محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن
بدين جي نوجوان ۽ سنڌ سلامت جي رڪن ممتاز بجير جي شعري توهان ڀائرن لا


سٺي شاعري آهي
ادا ڪوشش ڪري ڪلر ڪنٽراسٽ جو فرق ضرور رکو۔ پهرين تصوير ۾ شاعري پڙهڻ ۾ ڪونه ٿي اچي يا ڏکيائي ٿي پيش اچي۔ جڏهن به بيڪ گرائونڊ گهرو هجي ته ٽيڪٽ هلڪي رنگ جي رکندا ڪيو جيئن اڇو ۔ پوئين ڊزائن بهتر آهي
اوهان جي بهترين ڪوشش
اميد ته تصويري چتر ڪاري لا ادا سليمان وساڻ جي تمام بهترين ٽپس تي غور ڪندا، ادا بجير توهان ۾ شاعري جو شوق تمام گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان لا توهان جيڪو سوچيو اهو لکي ڇڏيو، تمام بهتر، توهان ڪوشش ڪري توهان جي بدين شهر جي تمام ڀلوڙ شاعر محترم آڪاش انصاري جي شاعري پڙهو، ان کان علاوه سنڌ جا ڪافي شاعر آهن، شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس جي شاعري جا ڪجهه ڪتاب پنهنجي نظر مان ڪڍو، موجوده دور ۾ جيڪي حال حياتي شاعر آهن، جن ۾ راشد مورائي، بدين شهر سان تعلق رکندڙ ٻيو شاعر محترم شمشير الحيدري صاحب اياز گُل، سعيد ميمڻ، ادل سومرو، ايوب کوسو ، حليم باغي انهن جي شاعري به پنهنجي نظر مان ضرور ڪڍو۔ اميد ته شاعري خاص ڪري پابند شاعري جا مول متا توهان کي سمجهه ۾ اچي ويندا۔ جهڙي ٽائپ جي توهان شاعري هتي ونڊ ڪئي آهي ان جا خيال ڪافي سُندر آهن توهان کي هيٺ لنڪ ڏيان ٿو جنهن کي پڙهي توهان اندازو لڳائي سگهو ته توهان جي هن شاعري ۾ ڪٿي ٽيڪنيڪل کوٽ آهي۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=7789&page=2
اميد ته اها پوري لنڪ پڙهي ڏسندا، ان کانپو ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته مونکان پي ايم ڪري پڇي سگهو ٿا۔ مهرباني ادا
سٺي شاعري آهي
ادا ڪوشش ڪري ڪلر ڪنٽراسٽ جو فرق ضرور رکو۔ پهرين تصوير ۾ شاعري پڙهڻ ۾ ڪونه ٿي اچي يا ڏکيائي ٿي پيش اچي۔ جڏهن به بيڪ گرائونڊ گهرو هجي ته ٽيڪٽ هلڪي رنگ جي رکندا ڪيو جيئن اڇو ۔ پوئين ڊزائن بهتر آهي
اوهان جي بهترين ڪوشش