مخدوم حاجي محمد هالائي? جي زندگي ءِ سندن علوم عربيه ۽ دينيه ۾ خدمتون ڊاڪٽرحافظ شبيراحمد چنه ليڪچرر عربڪ جيئن ته سنڌ باب الاسلام آهي ۽ سنڌ ۾ پراڻي وقت کان دين اسلام جي روشني اچي چڪي هئي ۽ تيرهين ۽ چوڏهين صدي هجري ۾ علما ءَپنهنجي محنت سان مخير حضرات جي تعاون سان دين جي خدمت ڪندا هئا کين حڪومت جي ڪابه سرپرستي حاصل نه هئي. هئُ مضمون منهنجي ٿيسز جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ چار باب آهن، باب1: مخدوم حاجي محمد هالائي? جي زندگي. باب2: مخدوم صاحب جون عربي۽ ديني علوم ۾ خدمتون. فصل (الف) بحث(1): علم صرف ۽ نحو ۽ لغت ۾. بحث(2): منطق ۽ حڪمت ۾. بحث(3): علم معاني ۽ بيان ۽ بديع ۾. فصل (ب) بحث(4): تاريخ ۾. بحث(5): تصوف ۽ سلوڪ ۾. بحث(6): سيرت ۾. فصل (ج) بحث(7): علمن ۾. بحث(8): علم ڪلام ۾. بحث(9): تفسير۽ اصول ۾. فصل (د) بحث(10): حديث ۽ اصول ۾. بحث(11): فقه ۽ اصول ۾. فصل (ه) بحث(12): اجتهاد ۽ تقليد ۾. باب3: متن ڪتاب فتاوى محمديه. باب4: ختم بحث. مخدوم حاجي محمد هالائي? جي زندگي مخدوم حاجي محمد هالائي? جي والد جو نالوآخوند محمد اسماعيل هو سندن ولادت هالا پراڻا ۾ 27 رمضان سن 1276 هجري ۾ ٿي. شروع وارا عربي ڪتاب خليفه حافظ عبداللطيف هالائي وٽ پڙهيا ان کان بعد مولانا حسن الله پاٽائي وٽ پاٽ ۾ پڙهيا ۽ هتي ٿورو وقت رهيا، پوءِ کين مولانا محمد حسن ڪنڊوي جي خبر پئي جن حيدرآباد ۾ ئي خيري مسجد ۾ مدرسو کوليو هو پاڻ اتي درسِ نظامئ جي تڪميل ڪري دستار فضيلت ٻڌن. انکان پوءِ مخدوم حاجي محمد هالائي? ٽنڊو مير نور محمد حيدرآباد جي قريب مدرسو کوليو، جنهن ۾ عربي علوم پڙهائيندا رهيا ٻه ٽي سال هتي رهيا پوءِ پنهنجي والد صاحب جي حڪم مطابق هالا ۾ آيا ۽ هتي مدرسو کولي عربي علوم پڙهائيندا رهيا. سندن مدرسي ۾ پري پري جا شاگرد عربي پڙهڻ لاءِ آيا. ان بعد سندن والد وفات ڪئي . والد صاحب جي وفات بعد مخدوم حاجي محمد هالائي? بيت الله جي حج ۽ زيارتِ روضه رسولﷺ لاءِ سن1309 هجري ۾ پنهنجي والد صاحب جو سامان وڪڻي نڪتا ۽ مڪي ۾ پورو سال رهيا. مولانا عبدالحق مهاجر اله آبادي جي خدمت ۾ رهي حديث جو مطالعه ڪين، ۽ ان وٽ اوليات حديث ۽ اصول حديث ۾ اجازت حاصل ڪيائون. اها سند اچ به سندن ڪتب خانه هالا پراڻا ۾ موجود آهي. مخدوم صاحب باقي پيسن جا ڪتاب مڪي شريف مان خريد ڪيا ۽ سنڌ واپس آيا ۽ سنڌ ۾ درس تدريس ۾ پهريان وانگر مشغول ٿيا . مخدوم صاحب دين جي معاملي ۾ سخت مزاج هئا ۽ ماڻهن کان بي نياز ۽ پنهنجي زماني جا وڏا مفتي، ان کان علاوه حديث، فقه، تصوف جا عالم ۽ تصوف جي نڪتن جا عارف ۽ مثنوي رومي ۽ مڪتوباتِ امام رباني مجدد الف ثاني جا ماهر. سندن جو تصوف جي دقيق مسائل تي بحث مباحثو خواجه محمد حسن سرهندي سان رهندو هو، جيئن ته فقهي مسائل تي سندن مناظرو مولانا عبدالغفور همايوني سان ٿيندو هو. سندن مشهور شاگرد 1. مولوي حاجي عبدالرحمان سمون نصرپوري. 2. مولوي جان محمد بختيار پوري. 3. مولوي حڪيم قاضي معين الدين هالائي. 4. مولوي خليفه حافظ حاجي محمد هالائي. 5. مولوي عبدالله. 6. حڪيم مولوي عبدالله هالائي وغيره. فتاوا محمديه جا نسخا 1. قلمي نسخو مدرسه محمديه جي ڪتب خانه هالا ۾ مصنف جي ڪتابن ۾ موجود آهي. 2. ننڍو فتاوى محمديه قلمي مدرسه غفاريه بخشيه اله آباد ڪنڊيارو جي لائبريري ۾ مولانا محمد طاهر المعروف ”سڄڻ سائين“ جي ڪتابن ۾. 3. مولوي منٺار ٽنڊوآدم واري جي ذاتي ڪتب خاني ۾. سندن وفات سنه 1336هجري ۾ ٿي . سندن مشهور استاد 1. خليفه عبداللطيف هالائي. 2. مخدوم حسن الله پاٽائي: هي پنهنجي چاچي مخدوم فضل الله پاٽائي وٽ پڙهيا ۽ باقي ڪتاب مولانا نورمحمد شهدادڪوٽي وٽ پڙهيا. 3. مولانا محمد حسن قريشي ڪنڊوي حيدرآبادي: پاڻ ڪنڊي مخدوم بلاول وٽ (دادو جي ڀرسان) ويٺل هئا. ڪتابن جي تڪميل مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي وٽ ڪيائون، پاڻ قاضي امام علي جي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس و تدريس ۾ مشغول رهيا. 4. مولانا عبدالحق مهاجر اله آبادي: پاڻ نواب قطب الدين دهلوي وٽ پڙهيا پوءِ مڪه مڪرمه هجرت ڪري ويا، اتي شيخ الدلائل جي عهدي تي فائز رهيا. پاڻ حج بدل جي احڪام ۾ اردو ۾ رسالو لکيو جنهن جونالو ”نهايه الامل في بيان الحج البدل“ آهي ۽ در مختار تي حاشيو لکيو اٿن، تفسير ۾ ”اڪليل“ گھڻن وڏن جلدن ۾. تصوف ۾ داخلا مخدوم حاجي محمد هالائي پهريائين مولوي ولي محمد ملا ڪاتيار واري جي بيعت ڪئي. ان جي وفات بعد حاجي عبدالرحمان سرهندي مجددي ٽکرائي جي صحبت ۾ نقشبندي طريقي ۾ رهيا. سندن همعصر علماءَ: 1. مولانا عبدالغفورهمايوني: مشهور مفتي فقيه ـ فتاواهمايوني سندن مشهور تصنيف آهي. 2. حافظ لعل محمد مٽيارن وارا: ستن سالن جي عمر۾ حفظ قرآن ڪين ۽ پنهنجي والدصاحب وٽ علوم پڙهيا. 3. مفتي سعدالله خيرپوري هالا ۾ پڙهياپوءِ سعودي عرب ويا ۽ اتي 3 سال رهيا پوءِ سنڌ واپس ٿيا ۽ خيرپورميرس ۾ مفتيءَ جي عهدي تي فائز ٿيا. 4. مخدوم غلام محمد ملڪاڻي: مخدوم غلام محمد ملڪاڻي صرف سٺوعالم نه پر پنهنجي زماني جومجدد هيو قاري، عالم ۽ فاضل هيو، پاڻ مولانا محمد حسن حيدرآبادي وٽ علم کان فارغ التحصيل ٿيا جو مائي خيري مسجد ۾ پڙهائيندا ھئا، پاڻ32 علم پڙهيا ۽ انهن جا متبحر عالم هئا. پاڻ 40 سال برابر درس وتدريس ۾ مشغول رهيا، سندن سوين شاگرد هئا، سندن مشهور تصنيف فتاوى ملڪاڻي آهي، سندن وفات سن1354 هجري ۾ مطابق سن1935ع ۾ ٿي. 5. حافظ اسد الله شاه ٽکڙائي: ولادت سن1285هجري ۾ ٿي، شروع تعليم ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ مولانا محمد حسن ڪنڊوي حيدر آبادي وٽ پڙهيا، پوءِ علم حديث پڙهڻ لاءِ ديوبند وياشيخ الهند مولانا محمودالحسن سندن ڏي پورو توجه ڏنو پاڻ وڏي محنت ڪندا هئا، سندن وفات سن 1344 هجري ۾ ٿي. مخدوم حاجي محمد هالائي جا فرزند مخدوم احمد :- پاڻ وڏا علامه هئا ۽ فتاوى احمديه جي ڪتابت فرماين، پنهنجي والد صاحب جي وفات بعد مسند درس تي ويٺا. سندن علوم عربيه ۽ دينيه ۾ خدمتون چونڊ مسئلا سوال ڪنهن شخص وهنجڻ کان اڳي وضوء ڪيو ڇا هي وضو نماز لاء ڪافي ٿيدو يانه؟ جواب ٻيهر وضوء نماز لاء منع آهي مگر ته مجلس مٽجي پوء ٻيهر وضوء مستحب آهي جو درمختار ۾ آهي ته جيڪڏهن پهريائين وضوء ڪيائين ته ٻيهر وضوء نه ڪندو ڇوته ٻه وضوء غسل لاء مستحب نه آهن باقي جيڪڏهن غسل بعد وضوء ڪيائين ۽ مجلس مختلف ٿي اسان جي مذهب تي ۽ ٻنهين ۾ نماز سان فاصلو ٿيو جئين امام شافعي فرمايو ته وضوء مستحب آهي. دور حاضر جا جديد مسئلا آندا اٿن سوال طاعون پليگ جي زماني ۾ انگريز حاڪم جي حڪم مطابق کوهن ۾ ڊاڪٽر سڪي ڳاڙهي دوا وجھن ٿا جنهن سان پاڻيء جو رنگ ۽ بوء ۽ مزو ڦري ٿو وڃي ڇا هن پاڻئ سان وضوء جائز آهي؟ جواب هن پاڻيء سان وضوء جائزآهي جڏهن اهو وهي ٿو مگر ته يقين ٿئي ته دوا پليت آهي ته پاڻي پليت ٿيندو دوا جي پليتي ڪري. سوال قرآن جي پڙهائڻ واري استاد کي هٿ لائڻ جي باربار ضرورت پوي ٿي ڇا انکي قرآن کي هٿ لائڻ لاءِتيمم جائزآهي يانه؟ جواب خلاصه ۾ چيو آهي ته بي وضوءَ لاءِ قرآن ۽ ڪتب فقه ۽ تفسير ۽ حديث کي هٿ لائڻ مڪروه آهي امام ابويوسف ۽ امام محمد وٽ ۽ امام ابوحنيفه وٽ مڪروه نه آهي ۽ اصح به اهوئي آهي ۽ هن کي اڪثر مشائخ ضرورت ڪري ورتو آهي. سوال هڪ شخص ريل ۾ سوار ٿيو ۽ نماز جو وقت تنگ ٿيو جيڪڏهن ريل مان وضوء لاء نڪري ٿو ته ريل هلي ويندي ۽ هن جو سامان ريل ۾ رهجي ويندو ۽ ٽڪيٽ به ضائع ٿيندي ته نماز لاء تيمم جائز ٿيندو يانه؟ جواب ته تيمم جائزآهي جو درمختار ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو مطلق ڪافي پاڻئ جي استعمال کان عاجز ٿيو اهڙي نماز لاء جنهنجو نائب آهي ان کان بعدکڻي مقيم هجي ميل پاڻئ کان پري يادشمن جوخوف اٿس ... الخ سوال نماز روزو زڪات حج ڪهڙي سال ۾ فرض ٿيا؟ جواب نماز هجرت کان ڏيڍ سل اڳ۾ معراج رات فرض ٿي جئن درمختار ۾ آهي ۽ زڪات هجرت کان ڏيڍ سال اڳ شعبان مهيني ۾ جئن مراقي الفلاح جي حاشيه ۾ آهي ۽ روزا، زڪات جي فرض ٿيڻ بعد ٻئي سال ۾ فرض ٿيا جئن حاشيه ملامسڪين ۾ آهي ۽ حج هجرت بعد ڇهين سال فرض ٿيو جئن سفر السعادت ۾ آهي پر درمختار ڪتاب الحج ۾ آهي ته نائين سال حج فرض ٿيو پران کي حضورﷺ عذر ڪري ڏهين سال تائين پوئتي ڪيو جو کين پنهنجي زندگيءَ جو علم هيو تا ته تبليغ پوري ٿئي. سوال جنهن جون ٻه رڪعتون سنت فجر فوت ٿي ڇا فرض بعد سج اڀرڻ کان اڳي پڙهي سگھي ٿو يا نه؟ جواب اهي ٻه رڪعتون سج اڀرڻ کان اڳي پڙهڻ جائز آهن، قيس بن عمرو جي حديث ڪري چيائين ته رسول اللهﷺ جن هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو صبح جي نماز بعد ٻه رڪعتون پڙهي پيو ته حضورﷺ جن فرمايوته صبح جي نماز ٻه رڪعتون آهي ته ان شخص چيو ته مون ٻه رڪعتون سنت نه پڙهي هئي سومون هاڻي پڙهي ته حضورﷺ جن خاموش ٿيا. هن مان معلوم ٿيوته ٻه رڪعتون سنت فرض بعد پڙهي سگھجن ٿيون .... الخ. ابوتراب سيد رشدالله پيرجھندو. مخدوم صاحب انجو ردڪيوآهي ته بعدفرض جي سج اڀرڻ کان اڳ سنت پڙهڻ حنفين وٽ جائز نه آهي. ابوسعيد خدري? جي حديث ڪري جنهن ۾ حضورﷺ فرمايوته ”لاصلاة بعدالصبح حتى ترتفع الشمس .... الخ“ ترجمه صبح کان بعد نماز پڙهڻ جائز نه آهي تاته سج اڀري .... الخ. باقي مٿين ترمذي جي حديث تي مخدوم صاحب جرح ڪئي آهي ته حضورﷺ جن ٻه رڪعتون ليله التعريس جي صبح جوسج جي مٿي ٿيڻ بعدقضا ڪيون هيون، دلائل ۽ تفصيل سان لکيواٿن. هن بحث مان علم حديث ۾ سندن دسترس ۽ محدثانه شان معلوم ٿئي ٿو. پاڻ ڪن مفتين جي فتوا جو رد ڪيو اٿن حافظ محمد شفيع فتوى ڏني هئي ته ميت جي قبرتي حافظ قرآن کي ويهارڻ ۽ انکي کاڌو کارائڻ ۽ انکي قرائتِ قرآن جي عيوض پيسا ڏيڻ بنان ڪراهت جي جائزآهي ۽ علامه عبدالرسول چوٽياري واري جي فتوى نقل ڪئي اٿس. مخدوم صاحب ردڪيوآهي ته اهو قرائتِ قرآن جي عوض اجرت طور ڏيڻ سو حرام ۽ مڪروه آهي ۽ صاحبِ هدايه هن تلاوت تي اجرت وٺڻ کي حرام چيو آهي ۽ حديث مان اجرت وٺڻ جو جواز نه ٿو ملي ۽ مخدوم صاحب مفتيء کي چئي ٿو ته ”خداکان ڊڄ ۽ انهن مان نه ٿئ جن الله جي آيتن جي مقابلي ۾ ٿوراپيسا ورتا“. پاڻ حديث بيربضاعه جي باري ۾ محدث جي شان موافق تقرير فرمائي اٿن ۽ ان جابهترين دلائل پيش ڪيائون ۽ ان جا 6 جواب آندا اٿن. اذان جي باري ۾ تحقيق سوال ڇا پهرين شريعتن ۾ اذان هئي يا نه؟ ۽ اسان جي شريعت ۾ اذان ڪڏهن شروع ٿي ۽ اڳ۾ ماڻهو نماز لاء ڪيئن گڏ ٿيندا هئا؟ جواب اذان هن امت محمديه سان خاص آهي ۽ اڳين شريعتن ۾ اذان نه هئي ۽ هن جي سنت جو ظهور هجرت جي پهرين سال ٿيو ۽ هن کان اڳ ۾ ”الصلاة جامعه“ چيو ويندو هو يعني جماعت ٿيڻ واري آهي ۽ اذان جو طريقو مختلف صحابه ڪرام کي خواب ۾ سمجھايو ويو هو ۽ حضرت عمر? به اهڙو خواب ڏٺو هو. اوٻاسي جي باري ۾ تحقيق، سوال نماز کان ٻاهر يا نماز ۾ اوٻاسي مڪروه آهي ۽ ان جي ڪراهت جوسبب ڇا آهي؟ جواب ته محققن وٽ اوٻاسي ان وقت مڪروه آهي جڏهن اوٻاسيءَ وقت ڏاڍيان آواز ڪري ۽ وات بند نه ڪري باقي جڏهن اوٻاسي طبيعت غالب ٿيڻ ڪري آهي ته مڪروه نه آهي. سوال ڪوئي شخص پنهنجي زال کي سنڌيء ۾ چوي ٿو توکي 3 جواب آهن ڇاهن چوڻ سان طلاق بائن يا رجعي واقع ٿيندي؟ پوء هڪ يا 3 طلاقون اينديون؟ جواب ته فتاوى واحديه ۾ آهي ته هن سان بائن طلاق عرف عادت جي لحاظ کان واقع ٿيندي ڇوته سنڌي جواب جو لفظ طلاق لاء استعمال ڪندا آهن ۽ دليل ۾ مخدوم حامد اگھمئ جي فتوى نقل ڪئي اٿن. سوال مخدوم صاحب ٻن مختلف حديثن ۾ جمع فرمايو جوجابر? جي حديث آهي ته حضورﷺ هجرت کان اڳ 3 حج ڪيا ۽ هجرت بعد هڪ حج ۽ عمرو ۽ ابنِ عباس? جي حديث ۾ آهي ته حضورﷺ هجرت کان اڳ 3 حج ڪيا؟ جواب ته جمهور علماء جو قول آهي ته حضورﷺ جن هجرت کان اڳ ٻه حج ڪيا ۽ هجرت بعدهڪ حج ۽ اهو حجة الوداع هو. سوال مخدوم صاحب فتوى ڏني ته ملاقات وقت مشائخ جا پير ڇوئڻ جائز آهي ڇوته احاديث شريف ۾ آيو آهي ته صحابه ڪرام حضورﷺ جا هٿ ۽ پير چمندا هئا، ته جيڪڏهن اعتراض ٿئي ته بزرگن جي پيرن ڇوئڻ سان جھڪڻ لازم ٿو اچي جيڪو مڪروه آهي؟ جواب جھڪڻ منع آهي، جڏهن خالص تعظيم سان هجي جئن جاهل حاڪمن جي تعظيم ڪندا آهن ۽ جھڪندا آهن ۽ هي جھڪڻ عبادت لاء نه آهي. سوال الاشباه والنظائر ۾ آهي ته جيڪڏهن اڪيلو نمازپڙهي ته مستحب وقت ۾ پڙهي پر جيڪڏهن ديرڪري پڙهي ته جماعت سان گڏ نماز پڙهي افضل تاخيرآهي ديرڪري نمازپڙهڻ. جواب مخدوم صاحب رد ڪيوته هي روايت صحيح حديث مسلم جي خلاف آهي، جو ابوذر? کان ته رسول اللهﷺ جن فرمايو ته ان وقت تون ڪيئن ڪندين جڏهن توهان تي اهڙا امير ايندا جو نماز نه پڙهندا ۽ وقت کان ديرڪري پڙهندا ته مون عرض ڪيو ته سائين ان وقت لاء توهان مونکي ڇا ٿا حڪم ڏيو؟ پاڻ فرماين ته تون نماز وقت تي پڙه پوء جيڪڏهن تون انهن سان گڏ نماز کي پهتين ته انهن سان گڏ نماز پڙه پوء اها نماز تنهنجي لاء نفل ٿيندي ... الخ. مولانا عبدالغفور همايوني جي فتوى جو رد ڪين جو ان چيو ته فونو ٻڌڻ جائز آهي جو اهو راڳ نه آهي شرع ۾ راڳ جي منع آهي. جواب ته فوني تي کڻي راڳ جي تعريف سچي نه ٿي اچي ته به اهو راند تماشي مان آهي الله تعالى فرمايو ”ومن الناس من يشتري لهوالحديث ليضل عن سبيل الله“، ترجمه هڪڙا ماڻهو تماشي جي ڳاله خريد ٿا ڪن تا ته الله جي رستي کان گمراه ڪري. تجزيو حاصل ته هيء فتوى عربئ ۾ آهي تحقيق ڪري عرب ۽ اهل علم دنيا سان انکي متعارف ڪرايو اٿم ۽ هن مقالي ذريعي اهل علم دوستن کي مخدوم صاحب کان متعارف ڪرايو ويوآهي. ڪتابيات 1. الاشباه والنظائر زين العابدين بن ابراهيم طبع في نولڪشور بلکنو. 2. بدائع الصنائع علاءالدين ابوبڪر. 3. البحرالرائق شرح ڪنزالدقائق. 4. بياض هاشمي للمخدوم محمد هاشم ٺٽوي قلمي مڪتبه جامعه السند جام شورو. 5. بياض المخدوم حامد اگھمي من عارفي القرن الواحدعشر هجري. 6. الدرالمختار شرح تنويرالابصار محمدبن علي. 7. فتاوى عالمگيريه لشيخ نظام الدين. 8. ينابيع الحياة الابديه لطلاب الطريقه النقشبنديه. قلمي للعلامه ابي الحسن الداهري. 9. شريعت سوانح. للمولوي عبدالوهاب چاچڙ. 10. مهران سوانح سن1957 ع. سنڌي ادبي بورد ڄامشورو. 11. نزهة الخواطر جلد 7 للمولوي عبدالحي، نورمحمداصح المطابع. 12. المتانه في المرمه عن الخزانه.للمخدوم محمدجعفرالبوبڪاني .سنڌي ادبي بورڊ ڪرااچي .طبع سن1962ع. 13. فتاوى واحدي. للمخدوم عبدالواحدالسيويستاني.قلمي سنڌالاجي.