معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان .
    سائنس هر ڪنهن لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رڌل آهي، دنيا ۾ مختلف وقتن تي اهڙيون شيون ايجاد ٿي رهيون آهن، انسان ذات کي وڌيڪ سهولتون ملن ٿيون ۽ زندگي آسان بڻجندي وڃي ٿي، جاپان جي سائنسدانن معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ جديد روبوٽ تيار ڪيو آهي، جنهن جي مدد سان ٽنگن کان معذور ماڻهن کي هلڻ ڦرڻ ۾ مدد ملي سگهندي، روبوٽ ڪنهن بيساکي جيان ٺاهيو ويو آهي، جيڪو معذور ماڻهن جي ٽنگن جي جاءِ تي هڻي کين هلڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي، هن روبوٽ ذريعي اکين جي روشني کان محروم ماڻهو پڻ هدايتن تي عمل ڪري هلي ڦري سگهندا، روبوٽ ۾ انساني جسم جي حرڪتن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سينسر لڳل آهن ۽ بجليءَ وارن سگنلز جي ذريعي اهو روبوٽ معذور ماڻهو جي سڄي جسم تي حرڪت ۾ مدد ڏيندو رهندو، روبوٽ جو جاپان ۾ ڪجهه معذور ماڻهن تي تجربو ڪيو ويو، جيڪو ڪامياب ويو. تجربو ڪندڙ معذورن مان هڪ عورت سيجي اشيده هاڻي روبوٽ ذريعي معمول واري زندگي ڏانهن موٽي آئي آهي، سيجي جون 27 سال اڳ هڪ حادثي ۾ ٽنگون ڪٽجي ويون هيون، روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپني سائبر ڊائين ٻن ٻانهن تي مشتمل روبوٽ پڻ ٺاهيو آهي، جنهن کي ٻانهن کان معذور ماڻهو استعمال ڪري سگهندا ۽ انهن مشيني ٻانهن ذريعي 70 ڪلو گرام تائين وزن پڻ کڻي سگهجي ٿو، جاپان جي ڪمپني اهو جديد روبوٽ ڪِرائي تي ڏيڻ جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جي ماهوار فيس 14 کان 15 لک رپين تائين مقرر ڪئي وئي آهي. ڪمپني موجب معذور لاءِ ٺاهيل جديد روبوٽ جو عالمي مارڪيٽن ۾ 2015ع کان وڪرو شروع ڪيو ويندو.
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

    ادا بهترين شئيرنگ لاء مبارڪون هجن اوهان کي
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

    سائين اوهان جي مهرباني جو توهان هن کي پسند ڪيو ......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو