ھڪ ڪردار جو قتل ۽ انصاف جي اميد

'مختلف موضوع' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2010۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    [JUSTIFY]ھڪ ڪردار جو قتل ۽ انصاف جي اميد[/JUSTIFY]
    [​IMG]
    ھن ملڪ جي وجود کان وٺي سندس 63 سالن جي سفر ۾ مظلوم مسڪين معصوم ٻارڙن توڙي عام شھرين جو قتل ٿيڻ ڪا نئي ڳالھ ناھي. انھن ناانصافين حقيقتن کي منظري عام تي آڻيندڙ ۽ پنھنجي جانين کي ھر وقت دوکي ۾ وجھندڙ ڪردار صحافي آھن جيڪي به محفوظ ناھين. چاھي اھو قتل شاھد سانگي جو ھجي، يا امير بخش بروھي جو ھجي يا وري عاشق منگي ھجي يا ميرپور خاص جي گلين ۾ پنھنجي بلند آواز سان نا انصافين خلاف گونجندڙ ڪردار سلطان محمود چانڊيو جو قتل ھجي. ھونھن ته پاڪستان کي صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو ويو آھي. ھن سال اٺ صحافي جيڪي پنھنجي زندگي جي جنگ ھارائي ويٺا. ھن قلم جي وارثن کي صرف اھا سزا ڏني پئي وڃي ته ھو سچ جا ھٿيار ڦٽا ڪري ھن ظالم سماج ۾ شامل ٿي ظالم جو ساٿ ڏين. شايد ھنن جي ضمير کين اجازت نه ڏني سچ سان گڏ خاموش ڪردار بڻجي ڪري ھميشه لاءِ آرامي ٿي ويا آھن. صحافين سان ٿيندڙ ناانصافي سندن ھميشه حق جي آواز کي خاموش ڪرڻ لاءِ ھن سماج جا آڙيڪاپ ھر وقت پنھنجا ڪات ڪھاڙا تکا ڪريو ويٺا آھن. پر اصولن جي سودي بازي ھنن ڄاتوئي ناھي. صحافي برادري جي سٿ جي شھزادن پنھنجيون جانيون قربان ڪيون آھن. تازو جنھن ڏينھن تي سڄي سنڌ ڪشمور کان وٺي ڪراچي تائين ان پنھنجي قومي ڏھاڙي تي خوشين جي سمنڊ ۾ غوطا ڏئي رھي ھئي. سماج ۽ حق جي ويرين ميرپورخاص ۾ پنھنجي قلم جي نوڪ سان ۽ پنھنجي بلند آواز ۾ سماج ۾ ناانصافين خلاف جھاد ڪندڙ سلطان محمود چانڊيو کي گھران سڏي ھميشه لاءِ خاموش ڪرايو ويو. ھڪ بھادر ساٿي جي وڇوڙي تي پوري پاڪستان توڙي سنڌ جان صحافي ان غم ۾ مبتلا آھن ۽ روڊن ۽ رستن تي انصاف لاءِ سراپا احتجاج آھن. کين انصاف کپي ۽ ھڪ شھيد جي خاندان کي انصاف ڏيڻ لاءِ انھن قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ بيھاري اھڙي ته ڪڙي سزا ڏني وڃي جيڪا اھڙن ڪنڌن ڪردارن لاءِ مثال بنجي وڃي ۽ شھيد جي روح کي انصاف ڏيڻ لاءِ نئي تاريخ ھجي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ھن سماج ۾ محافظي جي علمبردارن جي روايتي سستي سبب ڪيس داخل ھئڻ باوجود ھيستائين ڪوبه قاتل گرفتار ٿي نه سگھيو آھي. اُھڙي صورتحال سلطان محمود جي خاندان ۽ صحافي برادري جي غمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي لڳي ائين ٿو ته ڄڻ ٿيو ئي ڪجھ ناھي انصاف ڏيندڙن جي مٿي تي ڪا به جوءَ نٿي چري. جو اھي اھا تڪليف ڪري ان قاتلن کي گرفتار ڪن. ماضي ۾ جھاتي پائي ڏسون ته جيڪڏھن ھتي صحافين سان ٿيندڙ نا انصافين ۽ سچ جي سپاھين کان زندھ رھڻ جو حق کسيندڙن کي ڪا سزا ڏني وڃي ھا ته شايد اڄ سلطان محمود چانڊئي جھڙو ڪردار اسان کان نه کسجي ھا. پر ائين نه ڪيو ويو ماضي جي حڪمرانن جي غلطين کي دفن ڪري ۽ آزاد ميڊيا تي يقين رکندڙ موجودا واڳ ڌڻين کي گھرجي ته ھو ھڪ صحافي جي شھادت کي اڳيان رکي ڪري انجي قاتلن کي قانون جي ڌائري ۾ آڻي ميرپور خاص جي مظلومن ماڻھن کي ۽ صحافي جي خاندان سان گڏ صحافي برادري کي انصاف فراھم ڪن جيئن ٻيا سلطان محمود جو ڪردار ادا ڪندڙ کي اتساھ ملڻ سان گڏ کين زندگي گھارڻ جو حق ملي ۽ نه وري ٻيو ڪو سلطان محمود ھن سٿ مان ٽٽي پوي. جيڪڏھن انصاف جي تقائضائن کي پورو نه ڪيو ويو انھن ظالمن کي سزا نه ڏني وئي ۽ روائتي سستي ڪئي وئي ته پوءِ ھن ظالمن جي ھٿان ڪنھن گھر جو سلطان محمود محفوظ ناھي اسان اھو سمجھون ٿا ملڪ جي واڳون سنڀاليندڙ ۽ شھيدن جي پارٽي جا وارث ڪنھن شھيد جي خاندان جي درد کي چڳي طرح محسوس ڪري سگھن ٿا انھن کي گھرجي ته سلطان محمود چانڊيو جي شھادت تي عدالتي ڪيمشن جوڙائي جاچ ڪرائي ظالمن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ بيھاري شھيد جي خون سان انصاف ڪرائين ۽ حق ۽ سچ جي ساٿاري ھئڻ جو ثبوت ڏين.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ھڪ ڪردار جو قتل ۽ انصاف جي اميد

    ادا بهترين ونڊ آهي ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو