هندستان جي تاريخ تي لکيل ڪتاب

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]دوستو جواهر لعل نهرو جيڪو آزاد هندستان جو پهريون وزير اعظم پڻ ٿيو، اندرا گانڌيءَ جو پيءُ ۽ هندستان جي آزاديءَ جو هڪ ڪردار پڻ هو، تنهن جيل جي ڏهاڙن ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو ”ڀارت ايڪ کوج“ جنهنجو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو هو Discovery of India تمام سهڻو ۽ تاريخي ڪتاب لکيل آهي، ان ڪتاب تي هاڻي ڪيتريون ئي فلمون ٺهڻ لڳيون آهن ۽ ڊي وي ڊِيز پڻ مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن ۔۔۔ هندستان جي آزاديءَ جي ڳالهه سان گڏوگڏ هند ۽ سنڌ جي هزارها سالن جي تاريخ جو ذڪر پڻ ٿيل آهي ۽ تمام خوبصورت ۽ تحقيقي انداز سان ٿيل آهي ۔۔۔

    اسانکي هي ڪتاب پنهنجن ڪتب خانن ۾ رکڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي تاريخ جا طالبعلم ان مان مستفيض ٿي سگهن ۔۔۔ ان تاريخي ڪتاب تي ٺهيل هڪ وڊيو جو نمونو هت پيش ڪجي ٿو، ۽ جيستائين ڪتاب وٺجي تيستائين يو ٽيوب تي موجود انجا ٽڪڙا ڏسي سگهجن ٿا ۔۔۔ يا وري هيٺ ڏنل سائيٽ تان هي ڪتاب خريد به ڪري سگهجي ٿو ...

    http://www.mysticamusic.com/bharat-ek-khoj.php

    وڊيو جي اردو هجڻ تي معزرت قبول پوي ۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=FJtvbfQUPC8
    [/JUSTIFY]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هندستان جي تاريخ تي لکيل ڪتاب

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هندستان جي تاريخ تي لکيل ڪتاب

    سائين بهترين ونڊ

    پر ادا نثار اسان مفت خور سو ڪتاب وٺڻ سو به پئسن سان ڏکيو آهي۔ باقي ڦلپوٽي فقير کي عرض ڪنداسون ته ڪٿان ڪا مفت جي لنڪ ڳلهي ڏي ته واه واه
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هندستان جي تاريخ تي لکيل ڪتاب

    اسين جڏهن سنڌ امڙ چوندا آهيون ته ڪڏهن ڪڏهن ان لفظ سنڌ امڙ جي معني نه سمجهندا آهيون، هن وڊيو ۾ پنهنجي ڌرتيءَ کي ماتا چوڻ واري فلسفي جي معني ٻڌائي وئي آهي ۔۔۔ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وٽان آهي ۔۔۔

    محترم دوست سليمان
    مون هڪ هندستاني دوست کي چيو آهي ته هندستان وڃي ته ان ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن وٺي اچي ۔۔۔ مليو ته گڏجي پڙهنداسون ۔۔۔

    باقي فقير چاهن ته ڪم مفت ۾ به ٿي ويندو ۔۔۔ ممڪن هوندو پر مڃبو ڪون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هندستان جي تاريخ تي لکيل ڪتاب

    ادا نثار انتظار رهندو اوهان جي ڪتاب جو

    اوهان جو سنڌ لاء پيار ۽ محبت ڏسڻ وٽان هوندو آهي۔ جڏهن به ڪو سنڌ جي ڳاله ڪندو آهي ته مونکي نثار ابڙو ياد اچي ويندو آهي۔ جيڪو سچل ڳوٺ جي چوڪ تي اسان سان ويٺو سنڌ جي تبليغ ڪري۔

    الله اوهان کي همت ڏي ، حوصلو ۽ طاقت ڏي جيئن اوهان سنڌ جي ڳاله ڪندا رهو۔ سنڌ امڙ ڇا آهي اهو به هن وڊيو مان واضح ٿيو ڇو ته ڀارت ماتا جي سٺي تشريح ڪيل آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو