ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا
۔ڪجهه ڏينهن پهرين محترم دوست جناب الطاف شيخ صاحب مون کي جاپان يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمنٽ جون ڪجهه تصويرون ميل ڪيون هيون جيڪي مان توهان سان ونڊ ڪرڻ ٿو چاهيان، اميد ته توهان کي پسند اينديون، الطاف شيخ صاحب مون ڏانهن اهي تصويرون موڪلڻ وارا قرب هميشه ڪندا رهندا اآهن ، پاڻ جڏهن ايران ۾ هئا ته ايران جون تصويرون پڻ مون ڏانهن ميل ڪري موڪليون هيون جيڪي پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لاء سوچان ويٺو۔
الطاف شيخ صاحب کي ڪهڙو سنڌي آهي جيڪو نه ٿو سڃاڻي، الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي سنڌ جو هر شخص دل و دماغ سان پڙهندو آهي۔ الطاف شيخ کي شايد ئي ڪوسنڌي علم دوست هجي جيڪو نه ڄاڻندو هجي۔مان ته ائين چوندس ته جيئن شاه صاحب اسان جي سنڌي ٻولي کي سنڌي شاعري سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي ۽ شاه صاحب جي شاعري ۽ فڪر اسان سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاء فخر جي نشاني آهن اهڙي ريت سنڌ جي لطاف شيخ صاحب تي پڻ اسان کي ناز ۽ فخر آهي، الطاف شيخ صاحب سنڌي ٻولي ۾ سون جي تعداد ۾ سفرنامه لکي ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌي سفر نامن سان مالا مال ڪري سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي، شايد اهيو احسان اسان جو سنڌي ماڻهون ڪڏهن به وساري نه سگهي، سنڌ سلامت جا دوستو مان سائين الطاف شيخ صاحب جو ٿورائتو آهيان جو مون ڏانهن پنهنجون ميل ۽ لنڪون موڪليندا رهندا آهن،
پاڪستان کان سواءِ دنيا جي سمورن ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ جو رجحان تمام گهڻو آهي، لساني تعصب کان پاڪ ملڪن توڙي معاشرن ۾ وڌيڪ ٻوليون ڳالهائڻ واري کي وڌيڪ مان ۽ مرتبو ملندو آهي، ان ئي خيال کان 1985ع ۾ اوساڪا يونيورسٽي جي شاگرد حامياسن کان پڇيو ويو ته هو ڪهڙي ڌاري ٻولي سکڻ پسند ڪندو ته هن پڇيو ته دنيا جي سڀ کان ڏکئي ٻولي ڪهڙي آهي ته کيس ٻڌايو ويو ته سنڌي، هن به نه ”ڪيئي هم نه تم“ ۽ چئي ويٺو ته مان سنڌي سکندس ۽ ان شوق ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخلا ورتي ۽ 1990ع ۾ سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ واپس اوساڪا يونيورسٽي ۾ وڃي سنڌي شعبي جو باني استاد مقرر ٿيو. هن وقت هو سنڌي شعبي جو سربراهه آهي، اوساڪا يونيورسٽي جاپان جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آهي ۽ ان ۾ سنڌي ٻولي جو سکيا حيران ڪندڙ ضرور آهي. تازو جڳ مشهور سفرناما نويس الطاف شيخ اوساڪا يونيورسٽي جاپان ويو ۽ هن اتي اوساڪا يونيورسٽي جي سنڌي ۽ اردو شعبن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ليڪچر ڏنا
سندس موجب سنڌي شعبي ۾ هن وقت 15 کن شاگرد آهن، جڏهن ته شعبي جو سربراهه حامياسن ته سٺي سنڌي ڳالهائي ٿو پر سنڌي شعبي جا ٻيا استاد ۽ شاگرد به سنڌي ۾ پڙهيا هئا. هن ٻڌايو ته شاگردن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي هئي ۽ انهن کي سنڌي ٻولي سکڻ سان خاص لڳاءُ هو. هن ٻڌايو ته هو جڏهن جهاز ۾ انجنيئر هو ته 1970 کان 1980 تائين جاپان ۾ رهيو ۽ اوساڪا يونيورسٽيءَ ۾ ويندو رهندو هو پر تڏهن سنڌي شعبو نه هو، هن ٻڌايو ته اوساڪا يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جو سربراهه جاپاني ۽ اردو ۾ پي ايڇ ڊي آهي