زبردست ادا عرس جو توهان ايڊوانس ۾ سنڌ سلامت جو ڪيئلينڊر 2011ع جو تصويري مشاهدو ڪرايو، گُذريل سال واري ڪيلينڊر جو مشاهدو مان توهان کي ڪرائي ٿي ڇڏيان جيڪو محترم نثارناز مونکي ڏنو هو پيش آهي ان ڪيلينڊر جي تصوير۔
![]()
محترم نثار ابڙا جيئن ته مونکي اڃان اها خبر ڪانه ٿي پوي ته سنڌي ڪيئن ٿي لکجي پر هڪڙو هڪڙو اکر لکي رپلائي ڪريان ٿي توهان جي مهرباني جو توهان اهو ٻُڌايو ته هي ڪيلينڊر سنڌ سلامت وارن جو ڪونهي پر ادا عرس جي ذاتي محنت آهي اسان کي سنڌ سلامت جي ايندڙ ڪيلينڊر جو شدت سان انتظار رهندو۔ ۽ توهان جي اها به مهرباني جو توهان فوري طور تي مونکي پنهنجي موڪليل پوسٽ تي جواب ڏنو مان ڪوشش ڪندس ته سنڌ سلامت تي ڀيرو سدائين ڀريندي رهان هونئن به ادا نثار ناز جون مهربانيون آهن جو هن منهنجي آرگنائيزيشن ناري ڊيولپمينٽ ٽنڊو محمد خان جي مڙني تقريبن جا اکين ڏٺا احوال اڳ ۾ ئي توهان جي خوبصورت سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيا آهن۔ ادا نثار ابڙا توهان جو مهربانيون۔ مان پنهنجو مڪمل تعارف انشاالله سڀاڻي تائين ڏئي ڇڏينديس۔ڀيڻ شبانه امتياز سمون صاحبه، اوهانجا ٿورا جو اڄ اوهان هن اوطاق تي آيا ۽ پنهنجي ڏاهپ ڀرين ڳالهين سان سنڌ سلامت جي ڪجهه ڌاڳن تي پنهنجا خيال ۽ رايا پڻ ڏنا ۔۔۔
عرس پريي صاحب هي ڪئلينڊر پنهنجي طرفان ٺاهيو آهي ۔۔۔ مهيني جي حساب سان ٺاهيل هي ڪئلينڊر سهڻو آهي پر سنڌ سلامت جو ڪئلينڊر تياري جي مرحلي ۾ آهي ۽ دوست رشيد ۽ سليمان وساڻ ان ڏس ۾ سڀاڻي کان اوليت جي بنياد تي سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2011 کي تيار ڪرائي اوهانجي هٿن تائين پهچائيندا ۔۔۔ انشاء الله
ڀيڻ اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀيرو ڪندا ڪريو ته جيئن سنڌي ڀينرن کي پڻ هن اڱڻ تي اچڻ جو ڏس ملي پوي ۔۔۔ لک ٿورا
سنڌ سلامت ساٿ سلامت