نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌي ٻوليءَ کي سموري دنيا جي سامهون هٿي وٺرائڻ وارو سنڌي جوڌو ۽ دنيا جي سڀ کان پهرين فورم سنڌ فورم جو ايڊيٽر مان وارو اسان جو ساٿي سائين قدير مڱريو اسان جي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيو، اصل دل تي سرهايون ڇانئجي ويون۔ محبتون پروان چڙهي ويون، آئون پنهنجي سمورن سنڌ سلامت جي ساٿين منتظم سائين رشيد سمون، نائب منتظم ، سائين علي علي، ايڊيٽر، سائين نثار ابڙو، ايڊيٽر ادا وهاب قمبراڻي، ايڊيٽر ادا مگسي، ادا سُلطان ، ادا وحيد ڦلپوٽو، ادا زاهد سومرو، ادا وحيد سمون، ادا جهانداد سمون، ڀيڻ ساره ، ادي نور، ادي نجمه ڪنول ۽ سموري سنڌ سلامت جي سٿ طرفان توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو۔ ۽ اها دُعا ٿا ڪريون ته سنڌ جو سپوت سائين قدير مڱريو سدائين جُڙيو هُجي پنهنجي پيارن سان۔ اسان سائين قدير مڱرئي جا انتهائي ٿورائتا آهيون۔ جو سنڌ سلامت تي لاڳ ان ٿيا۔ اسان کي سندس مان وارين وارين پوسٽن جو شدت سان انتظار رهندو۔ ۽ اسان سندس انهن مانائتي پوسٽن مان گهڻو ڪجهه لاڀ حاصل ڪنداسين ۽ اسانکي کي گهڻو ڪُجهه سکڻ لاءِ ملندو۔ مهرباني سائين قدير مڱريو۔