهنجي ذاتي را آهي، ڇاڪاڻ ته اهل شيعت يا اهل سنت سڏرائڻ الله جي رسول کان گهڻو بعد جي ڳالهه آهي، الله جي رسول جي وقت ۾ صرف ۽ صرف مسلمان هئا يا اهل ايمان هئا، قرآن شريف ۾ به الله جي دين ۽ انجي رسولن تي ايمان آڻڻ واران کي مسلمان سڏيو ويو آهي، انڪري اهل جو خطاب ڏئي اسلام کي ٽوڙيو ۽ ڪمزور ڪيو ويو آهي ۔۔۔انکان وڌيڪ منهنجي نظر ۾ انهن سڀني اهلن جي ڪا حيثيت ناهي)

    هاڻ جڏهن سنڌي قوم جي گهڻي آدمشاري اهل سنت ۽ اهل شيعت سان تعلق رکي ٿي ته سنڌ سلامت به سنڌ جي انٽرنيٽ سائيٽ آهي انڪري مذهبي ڌاڳي ۾ به ٻنهي قسمن جا ليک ايندا ۽ ان سان گڏ و گڏ ٻين مذهبن جي لا به ڌاڳو موجود آهي ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌي دوست هندو آهي، يا عيسائي يا اڃان به ڪو ٻيو مذهب رکي ٿو ته هو به پنهنجي مذهب جا ليک ونڊ ڪري سگهي ٿو ۔۔۔

    سنڌ هميشه صوفين جي تعليم سبب يا سنڌ جي خمير سبب اظهار را جي آزادي جي امين رهي آهي ۔۔۔ ۽ سنڌ ۾ گهڻا ئي مذهب بغير ڪنهن رک رکا جي پلجندا رهيا آهن ۔۔۔ هاڻ اسين هن سائيٽ تي يا ته مذهب جو ڌاڳو ئي ڪڍي ڇڏيون جو نه رهي بانس ۽ نه وڄي بانسري جي مصداق قصو ئي ختم ۔۔۔ يا ته وري سڀني کي اخلاقي دائرن جي اندر بحث ڪرڻ جو موقعو عطا ڪجي ۔۔۔ ته جيئن ٻنهي پاسن جا ڄاڻو دوست پنهنجي پنهنجي علم سان دوستن کي آگاهه ڪندا رهن ۔۔۔

    اوهان ٻڌايو ته ڇا ڪجي ۔۔؟ ڇا مذهب جو خانو ئي ڪڍي ڇڏجي يا وري مذهب جي خاني کي رهڻ ڏجي ۔۔۔ ؟ مذهبي خانو هوندو ته ڳالهيون هر طرف کان اينديون ۔۔۔ ؟

    اميد ته دوست ڳالهه سمجهندا ۽ پنهنجي قيمتي را کان پڻ آگاهه ڪندا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  12. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    مانوارا ابڙا صاحب، والدين منهنجو نالو اعجاز احمد رکيو آهي، يقينا سهڻو نالي آهي، تڏهن ته اهو نالو رکيائون۔ باقي دوستن ۾ جنهن نالي سان مشهور هيس، انهي نالي سان رجسٽر ٿيس۔ بهرحال توهان جو حڪم اکين تي۔ جلد ئي حڪم جي تعميل ڪئي ويندي۔

    جيتري قدر مذهبي سيڪشن جي ڳالهه آهي ته مذهب جو خانو هجڻ گهرجي، اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري پوسٽون موڪلڻ ۾ ڪو حرج نه آهي۔ جيڪڏهن مذهب جو خانو ختم ڪيو ويندو ته ڪافي سارا دوست جيڪي هتي مذهبي ناليج رکن ٿا، ۽ انهن جو هتي اچڻ جو سبب به اهوئي مذهبي سيڪشن آهي، ممڪن آهي فورم کي هميشه لا خيرباد چون۔ جيڪو سٺو سوڻ نه آهي۔
     
  13. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    ^:)^ سائين منهنجي ذاتي را آهي ته فورم جو نالو سنڌسلامت آهي۔۔۔۔۔انهي جي ڪري فورم ۾ اسلامي ڇيڙ ڇاڙ نه ٿئي ته بهتري آهي۔۔۔۔۔وڌيڪ اوهان وڏن جي جيڪا مرضي اُها اسان جي اکين تي۔۔۔۔۔پنهنجي ته اها عادت هوندي آهي ته ڪوبه اسان تي حملو نه ڪري جيڪڏهن ڪندوته ان کي جواب اسان ڏينداسين۔۔۔۔۔باقي سنڌسلامت ساٿ سلامت جو نارو قائم رهي۔۔۔۔۔
     
  14. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    نسواري ادا هي جيڪو توهان وري اشو اٿاريو آهي ان مان لڳي ٿو ته توهان مزيد حالتون خراب ڪرائن ٿا چاهيو۔ مونکي لڳي ٿو ته محرام الحرام توهان جي چواڻي ته نسوار نه ٿو ڏيان ان جي ڪري توهان جو مٿو ڦري ويو جو توهان اهي تحرير لکي ته ڇا هي شيعه فورم آهي ادا ٿورو ذهن مان به ڪم وٺندا ڪيو هي ڏينهن ڪهڙا پيا هلن مسلمانن جي ٻار ٻار کي خبر آهي آلائي ڇو توهان جهڙن باشور دوستن کي سمجه اچي ڪونه ٿي جو اهڙا اشو ۽ تنزيا تحريرون پوسٽ ڪيو ٿا۔

    ادا صبر ڪر ٻه ٽي ڏينهن محرام الحرم ختم ٿيڻ وارو آهي پوء نسوار وٺي کائجان ته مٿو جاء تي اچي be positive dear
    ادا تون ڏي ڏوه نه آهي۔
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    جي ادا بلڪل هن فورم تي محرم جي حوالي سان اهي موضوع پوسٽ ڪيا ٿا وڃن توهان ٻڌي هوندو ته جهڙو ديس تهڙو ويس .............
     
  16. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇا سنڌ سلامت شيعه فورم آهي؟

    هنکي به بند ڪيو وڃي ته بهتر آهي ادا نثار
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو