انگور جو وڻ۔۔۔۔۔ پاران سائين دلشاد ڀٽو سئينيئر!

'سنڌي ادب' فورم ۾ دريا خان ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2010۔

  1. دريا خان ڀٽو

    دريا خان ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جڏهن مان پرائمرئ ۾ پڙهندو هوس ان وقت پنجين درجي ۾ سنڌ باد جو قصو پڙهايو ويندو هو. هاڻي خبر ناهي اهو قصو پرائمري ڪورس موجود آهي يا خارج ڪيو ويو آهي . سنڌ باد هڪ سيلاني هيو سدائين سفر ۾ رهندو هو، هڪ واري سفر ڪندي ڪنهن جنگل ۾ ڦاسي پيو ۽ رستو وڃائي ويٺو. سنڌ باد رستو ڳوليندي ڳوليندي اچي هڪ درياهه جي ڪپر تي پهتو اڳتي وڌڻ لاءِ درياهه پار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نه هو انڪري سنڌ باد درياهه پار ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ سنڌ باد جي ڪنن تي ڪنهن جي سڏڪن جو آواز پيو ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته درياهه جي ڪناري تي هڪ پوڙهو ويٺو روئي رهيو هو. سنڌ باد هن کان روئڻ جو سبب پڇيو ته پوڙهي روئيندي چيو مان ضعيف ۽ لاچار آهيان درياهه پار ڪري نٿو سگهان، درياهه ۾ لهندس ته ٻڏي ويندس جهنگ ۾ رهندم ته مري ويندم تون ڪا منهنجي مدد ڪر. سنڌ باد کي رحم اچي ويو ۽ پوڙهي کي پنهنجي ڪلهن تي چاڙهي درياهه پار ڪرڻ لڳو. درياهه پار ڪرڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ باد پوڙهي کي پنهنجي ڪلهن تان لهڻ لاءِ چيو ته پوڙهي سنڌ باد جي ڪلهن تان لهڻ بجاءِ پنهنجي ٻنهي ٽنگن جي ڪينچي ٺاهي مضبوطئ سان سنڌ باد جي ڳچئ ۾ وجهي ڇڏي. سنڌ باد جڏهن پوڙهي کي پاڻ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوڙهي هڪ زوردار مڪ سنڌ باد جي مٿي تي وهائي ڪڍي، مڪ ايتري زوردار هئي جو سنڌ باد کي ڏينهن ۾ تارا نظر اچي ويا. سنڌ باد بري طرح هڪ آفت مان ڦاسي چڪو هو ۽ رحم دلي ان جي ڳچئ ۾ پئجي چڪي هئي. پوڙهو سڄو ڏينهن سنڌ باد مٿان سوار رهيو ۽ سنڌ باد سڄو ڏينهن پوڙهي کي گهمائيندو رهيو. جڏهن به هن پوڙهي کي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ زوردار مڪ هن جي مٿي تي لڳي. ان مصيبت کي ڳئچئ ۾ وجهي گهمائيندي گهمائيندي سنڌ باد کي ڪافي ڏينهن گذري ويا پر ان مان ڇوٽڪاري جي ڪابه راهه هن کي نظر نه آئي. هڪ ڏينهن پوڙهي کي گهمائيندي سنڌ باد کي انگور جو وڻ نظر آيو، انگور جو وڻ ڏسي سنڌ باد جي ذهن ۾ هڪ اٽڪل آئي. هن انگور جي وڻ مان ڪافي انگور پٽي انگور جو شراب ٺاهڻ شروع ڪيو جڏهن شراب پچي راس ٿي ويو ته سنڌ باد انگور جو اهو شراب پوڙهي کي پيارڻ شروع ڪيو. پوڙهي کي انگور جي شراب ڏاڍو مزو ڏنو انڪري شراب جا ڪيئي پيالا پي ويو. جڏهن پوڙهي تي شراب جو خمار چڙهڻ شروع ٿيو ته سنڌ باد هن جي ڄنگهن جي ڪينچي پنهنجي ڳچئ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪينچي ايتري مهارت سان پيل هئي جو نڪري نه سگهي شراب جي نشي ۾ به پوڙهي ڪينچئ کي مضبوطئ سان سوگهو ڪري رکيو هو. آخر ڪار سنڌ باد کي هڪ وڏو پٿر نظر آيو پوڙهي مان جند ڇڏائڻ جو اهو آخري طريقو هو. سنڌ باد اهو پٿر کڻي پوڙهي جي مٿي تي زور سان وهائي ڪڍيو. وزني پٿر پوڙهي جو مٿو چچري چڏيو، پوڙهي جو دم پرواز ٿيڻ کان پوءِ سنڌ باد هن جون ڄنگهون پنهنجي ڳچئ مان ڪڍي پاڻ کي هن جي ڪينچئ مان آزاد ڪرايو. ان مصيبت مان آزاد ٿيڻ کان پوءِسنڌ باد هڪ دفعو ٻيهر رستو تلاش ڪرڻ شروع ڪيو ، رستو تلاش ڪرڻ دوران هن کي جهنگ ۾ ٻيا به اهڙا ڪيترائي پوڙها نظر آيا جيڪي روئيندا ۽ هن کي منٿون ڪندا رهيا پر سنڌ باد انهن آفتن کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي مٿان سوار ڪرڻ جي غلطي وري نه ڪئي. سنڌ جا سياستدان به جهنگ جي انهن پوڙهن وانگر اليڪشن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي عوام کي منٿون ڪندا رهندا آهن ته انهن کي چونڊن ۾ مٿي چاڙهيو. جڏهن سنڌ جا اٻوجهه ماڻهون انهن کي پنهنجي مٿان سوار ڪري ويهندا آهن ته اهي سياستدان سنڌ جي عوام جي ڳچئ ۾ اهڙي انڊي هڻي ويهي رهندا آهن جو پنجن سالن تائين لهڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن. جيڪڏهن انهن کي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ باد جي پوڙهي وانگر اهڙي مڪ وهائي ڪڍندا آهن جو ماڻهن کي ڏينهن ۾ تارا نظر اچي وڃن.

    موجوده حڪمران جڏهن کان سنڌ تي سوار ٿيا آهن ته سنڌين مٿان لڳاتار مصيبتون نازل ٿي رهيون آهن، بحرانن مٿان بحران اچي رهيا آهن. پهريون بحران اٽي جو آيو اڃا اهو بحران حل نه ٿيو ته ٻيو بحران کنڊ جو آيو، کنڊ جي بحران کان پوءِ بجلئ جو بحران آيو کنڊ مارڪيٽ مان غائب ٿي وئي ۽ بجلي گهرن مان غائب ٿي وئِي . اٽي جي بحران ماڻهن کان ماني کسي ورتي ۽ بجلئ جي بحران ماڻهن کان ننڊ کسي ورتي باقي رهيل ڪسر ٻوڏ جي بحران پوري ڪئي. ٻوڏ ماني ۽ ننڊ کان پوءِ ماڻهن جا جهڳا به کسي ورتا . ٻوڏ جي پاڻئ کي دڳ ڏيکاري سنڌ جو هڪ هڪ ڳوٺ ۽ هڪ هڪ جهڳو ٻوڙايوويو. جيئن سنڌ باد کي پوڙهي سڄي جهنگ ۾ ڊوڙايو هو تيئن ٻوڏ جو پاڻي سنڌين کي پوري سنڌ ۾ ڊڪائي رهيو آهي. خيرپور ناٿن شاهه کان ميهڙ ، ميهڙ کان دادو ۽ هاڻي دادو کان ڄامشورو، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي ڄامشوري پهچندو ته اڳيان ڪا به جاءِ پناهه ڪونهي ڇو ته ڪراچئ جا رستا بند آهن. رياستي ڪارندا ۽ نواز ليگ جا ڪارڪن سنڌي ماڻهن تي ڏنڊا وسائي رهيا آهن ته ٻيا سنڌين تي گوليون وسائي رهيا آهن. سنڌ هميشه هر مصيبت زده کي پناهه ڏني آهي پر مصيبت جي هن گهڙئ ۾ سنڌين کي پناهه ڏيڻ وارو ڪوئي ڪونهي.

    سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سادگئ سبب سنڌ باد وانگر هڪ وڏي آفت پنهنجي مٿان مسلط ڪري ڇڏي آهي . ان آفت مان سنڌ جو ڇوٽڪارو ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن انهن کي سنڌ باد وانگر انگور جو وڻ نظر اچي پر انگور جو وڻ نظر اچڻ کان پوءِ به سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ باد وانگر هوشيار رهڻو پوندو متان اهي سٻاجهڙا ماڻهون ڪا نئين مصيبت پنهنجي ڪلهن تي سوار ڪرڻ جي ٻِيهر غلطي ڪري نه ويهن
     
    چانڊيو عبدالرحيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو