صوفي اِزم ( هڪ زبردست بحث جيڪو صدين کان هلندو پيو اچي ) ڊاڪٽرحافظ شبيراحمد چنه ليڪچرر عربڪ سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو جئن ته سنڌ صوفياء ڪرام سان ڀريل آهي. هر دور ۾ وڏا وڏا بزرگ پيدا ٿيا آهن، مشهور بزرگ شيخ شهاب الدين سهروردي صديقي پاٽائي آهي. ۽ ان سان گڏ لعل شهباز قلندر، شاه عبدالطيف ڀٽائي، صوفي شاه عنايت شهيد، مخدوم سرورنوح وغيره. منهنجو ارادو ٿيوته صوفي ازم تي تحقيقي مضمون لکان، اميد ته هي مضمون عوام ۽ خواص لاء مفيد ثابت ٿيندو. صوفيءَ جو وجه تسميه صوفئ کي صفائيءِ قلب ڪري صوفي چيوٿو وڃي جو صفا کان ورتل آهي. جيئن حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي? فرمايو، صوفيءَ صاف ڪيومِ، ڌوئي ورق وجود جو، تِهان پوءِ ٿيومِ جِئري پسڻ پرينءَ جو. ڪن جوچوڻ آهي ته صوفين کي صوفي انڪري چيو ٿو وڃي جو هي پنهنجي اوصاف ۾ اصحاب صفه جي اوصاف جي ويجھو آهن. جيڪي اصحاب صفه حضورﷺ جي زماني ۾ هئا. اهل صفه اهي ٻاهريان صحابه ڪرام هئا جن جو تعداد 70 يا 300 يا 400 تائين هوندو هو. جيڪي دنيا جي ڪاروبار کان فارغ هئا ۽ هروقت حضورﷺ جي صحبت ۾ رهندا هئا ۽ دين جي تعليم قرآن ۽ حديث سکندا رهندا هئا. جن مان حضرت ابوهُريره? به هڪ هو. جو حضرت ابوهريره? جو بيان آهي، جوڪن ماڻهن سندن کان سوال ڪيو هو ته توهان کان گھڻيون حديثون منقول آهن ۽ ٻين صحابه کان ٿوريون انجوسبب ڇا آهي؟ فرماين ته مهاجر واپار ۾ لڳي ويندا هئا ۽ انصار کجين جي باغن، ٻنين وغيره ۾ ۽ اسان کي ٻيوڪو ڪم نه هوندو هو، هروقت حضورﷺ جي صحبت ۾ رهندا هئاسون ۽ سندن کان دين جو علم سکندا هئاسون. صوفياء ڪرام به گھرٻار ڇڏي خدا جي ڳولا ۾ نڪري پوندا آهن، ۽ مرشد ڪامل جي صحبت ۾ رهندا آهن ۽ چلاڪشي ڪندا آهن، جھنگل ۾ رهندا آهن ته تزڪيه نفس ٿئي، ان جو ثبوت حضورﷺ جي عمل مان ملي ٿو، جوپاڻ ڪريمﷺ نبوت کان اڳ غارحرا ۾ رهي عبادت ۽ الله جي قدرت ۾ غوروفڪر ۽ قوم جي اصلاح بابت سوچيندا هئا. شروعِ اسلام ۾ زهد پهرئين زماني ۾ گھڻا ماڻهو زهد طرف مائل ٿيا، صحابه ۽ بني اميه جي زماني ۾ خوني ڊگھيون جنگيون سياسي طورتي ٿيون، حڪام جي ظلم کان بچڻ ۽ حڪام جوعوام طرف توجه نه ڏيڻ ڪري ماڻهو زهد ۽ آخرت طرف مائل ٿيا، جن مان مشهور حضرت ابوذرغفاري? ۽ حسن بصري? آهن، جيڪي زاهد هئا. ۽ ابراهيم بن ادهم، دائودطائي، فضيل بن عياض، شقيق بلخي? ، ان زماني جامشهور زاهد آهن. جن الله سان محبت رکي ۽ ان جوخوف انهن جي دلين ۾ وڌيڪ هو. صحابه ڪرام ۾ مشهور زاهد حضرت بلال حبشي مؤذن رسول اللهﷺ ۽ حضرت سلمان فارسي? ۽ ابوذرغفاري? آهن. 3 صدي هجريء ۾ زهد ترقي ڪري تصوف جي صورت اختيار ڪئي جو پير جا مريد گھڻا هجن ۽ ان جو به استاد هجي ان کان ڪامل ٿي مسند خلافت تي ويهي، بايزيدبسطامي چئي ٿو ”من لم يڪن له استاد فامامه الشيطان“، ترجمه جنهنجو پيرنه آهي، انجو اڳواڻ شيطان آهي. ذوالنون مصري ، معروف ڪرخي، سري سقطي، ۽ جنيد بغدادي? هن دورجا زاهد آهن. هن صدي هجريء ۾ وحدة الوجودجوبنياد پيو جنهنجو ثبوت قرآن ڪريم مان ملي ٿو، الله تعالي فرمايو (1). ”ڪل شئ هالڪ الا وجهه“ .ترجمه سڀ شيون الله کان سواء هلاڪ ٿيڻ واريون آهن. (2). ”ڪل من عليها فان ويبقي وجه ربڪ ذوالجلال والاڪرام“، ترجمه جيڪي شيون دنيا ۾ آهن سي سڀ فنا ٿيڻ واريون آهن ۽ تنهنجي رب جي ذات ،جيڪوعزت ۽ اڪرام وارو آهي، باقي رهندي. (3). ”فاينماتولوافثم وجه الله“، ترجمه جيڏانهن توهان منهن ڦيرايو اوڏانهن الله تعالي آهي. وحدة الوجود جو مطلب آهي، الله اڪيلو اهوئي موجود حقيقي آهي، انڪري الله تعالي کي حق سڏين ۽ حسين بن منصور اناالحق جو نعرولڳايو. ٽين صدي هجري ۽ بعد جي صوفين جون اهم صفتون (1). حب الاهي، الله سان محبت (2). معرفتِ اِلاهي. ذوالنون مصري هن ۾ پهريون ڪلام ڪيو جيڪو حڪيم هو ۽ ڪيميا جي فن جو ماهرهو. هن ڏٺوته، صوفيه جي زندگيءَ جي نهايت معرفت ان مقام تائين پهچڻ آهي جنهن ۾ حقيقتون روشن ٿين ٿيون ۽ جنهن ۾ صوفي ذوق جي ادراڪ ۽ علم سان ڄاڻندو آهي، جنهن ۾ نه عقل جو اثرهوندو آهي ۽ نه ئي ڏسڻ جو. وحدة الوجود جو مطلب ته حقيقي وجود هڪ الله تعالي جوآهي ۽ ظاهري ڪثرت مظاهر ۽ تعينات آهن ان ۾. لاالاه الا الله جو مطلب آهي ته حقيقت ۾ ڪوئي موجود نه آهي الله کان سواء، ۽ جيڪوبه الله کان سواء آهي، سو عدم محض آهي. مقامات اِهي 7 آهن . (1). مقام توبه (2). مقام ورع (3). مقام زهد (4). مقام فقر (5). مقام صبر (6). مقام توڪل (7). مقام رضا. اسلامي تصوف جا ماخذ (1). قرآن ۽ حديث جنهن ۾ رب سان ٻانهي جي وصل جو ذڪر آهي ۽ محبت الاهي جو، جيئن ”ادعوني استجب لڪم“، (مونکي سڏيوته توهان جو سڏ قبول ڪيان). ۽ ”الله نور السموات والارض“، (ترجمه الله آسمانن ۽ زمينن کي روشن ڪندڙ آهي.) ۽ ”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“، (ترجمه اسان ان جي ويجھوآهيون ساه جي رڳ کان.) ۽ ”والذين آمنوا اشد حب الله“، (ترجمه مؤمن الله سان سخت محبت رکندڙ آهن). (2). اجنبي ماخذ: جڏهن مسلمانن فارس، سوريا ۽ مصرفتح ڪئي ته انهن کي اتي پراڻا دين مليا جيڪي هن دين کان مختلف هئا ۽ فلسفا ۽ مذهب لاهوتي، جنهن ڪري عقيدو اسلامي نه پيوٽڪي سگھي ۽ هي زهد ۽ تصوف ۾ اچي سگھن ٿا. (3). مسيحي ماخذ: خود زهد اسلامي تصور آهي پر ان ۾ غلو جئن عالَم ۽ تناسل کان الڳ ٿيڻ ۽ نفس کي درد، مشقت ۾ وجھڻ اهڙو امر آهي جنهن ۾ مسيحيت سان هندي به شريڪ ٿئي ٿي. ان صورت ۾ زاهد مسلمان نصراني راهبن سان ڪجھ تاثر ۾ متاثر ٿيا، خاص ڪري قرآن نصرانين جي مدح ٿوڪري، ”لتجدن اشدالناس عداوة للذين آمنوا اليهود والذين اشرڪوا ولتجدن اقربهم مودة للذين آمنوا الذين قالوا انا نصارى ذالڪ بانهم قسيسين ورهبانا وانهم لايستڪبرون“، ترجمه تون مؤمنن سان سخت دشمن يهودين ۽ مشرڪن کي لهندين ۽ مؤمنن سان محبت ۾ وڌيڪ ويجھو نصرانين کي لهندين، هي ان ڪري ته اهي عالِم ۽ درويش آهن ۽ وڏائي نه ٿا ڪن. حب الاهي جو فڪر مسيحن وٽ به آهي، قرآن به ٿورين جاين تي بيان ٿوڪري. مسيحيت زهد جو ٻج بلادعرب ۾ قبل بعثت محمديه پوکيو، ۽ مسيحيت اسلام کان اڳ۾ جزيره عرب جي شمالي قبائل ۾ ڦيليل هئي، گھڻوڪري عرب مسيحيت جي دين جي عقائد تي هئا، عرب جي زماني جاهليت جي شعرن ۾ مسيحي راهبن جي باري ۾ اشارا موجود آهن. جو ٻهراڙيءَ جا عرب هن عيسائي درويشن جي وڏي عزت ڪندا هئا ۽ رات جو انهن جي صوامع (عبادتگاه) جي انوار سان هدايت لهندا هئا. جو عرب رات جو برپٽ ۾ هلندا هئا، هن درويشن جي ڪري اهل عرب جي عقائد ۾ تبديلي آئي، جوبتن کان ڀڳا ۽ انهن جي عبادت ڇڏيائون ۽ عقيده توحيد جي قريب ٿيا، بعض اهل عرب زهد ۽ مجاهده نفس ۾ لڳا ۽ اُنَّ جولباس پاتائون ۽ پاڻ تي ڪجھ طعام حرام ڪيائون، اوائل اسلام ۾ زهد تي مسيحيت جواثرپيو. اسلام به ڪجھ اهڙيون حدون مقررڪيون ۽ شرط جو زهد جي قريب هئا، جئن رمضان جا روزا، شراب جوحرام ڪرڻ، روزانه پنج وقت نماز، بيت الله جو حج. قرآن وضاحت ڪئي ته رهبانيت بدعت آهي، جنهن کي مسيحيت ايجادڪيو، الله تعالي فرمايو ”ورهبانية نِ ابتدعوها ماڪتبناها عليهم الا ابتغاء رضوان الله .... الخ“ ترجمه ۽ درويشي جنهن کي انهن نئون ايجاد ڪيو ان کي اسان انهن تي نه لکيو مگر الله جي رضاء طلب ڪرڻ لاءِ، ۽ حديث ۾ آيو ”لارهبانية في الاسلام“ (اسلام ۾ درويشي نه آهي). ان جي باوجود پهرين مسلمانن جون خبرون ٻڌائن ٿيون ته مسلمانن جي هڪ جماعت زهد تي هئي، ۽ اسلام ۾ زهد پڪو ٿيو، هتان زهد اسلاميءَ ۾ مسيحيت جواثر ظاهر ٿيو. (4). يوناني ماخذ: ذوالنون مصري، پهريون شخص آهي جيڪو شمار ڪيو ٿو وڃي جنهن فلسفي کي تصوف جو جزء مقرر ڪيو ۽ هن جا اڪثر رايا يونانين سان متفق ٿا ٿين. ڪتاب ربوبيه جي نسبت ارسطوءَ ڏي غلط آهي، حقيقت ۾ اهوتاسوغات جوجزء آهي. افلوطين جو، هن جو تصوف اسلاميءَ ۾ وڏوتاثيرآهي. صوفين الله تي الواحد الحق ڳالهايو، جيڪو وحدة الوجودالحقيقي آهي ۽ واحد هن معنى سان افلاطوني نئون اصطلاح آهي. (5). اشراقي ماخذ: حڪمة الاشراق اها حڪمت جنهنجو بنياد اشراق آهي، جيڪو ڪشف آهي يا حڪمت مشارقه، جيڪي اهل فارس آهن، هي به پهرين يونان تي موٽي ٿو. ڇو ته هنن جي حڪمت ڪشفي ذوقي آهي، پوءِ اشراق ڏي منسوب ڪئي وئي، جيڪو عقلي انوار جو ظهور آهي ۽ انهن جوچمڪڻ نفس تي خالي ٿيڻ وقت اشراقن سان آهي، ۽ فارسن ( ايرانين ) جو اعتماد حڪمت ۾ ذوق ۽ ڪشف تي هوندو هو. اهڙيطرح اڳيان يوناني ارسطو ۽ انهن جي جماعت کان سواءِ، ڇوته هنن جو اعتماد بحث ۽ برهان تي هوندوهو. حڪمت اشراق ۾ حدس صوفي هوندو آهي، دليل ۽ برهان نه، هن معرفت جو نالو صوفين وٽ ذوق آهي. سهروردي هن حڪماء کان ذڪر ٿو ڪري، قوله ”وڪان في الفرس امة يهدون بالحق وبه ڪانو يعدلون“، ترجمه ايرانين ۾ هڪ جماعت هئي حق تي ۽ ان سان انصاف پياڪن. حڪماء، فضلاء، غير مشبهه المجوس انهن جي نوري شريف حڪمت کي اسان زنده ڪيو، جنهن سان ذوق افلاطون جو ڏٺوٿووڃي. هيء حڪمت اشراق آهي، جنهن تي هندستان ، فارس، بابل، مصر ۽ قدماء يونان افلاطون تائين هميشه رهيا، ان حڪمت اشراق تي دائر هئا. اسلامي صوفين هن اشراقي حڪمت مان حظ وافر حاصل ڪيو، جنهن ۾ ٻه شيون گڏ مليل آهن. اڳوڻن فارسين جو فلسفو ۽ فيثاغورث جوفلسفو، ذوالنون مصري ۽ ابوسهل تستري، افلاطوني فيثاغورٿ جو فلسفو نقل ڪيو. ٻيوٽولو مشائن جو هو، جن جو اڳواڻ ارسطو ۽ انهن جااتباع. (6). هندي ماخذ: هندي تصوف جو مطلب آهي نفس بشريء جو ملڻ پنهنجي روحاني مبداء سان، هي ”برهمڻ“ جو مذهب آهي. تصوف اسلامي، تصوف هنديء سان ڪجھ شين ۾ مشترڪ آهي. فڪر فناء ذاتي وجود ڪليء ۾ جنهن کي صوفيه فناء جي حالت ٿاچون. محو ۽ استهلاڪ جنهن ۾ شعور وجود (ذاتيء) سان معدوم ٿي ويندوآهي، ان کي هندي نرفانا ٿا چون. هنديء جا آثار جيڪي تصوف اسلاميءَ ۾ آيا، انهن مان خرقه خلافت آهي، جيڪو پير مريدکي پارائيندو آهي، جڏهن انجو طريقت ۾ داخل ٿيڻ پورو ٿيندو آهي. هي خرقه اشاروآهي فقر ۽ جهان کان منهن موڙڻ طرف ۽ ان آثار مان تسبيح جو استعمال آهي، جيڪو اسلام ۾ شائع ٿيو ۽ رياضت جاطريقا ذڪر سان متعلق وغيره. هندي مذهبن مان برهمڻ جومذهب آهي يعني حڪماء هندجيڪي طريق تامل سان روحاني ڪمال جي طلب ڪن ٿا،عقيد و ٿا رکن ته اهي الله جي قرب جي قدرت رکن ٿا بلڪ الله پنهنجي ذات سان انهن جي دلين ۾ حاضر ٿئي ٿو، انڪري نفس ان سان متحد ٿيڻ جي خواهش ٿو ڪري، يعني الله سان يا برهمڻ، جڏهن هن اتحاد تي پهچندوآهي ته رڙ ڪندو آهي، اهو تون آهين يا مان برهمڻ آهيان يعني الله ۽ حلاج جوقول انا الحق اهو هن حڪماء هند جي قول جي قريب آهي. (7). چيني ماخذ: ڪونفوشيوس جي زماني ۾ چين جو حڪيم هو (551-679 ق.م) حڪيم مرد جنهنجو نالوهو، لي آره لاؤتسه جي نالي سان مشهور، جڏهن ان ڏٺوته چين پنهنجي سياسي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ پوئتي هٽيو آهي، ۽ اصلاح کان نا اميد ٿيو ته ان پڪوپهه ڪيوته جهان کان گوشه نشيني اختيارڪندو نهر اصفر (ڦڪي) جي پٺيان، پرانکان حارس الحدود (حدن جي نگراني ڪندڙ) طلب ڪيوته هن ملڪ ڇڏڻ کان اڳي ڪتاب لکي پوء ان ڪتاب لاؤتسه لکيو، ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي ڪلمه لفظ ”تآو“ ۽ ” تہ“ جي شرح آهي پوء ملڪ ڇڏيائين. تآو جي معنى آهي روحاني طريقو ” تہ“ جي معنى نعمت ( لطف الاهي) يعني معرفت حقيقي الاهي جو طريقو يا باب. ۽ ” تآو“ به حقيقت قصوى. اهل عرب ۽ اهل چين جا پاڻ ۾ تجارت جا تعلقات هئا قبل ميلاد (مسيح) هي تعلقات بعدالميلاد به رهيا، پر انهن جو ذڪر 5 صدي جي وچ۾ مدوّن ڪيو ويو ۽ رسول الله ﷺ جي زماني ۾ به تجارت جاتعلقات چين ۽ عرب جي وچ۾ هئا ۽ جڏهن هيء حديث صحيح آهي ته ”اطلبوا العلم ولوبالصين“، (علم حاصل ڪيو ، کڻي چين وڃڻو پوي)، ته اهل اسلام چين کي سڃاتو هو، ان جي پهرين تهذيب کان جو ان جي بنياد تي حضورﷺ جن اهڙو مثال ڏيڻ فرمايو. امام غزالي ? جونظريه تصوف امام غزالي? پنهنجي دور جو وڏو عالم، فاضل، مناظر هو آخر ۾ درس وتدريس ڇڏي زهد اختيار ڪين، 12 سال برابر رياضت ڪيائون پنهنجي درد ڀري ڪهاڻي، پنهنجي ڪتاب ”المنقذ من الضلال“ ۾ بيان فرمائي اٿن. امام غزاليء جونضريه وصول الى الله جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب مشڪاة الانوار ۾ آهي، جيڪو پنهنجي ڪتاب جي آخر ۾ لکيوهين. امام غزالي? تصوف تي پنهنجي ڪتاب احياء العلوم جي شروع ۾ بحث ڪيوآهي، جيڪو قارئين جي خدمت ۾ پيش آهي. علم طريق آخرت جا ٻه قسم آهن، (1). علم مڪاشفه(2). علم معامله. علم مڪاشفه: هي باطن جو علم آهي، سڀني علوم جي نهايت ۽ علت غائي آهي، بعض عارفن چيوآهي ته جنهن شخص کي هن علم مان حصونه هجي ته مونکي ان جي بري خاتمي جوخوف آهي. هن علم ڪري گھڻيون ڳالهيون منڪشف ٿينديون آهن، ان وقت خداپاڪ جي ذات جي معرفت حقيقي حاصل ٿيندي آهي، آخرت، جنت، دوزخ، عذاب قبر، حساب، ميزان. هن جي ڪري دل جو آئينودنيا جي خباثتن جي زنگ کان صاف ٿيندوآهي، صفائي، جلاء (دل جي آئيني جي) تدبير، شهوتن کان باز رهي ۽ انبياء عليهم السلام جي اقتداء سڀ حالات ۾ ڪري، هي علم ڪتابن ۾ نه لکياوينداآهن.(1) علم معامله: دل جي حالات جو معلوم ڪرڻ چاهي اهي سٺيون هجن، جئن صبر، شڪر، خوفِ خدا وغيره، يا بُريون حالات جيئن مفلسيءَ جو خوف، تقدير تي خفا ٿيڻ، ڪينه، حسد، برتريءَ جي طلب، طمع، بخل ۽ تڪبر وغيره.(2) ان شين جي حقيقت ۽ ثمرن ۽ علاجن جو معلوم ڪرڻ علم آخرت آهي. علماء آخرت جي حڪم جي روء سان هي علم فرض عين آهي، پوء جو شخص هن کان منهن ڦيريندو اهوخداء جي قهر کان هلاڪ ٿيندو.(3) 1. مذاَق العارفين ص28. 2. اختصار از مذاق العارفين ص29. 3. ايضًا ص29 علماء ظاهر مان جي اهل ورع هئا، سي علماء باطن ۽ صاحب دلين جا اقراري هئا مثلاً امام شافعي، شيبان راعي (ڌنار) جي سامهون ائين ويهندو هو جئن شاگرد مڪتب ۾ استاد جي سامهون (گوڏاڀڃي) ويهندو آهي ۽ ان کان پڇندو آهي ته فلاڻي، فلاڻي معاملي ۾ اسان ڇا ڪيون؟ ماڻهون امام شافعيء کي چوندا هئا ته توهان جهڙو شخص ان جھنگلي ماڻهوء کان پچي ٿو، پاڻ فرماين، جو توهان سکيوآهي ان جي ان شخص کي توفيق ملي آهي.(1) امام شافعيءَ شيبان راعيءَ کان سوال ڪيوته جنهن شخص جون ٻه يا ٽي نمازون قضا ٿي ويون هجن ۽ ياد نه اٿس ته ڪهڙيون ته اهو ان نمازن جي قضا ڪيئن ڪري؟ حضرت صاحب ڪاوڙيا ۽ فرماين ته اهو شخص غافل آهي ان کي پنج نمازون قضا ڪرڻ کپن. ( ۽ واقعي احتياط به ان۾ آهي) .(2) حضرت امام ابوحنيفه? امام جعفر صادق? جي صحبت ۾ ٻه سال برابر رهيا ۽ فرماين ”لولا السنتان لهلڪ النعمان“ ( جيڪڏهن مونکي اهي ٻه سال صحبت جانه ملن ها! ته نعمان هلاڪ ٿئي ها! ) شيخ عبدالعزيز دباغ? وڏوعالم نه هو، خدا وارو وليِ ڪامل هو ظاهري اکين کان نابين هو پر سندس اندر جي اک کليل هئي، صاحب بصيرت هو، پاڻ صحيح ۽ سقيم حديث ۾ فرق ڪنداهئا. ماڻهن پڇيوته سائين! توهان ايڏا پڙهيل به نه آهيو، توهان کي اهو فرق ڪيئن ٿومعلوم ٿئي؟ پاڻ فرماين ته صحيح حديث جي بيان وقت نور ظاهر ٿيندو آهي ۽ سقيم وقت ظلمت، ته مان سمجھي ويندوآهيان ته هي صحيح ۽ سقيم آهي. شيخ فريدالدين عطار? پنهنجي ڪتاب ”منطق الطير“ جي آخر۾ ولايت جي 7 وادين جوذڪر ڪيو آهي. شيخ صاحب پاڻ ان ستن وادين جو سيرڪيو هو، جو ان جو تفصيل تمثيلي طور تي هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو اٿن. وحدة الشهود پهرين صوفين وحدة الوجود جو نظريو پيش ڪيو، پر ان ۾ خرابيون هيون، جو اهو نظريو اصل ۾ هندن جي نظريي کان ورتل هو، جئن اڳ۾ اچي چڪوآهي. ان ڪري هجرت جي هزار سال بعد حضرت امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمدفاروقي سرهندي? آيو، جنهن وحدة الشهود جونظريو پيش ڪيو، جنهن تي سڀ علماء اڳيان ۽ پويان متفق آهن. هن نظريي ۾ عقيدي جي لحاظ کان ڪا خرابي نه آهي ۽ نه اتحاد. امام صاحب لکن ٿا ته، فنا ۽ بقا شهودي آهي وجودي نه آهي، ڇوته ٻانهي جو وجود ناچيز ( فنا ) نه ٿوٿئي ۽ نه ئي حق تعالى شانہ سان متحد ٿئي ٿو. ٻانهو هميشه ٻانهو آهي، خدا هميشه خدا آهي، اهي ماڻهون زنديق (بيدين) آهن جيڪي فنا ۽ بقا کي وجودي تصور ڪن ٿا، ۽ سمجھن ٿا ته ٻانهو پنهنجي وجودي تعينات کي رفع ڪري پنهنجي اصل سان، جيڪو تعينات ۽ قيود کان پاڪ، متحد ٿئي ٿو ۽ پنهنجي پاڻ کان فاني ٿي پنهنجي رب سان بقا حاصل ڪري ٿو، جهڙي طرح جوقطرو پنهنجي پاڻ کان فاني ٿي درياء سان ملي ٿو وڃي ۽ پنهنجي قيود کي رفع ڪري مطلق سان متحد ٿئي ٿو. (خدا پناه ۾ رکي اهڙن برن عقيدن کان). فنا جي حقيقت هيء آهي ته انسان ماسوى الله کي وساري ۽ حق تعالى کان سواء ٻئي جي گرفتاري ۽ تعلق باقي نه رهي ۽ سينو ۽ دل جوميدان پنهنجي سڀني مرادن ۽ خواهشن کان پاڪ ۽ صاف ٿئي. جئن ته ٻانهپ جي مناسب آهي ۽ مقام بقا جي مناسب هي آهي ته انفسي آيات جي مشاهدي کان بعد ٻانهو پنهنجي مولى جل شانہ جي مرادن تي قائم رهي ۽ حق تعالى جي مرادن کي عين پنهنجون مرادون معلوم ڪري.(3) مولانا زوار حسين صاحب اڳتي لکي ٿو، 1. اختصار از مذاق العارفين ص30. 2. اختصار از مذاق العارفين. 3. حضرت مجدد الف ثاني . ص 663 ان علوم توحيد جو منشانه جذبه آهي ۽ نه غلبه محبت ۽ انهن جي مشهود کي عالم سان ڪجھ نسبت نه آهي انهن کي جيڪو ڪجھ عالم ۾ ڏيکارن ٿا انهن جي مشهود حقيقيء جو شبه ۽ مثال آهي.3 اڳتي لکن ٿا منصور جيڪو اناالحق چيو ته ان جي مراد هيء نه آهي ته مان حق آهيان ۽ حق سان متحد آهيان ڇوته هي ڪفرآهي ۽ ان جي قتل جو سبب آهي بلڪ انجي قول جي هيء معنى آهي ته مان نه آهيان ۽ حق تعالى موجود آهي.4 اڳتي امام صاحب مڪتوبات ۾ لکن ٿا. حاصل ڪلام هي آهي ته صوفيه شين کي الله تعالى جا ظهور ڄاڻن ٿا ۽ ڪنهن قسم جي تنزل جي ملاوٽ ۽ ڦير گير جي گمان کانسواء الله تعالى جااسماء ۽ صفات جاآئينا خيال ڪن ٿا، جهڙيطرح ڪنهن شخص جو پاڇو ڊگھو ٿي وڃي ته نه چئي سگھبوته اهو پا ڇوان شخص سان متحد آهي ۽ عينيت جي نسبت رکي ٿو يا اهو شخص تنزل ڪري ظل ( پاڇي) جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي، بلڪ اهو شخص پنهنجي خالص اصالت تي آهي ۽ ظل (پاڇو) ان ڪنهن تنزل ۽ ڦير گير جي ملاوٽ کان سواء وجود ۾ آيوآهي البته بعض اوقات ان ما ڻهوء جي نظرکان جن ان شخص سان ڪمال درجي جي محبت پيدا ڪئي آهي ان ڪمال محبت جي ڪري، پاڇي جو وجود لڪل ٿئي ٿو ۽ ان شخص کانسواء انهن کي مشهود نه ٿو ٿئي، ته ٿي ٿو سگھي ته ان وقت هي چون ته ظل (پاڇو) عين شخص آهي يعني ظل معدوم آهي ۽ موجود اهوئي شخص آهي. ان تحقيق مان ثابت ٿيوته شيون صوفين وٽ حق تعالى جا ظهور آهن نه هي ته حق تعالى جوعين آهن. شيون حق تعالى کان ٿينديون، نه هي ته حق تعالى ٿينديون. پوء همه اوست جو مطلب آهي همه ازوست (سڀ شيون حق تعالى کان وجود ۾ آيون آهن) جيڪو علماء ڪرام وٽ مختارآهي.1 اڳتي امام صاحب فرمائي ٿو. يعني جيڪڏهن ممڪن جو وجود آهي ته اهو واجب جي وجود کان پيدا ٿيندڙ آهي ۽ ان ئي ذات سبحانه جي وجود جو پرتو آهي ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن حيات آهي ته اها به ان جي صفت حيات کان پيدا ۽ ان جي حيات مقدسه جو پرتو آهي. علم ۽ قدرت ۽ ارادو وغيره به ان ئي قياس تي آهن ، پوء صوفين جي مطابق عالَم حق تعالا کان صادر به آهي ۽ انجي ڪمالات جو ظل (پاڇو) به آهي ۽ ان جي پاڪ ڪمالات کان پيدا آهي مثلاً جيڪو وجود جو ممڪن کي ڏنو ويو آهي اهو اهڙو امر نه آهي جيڪو پاڻهي ٿيو ۽ ان کي استقلال حاصل هجي، بلڪ اهو وجود حق تعالى جي وجود جي ظل (پاڇو) جو پرتو آهي.2 هي سڀ حق تعالى جي ڪمالن جا ظلال (پاڇا) ۽ ان ڪمالات جون صورتون ۽ مثال آهن. خلاصو ته تصوف جي ابتداء زهد سان ٿي پوء مڪمل هڪ طريقت جي شڪل اختيار ڪئي جو هر دور ۾ وڏا وڏا صوفياء ڪرام پيدا ٿيا جن جي صحبت سان عوام کي فيض مليو ۽ خدا جو قرب حاصل ٿيو. جيئن مولانا جلال الدين رومي? فرمايو، يڪ زمانه صحبتِ با اوليا، بهتر از صد سال طاعت بي ريا. ترجمه هڪ گھڙي ولي الله جي صحبت ۾ گذارڻ سوسال جي بي ريا عبادت کان بهتر آهي. اڳتي فرمائي ٿو، 1. حضرت مجدد الف ثاني. ص666. 2. ايضاَ. ص669. 3. ايضاَ. ص670. 4. ايضاَ. ص 674 بيني اندر خود علومِ انبياءَ، بي ڪتاب و بي معيد و اوستا. ترجمه. خدا وارن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري پنهنجي اندر سيني ۾ انبياء عليهم السلام جاعلوم لهندين، بنان ڪتاب ۽ استاد جي توکي حاصل ٿيندا، يعني انکي لدني علم حاصل ٿيندو . هن دور ۾ سائين مولانا محمد طاهرصاحب جن خدا جاولي ڪامل آهن جن جي فيض برڪت سان وڏي خلق نيڪو ڪار ٿي، سندن درگاه ڪنڊياري، اله آباد، سنڌ ۾ آهي ، پاڻ سڄڻ سائينء جي نالي سان مشهور آهن. بشڪريه ڊاڪٽرحافظ شبيراحمد چنه ليڪچرر عربڪ سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو جي ذاتي سائيٽ (نوٽ۔۔ مضمون جي تمام ڳالهين سان ونڊ ڪندڙ جو مطفق هجڻ ضروري نه آهي )