• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
پيارا دوستو
اسلام عليڪم
دوستو ڪجه وقت اڳ مون پنهنجي ويب سائيٽ جي لائي سنڌ ميگ ۾ لکيو هيو ، پر اڃا تائين ڪنهن به دوست نه رهنمائي ڪئي ۽ نه وري ڪو مواد موڪليو
مان سڀني دوستن کي عرض ٿو ڪريان ته هي ويب سائيٽ اوهان جي لائي آهي ، اوهان پنهنجا رايا پنهنجون تحريرون جلد کان جلد ڏياري موڪليو اوهان جون تحريرون ضرور شامل ڪيون وينديون، ۽ ها اسان وٽ ميمبر شپ وارو سسٽم ڪونهي ته پئسا وٺي مواد رکجي ، اهي ماڻهو جيڪي ائين ڪرن ٿا اهي پنهنجي ٻولي جي خدمت نه ٿا ڪرن بلڪي
پنهنجو ڪاروبار هلائين ٿا ، منهنجي اهائي ڪوشش ته جيترو ٿي سگهي پنهنجي ٻولي جي خدمت ڪجي ان ويب سائيٽ جي تياري لائي مون جيترا ڏک ۽ جيترو پئسو ڦرايو مون کي خبر آ پر همت نه هاريو ، اسان جا پنهنجا سنڌي جيڪي هوسٽنگ ڪمپنيون هلائين ٿا سي توبه ،الله سائين انهن کي ايمان ڏيئي ۽ ڪنهن سنڌي کان پئسا نه ڦرن ؟
عنقريب دوستو مان به هوسٽنگ ڪمپني سنڌي ۾ لانچ ڪندس جيئن دوستن کي سستي اگه تي ڊامن ۽ هوسٽنگ ڏيئي سگهجي
۽ ها هڪ ٻي ڳاله ته جيڪي دوست ويب سائيٽ جو شوق رکن ٿا صرف سنڌي ۾ ۽ سنڌين جي لائي انهن کي مفت ۾ سائيٽ تيار ڪري ڌبو ، جيڪي دوست به سنڌي ۾ سائيٽ ٺهرائڻ چاهن اهي ڀلي مون سان رابطو ڪرن انهن کي مفت ۾ سائيٽ تيار ڪري ڏيندس ، هي ڳاله مان سنڌ سلامت جي وسيلي سڀني دوستن کي چوان ٿو ۽ اها ڳاله منهنجي، رڪارڊ تي رکيو وڃي
باقي منهنجي سائيٽ جي لائي پنهنجا رايا ۽ مواد جلد موڪلجو
سائيٽ ائڊريس http://www.sindhmag.com/
اوهان جو پنهنجو جبار بوزدار
 
جواب: سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

ادا الله سائين توهان جي ڳن حوصلي کي سدائين برقرار رکي
 
جواب: سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

واه ادا واه اهو ته تمام سٺو ڪم آهي ٻولي جي ترقي لا
اسان سڀني کي گهرجي ته توهان وانگر ٻولي لا خدمت ڪريون
 
جواب: سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

جبار صاحب مهرباني

اوهان جو خوبصورت ونڊ پڙهيو ۽ سنڌ ميگ جو جائزو به ورتو آهي۔ اوهان جوي ڪوششن کي سلام آهي۔ ادا هن دور ۾ پنهنجي هڙان، وڙان ڏئي سنڌي ٻوليء جي خدمت ڪرڻ هڪ وڏو ڪم آهي۔ اوهان جهڙن دوستن کيرون لهڻيون جيڪي هن ڪم کي پيا نڀائين۔

سنڌ سلامت جي طرفان ۽ پنهنجي طرفان اوهان کي مثبت موٽ ملندي۔ اوهان کي اسان پاران جنهن به ساٿ جي ضرورت هجي ته هن اي ميل تي ضرور ونڊ ڪيو۔

sulemanwassan@hotmail.com

اميد ته اوهان سنڌي قوم ۽ ٻوليء جي خدمت ۾ پيش پيش هوندا ۽ هڪ سنڌي سپوت هجڻ جو ثبوت ڏيندا۔

ٿورا ناهن ٿورا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

ادا جبار بوزدار تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔شال جڙيو هجين۔۔تمام زبردست ڪم اوهان ڪيو آهي۔۔۔پنهنجي ٻولي جي لا ادا مونکي شوق آهي سنڌي سائيٽ ٺاهڻ جو۔۔۔ادا اسان اوهانجي هن سائيٽ لا ڪهڙي قسم جو مواد موڪليون۔۔۔۔؟ اسان اوهانکي صرف ڊزائين ڪيل شاعري موڪلي ٿا سگهون۔
 
جواب: سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

ادا جبار تمام زبردست ڪم ڪيو اٿو جس لھڻو جيڪا اوھان سنڌي ٻولي جي خدمت ڪيو پيا
 
جواب: سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

ادا جبار تمام بهترين ڪم شروع ڪيو آهي توهان اسان کي اهو به واضح ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙي ڪسم جي مواد جي ضرورت آهي آئون توهان کي ڪمپيوٽر متعلق مواد ڏئي سگهان ٿو۔ توهان جي ويب سائٽ تمام بهتر ٺهيل آهي پر ڪافي ڪم باقي آهي۔ جي ڪڏهن Web Dishevelment جي باري ۾ ڪو به حڪم هجي ته منهنجي هن اي ميل تي رابتو ڪجو۔
rahim02@gmail.com

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌي ويب سائيٽ جي لائي مواد ۽ دوستن جي رهنمائي

ادا اهو تمام سٺو آهي جو توهان سنڌ ۽ سنڌين جي لاء اهو ڪجهھ ڪرڻ چاهيو ٿا۔
اهڙي ڪم تي توهان جس لهڻو۔
توهان جو مئگ پڙهيو بهترين هيو
 
Back
Top