سانگ: سنڌي ثقافت جو هڪ سهڻو رنگ

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سانگ: سنڌي ثقافت جو هڪ سهڻو رنگ​

    مٺل جسڪاڻي
    ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جيڪري، توڙي جو سنڌي پوڙهن کي وسري ويل بيشمار ثقافتي رنگ ياد اچي رهيا آهن ۽ ننڍن نيٽن سنڌين کي نئين سئين، سنڌي ثقافت جي مختلف پهلوئن بابت تمام سُٺي نموني آگاهي ملي رهي آهي، پر جيڪڏهن ’سنڌ صدين کان‘ يا سنڌ جي تاريخ وارا ٻيا ڪتاب به پڙهي وٺجن، يا وري به ماضيءَ واريون چوياريون ٻيهر شروع ٿي پون، اوطاقون وسڻ لڳن، مچ ڪچهريون مچن ۽ قرب ونڊجن، ته به سنڌ ۽ سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت سميت، گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو، گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهجي ٿو. اميد ته هاڻي هيءَ ڏينهن مسقبل ۾ به پابنديءَ سان ملهائبو رهبو ۽ مثبت روايتون، جن مان ڪي هاڻي ختم ٿي ويون آهن، ته ڪي وري پڇاڙڪن پساهن ۾ آهن، انهن ۾ وري نئون روح پوندو، نوان نينهن ٿيندا، نوان رنگ رچندا....
    ’سانگيئڙن جا ساريو سانگ‘... دل ته چئي ٿي، سنڌ جي ثقافت جو هر رنگ قلمبند ڪجي، نئين نسل کي دڳ ڏجي، پر في الوقت سنڌي ثقافت جو صرف هڪ سهڻو رنگ پيش خدمت ڪري پيو سگهان، جنهن بابت ڄاڻي، اميد ته هن رنگ کي به نئين ڍنگ سان، هڪ ڀيرو ٻيهر جيئاريو ويندو، ۽ جيڪي هن رنگ کان ناوقف آهن، انهن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو...
    اڳي اڪثر ڪري مڱڻي يا شادي ۾، ڪڏهن ڪڏهن پهرئين پُٽ جي ڇٺي يا طهر (رسمِ سُنت) جي موقعي تي ”سانگ“ ٺاهبو هو. سانگ کي منهنجي خيال ۾، اڄڪلهه جي اسٽريٽ ٿيٽر جو نعم البدل چوڻ به صحيح ٿيندو. فرق صرف ايترو آهي ته اسٽريٽ ٿيٽر ۾ اسڪرپٽ اڳواٽ لکيل ۽ اداڪارن کي ياد ڪرايل هوندو آهي، جڏهن ته سانگ ۾ اسڪرپٽ لکبو ئي نه آهي. ان مهل، موقعي جي مناسبت سان، يا اوچتو سانگ ۾ شريڪ ڪنهن فنڪار جي ذهن ۾، اوچتي اچي ويل ڪنهن موضوع تي ڊائلاگ ٿيندا آهن. سانگ ۾ ٿيندو هينئن آهي ته ڪجهه فنڪارانه صلاحيت رکندڙ نوجوان، ڪرڙوڍ ۽ پوڙها گڏجي، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ماڻهو سلهاڙي، انهن کي اجرڪن، رلين، ٽوالن جي مدد سان ڍڪي، علامتي جانور ٺاهيندا آهن. هڪڙا انهن کي هڪلڻ وارا، ٻيا وري مددي فنڪار ٿي، ڪن کي زنانا ڪپڙا پارائي، ڪي ننڍيون نيٽيون ناريون، ته ڪي جهُور پوڙهِيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙو ته فن جو مظاهرو ڪندا آهن، جو سياڻن جا ته طاق لڳي ويندا آهن، پر مون پارن ڏڏ ماڻهن جي دماغ مان به ٺڪاءُ نڪري ويندا آهن.
    جيئن ته سانگ ۾ اڪثر، ٺيٺ، نج ٻولي ۽ موروثي حالتن جي مڪمل عڪاسي ڪئي وڃي ٿي، ان ڪري هيءَ سکڻ سيکارڻ جو بهترين طريقو به آهي. ڇاڪاڻ ته هن طريقي سان، کل ڀوڳ ۾، انتهائي اهم ۽ پيچيدهه مسئلن کي موضوع بنائي، انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وڃي ٿي، بحث مباحثو ڪيو ويندو آهي، جنهن مان ٻُڌندڙ تي تمام سُٺو اثر پوي ٿو.
    ٿورو فرض ڪريو، پاڻ وٽ اڄڪلهه پيار جي پرڻن جا رت روئاريندڙ حادثا ٿي رهيا آهن، ڪارو ڪاري جو ناسور آهي، انهن ۽ اهڙن ٻين مسئلن ۽ مونجهارن تي هر هنڌ بحث مباحثا به ٿين ٿا، هر ڪو انهن بابت راءِ به رکي ٿو. جيڪڏهن سانگ ٺاهي، انهن موضوعن تي ڊائلاگ ٿين، ته اسان جي نئين نسل جي بهتر تربيت ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ ريت پاڻ وٽ بي جوڙ شاديون به عام آهن، ڏي وٺ يا بدي جا سنڱ به ٿين ٿا ۽ گهر به ڦٽن ٿا. جيڪڏهن سانگ ۾ انهن تي ٽيڪاٽپڻي ٿئي، تڏهن به گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، هڪ مثبت واٽ ملي سگهي ٿي. پاڻ وٽ هاري يا مزدور جو پٽ پڙهي، پرائمري استاد يا ڪلارڪ جو اولاد پڙهي، وڏي عهدي تي پهچندو رهيو آهي، جنهن ڪري اڪثريت کي پنهنجو اولاد پڙهائڻ، سڌارڻ جو شوق به ٿيندو رهيو آهي، پر پاڻ وٽ تعليم جي مجموعي صورتحال کان به پاڻ سڀ واقف آهيون. ان ڪري جيڪڏهن سانگ ٺاهي، هن موضوع تي به بحث مباحثو ڪبو، تڏهن به نه پڙهائيندڙ استاد پڙهائيندو، نه پڙهندڙ شاگرد پڙهندو، شاگرد جي ضروري پرگهور نه لهندڙ والد، ان تي ڌيان ڏيندو....
    پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته، سانگ ثقافت جو ڪهڙو نه ڪمائتو، سهڻو رنگ آهي، پر افسوس، اسان جو نئون نسل هن رنگ کان بي نياز آهي ۽ ايندڙ نصل لاءِ هي رنگ جاري رکڻ وارا هاڻي ٿورا ٿيندا پيا وڃن!؟....

    وکري وياسين موتين جان
    ادل سولنگي
    ڊسمبر جو مهينو سنڌ لاءِ سوڳ وارو مهينو رهيو آهي. هن مهيني ۾ اسان کان مها ڪوي شيخ اياز ، قومي راڳي، سرمد سنڌي، فطرت جو شاعر تاجل بيوس، جيجي درشهوار سيد، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ترقي پسند ۽ روشن خيال اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر شمس سومرو اسان کان وڇڙي ويا، ڊسمبر مهينو نه رڳو سنڌ ۾ سوڳ جو مهينو آهي پر هي مهينو سياري مند جي سير جو مهينو به آهي. سنڌ جون ٻهراڙيون برف جان ٿڌ ۾ ڄمي وينديون آهن ۽ گهر ۾ گهر ٻرندڙ مچ زندگيءَ ۾ نئين چرپر پيدا ڪندا آهن، اڄ ڊسمبر مهيني جي ٿڌ ۾ ڄمي ويل پيڙائن کي يادن جا مچ ٻيهر جاڳائي رهيا آهن ۽ ياد اچن ٿا سنڌ جي انفرادي ۽ اجتماعي مفادن، حقن، حوصلن ۽ همٿن جو تحفظ ڪندڙ امر ڪردار جنهن لاءِ شاهه سائين چيو آهي ته:
    هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ
    وجهن تان فرق، رڪ وهندي راند ۾.
    اهڙو ئي هڪ اهم ڪردار هو. ڊاڪٽر شمس سومرو، جيڪو پنهنجي ٽهيءَ ۾ گهڻ پڙهيو، سوچيندڙ ۽ اندر ۾ لڇندڙ شخص هو، دادو کان چانڊڪا ڪاليج ۽ لياري ڪراچيءَ تان جنهنجو تخليقي سفر رهيو، دادو جهڙي وڏي علمي، ادبي، شعور واري شهر ۾ جنهنجو فڪري لاڳاپو، استاد بخاري، نور گهلو، اطهر منگي، سنڌو ميراڻي، احمد خان ملڪاڻي، عبدالله مگسي، فاروق سولنگي جهڙن ڏاهن ماڻهن سان رهيو، ڊاڪٽر شمس سومرو، ادب جي ميدان ۾، تحقيق، تنقيد ۽ تخليق جي ٽنهي محاذن تي نهايت ئي برجستائي سان پاڻ ملهايو، ڊاڪٽر شمس سومري جي تنقيدي شعور ۽ علم، سنڌي ٻوليءَ جو نجپڻو قائم رکڻ وارو عمل، تنظيمي سرگرميون هن جي لازوال ڏاهپ جون ساکي آهن، هو اهڙي مٽيءَ مان جوڙيو ويو هو، جيڪا مٽي ڏاهن ماڻهن جي اڏاوت ۾ ڪتب آندي ويندي آهي، ان هوندي به سنڌ ڌرتي جي هيڻائي پسندي هِن ڏک ۽ پيڙا مان چيو هو ته:
    مون کي مان نه ڏي، اوڌر تي!
    مان تنهنجو ڏوهاري آهيان.
    ڊاڪٽر شمس سموري جون ڪهاڻيون سماجي شعور ۽ ڀوگنائن جون ڪٿائون آهن، هن جي شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جي سماجي پيڙا ۽ شعور جي اٿل پٿل موجود آهي. سندس لکڻين جو منظر ۽ پس منظر هڪ ئي وقت ڏيهي ۽ پرڏيهي مامرن جي چوڦير ڦرندو رهيو آهي، ڊاڪٽر شمس سومري جون لکڻيون نه رڳو دل پر دماغ سان لکيل هيون. هن جي اندر ۾ ويهين صديءَ جو سياسي سماجي، علمي ۽ ادبي شعور موجود هيو ۽ ايڪويهين صديءَ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ رٿابندي موجود هئي. ڊاڪٽر شمس سومرو، ترقي پسند ۽ روشن خيال تحريڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ واري قافلي جو ۽ سونهون هو. جنهن جي سٽن ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ جوش ۽ جنون موجود هوندو هو.
    زندگي نيٺ گذر ٿي ويندي،
    اورڻي پوءِ به اورجي ويندي.
    تون نه هوندين ته ڪو به غم ناهي،
    باک ٿيڻي آ نيٺ ٿي ويندي.
    رت ريٽيون هو جي بيروت ڀتيون،
    ساڳي سازش هتي سِٽي ويندي.
    شمس سوريءَ چڙهي به مرڪين ٿو،
    مات کي ٽامڻي وٺي ويندي.
    ڊاڪٽر شمس سومري جا ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکيل گيت، ڪتابن تي لکيل مهاڳ، مختلف ادبي مامرن بابت اڀياسي، تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون پنهنجي جوهر ۾ روشن خيال، سيڪيولرزم، ترقي پسند ۽ حقيقت پسند روش جا اعليٰ مثال ۽ تخليقي شاهڪار آهن.
    ڊاڪٽر شمس سومرو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل هجڻ دوران جيڪو تنظيمي طور تي مختلف مرحلن ۾ مخالفن جي غير سهڪار روين جو شڪار رهيو پر هن پنهنجي هر وک هڪ آدرشي، عالم ۽ اديب جي حيثيت سان کنئي ۽ ڪنهن جي مخالفت جي پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجو تخليقي ۽ تنظيمي سفر جاري رکيو. ادبي دنيا جا ننڍڙا ماڻهو وڏو ٿيڻ جي مهم جو ئي ڪندي، اڃان به ننڍڙا ٿيندا رهيا. پر هن پنهنجي تخليقي سفر جاري رکيو ۽ ادب ۾ مٿاهون رهندي سنڌي ادب کي هڪ اهڙيون صحت مند ۽ روشن خيال تخليقون ڏنيون جن تي ايندڙ زماني جو ڏاهو نسل ضرور فخر ڪندو.
    ڊاڪٽر شمس سومرو چاچي غلام حيد رسومري جو اڪيلو پٽ هيو جنهن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ ۾ هن وسان ڪين گهٽايو، ڏک ڏاکڙا ۽ تڪليفون ڪاٽي هن پنهنجي پٽ کي مسيحا بڻايو، هو نه رڳو ماڻهن جو مسيحا بڻجي اڀريو پر هن لفظن جي پڻ مسيحائي ڪئي. مان نٿو ڄاڻان ته ڪو ڊاڪٽر شمس سومري ڪنهن کي هيٺاهون ڄاتو هجي، هو ته اهڙن انسانن مان هو جن جي وڇوڙي تي اڌمن جا وچوڙا اٿندا آهن، جذبن جو کنوڻيون کجنديون آهن، لڙڪن جا مينهن وسندا آهن. هو ڪيئن هو، ڪهڙو هو ۽ ڪنهن جو هو، اهو ته مان نٿو ڄاڻان، پر مان اهو ڄاڻان ٿو ته هو منهنجو وڏو ڀاءُ هو، منهنجو محسن دوست هو، ادبي سفر جو سونهون ۽ ساٿي هو، اسان راتين جون راتيون دادو شهر جي روڊن رستن تي رليا هئاسين ۽ سنڌ ڌرتي جي آجپي ۽ خوشحالي جا ڪيترائي خواب اکين ۾ اڻيا هئاسين. جڏهن رات جي چانڊوڪين ۾ ڪنهن پارڪ يا ريلوي اسٽيشن جي بئنچن تي ويٺي ويٺي شاعري جو دور هلندو هو ته هو سدائين اهو شعر آلاپيندو/ اچاريندو هو ته؛
    واچ ڪانهي جو آءُ وقت ڏسان،
    پڪ سان هوءَ جاڳندي هوندي.
    ۽ نور گهلو چوندو هو ته؛
    وکري وياسين موتين جان،
    ڄڻ ڪو هار ٽٽي پيو آهي.
    ۽ اطهر منگي چوندو هو ته:
    وڃائجي ويو آهيان، مون کي تلاش ڪيو،
    مان پنهنجو پاڻ ۾ ناهيان، مون کي تلاش ڪيو.
    جڏهن منهنجو وارو ايندو هئو ته تڏهن مون کي ڪنهن جي ياد ايندي هئي ۽ آءُ چوندو هئس ته:
    توکان تنهنجي مرڪن کان پري،
    تمام پري، ڏور ڪٿي،
    ويرانن ۾، جلاوطن آهيان،
    اڄ هو ڪونهي، هن جون يادون آهن، هن جون تصويرون آهن، هن جون تخليقون آهن، هن جا دوست آهن، هن جا عزيز آهن، هن جي جدوجهد آهي، هن جي يادن کي سونهون بنائي آءُ، سندس ڏسيل تخيليقي واٽ ڏانهن وک کڻان ٿو ۽ سندس عظيم روح آڏو پنهنجو ڪنڌ نوائي، پيار ۽ محبت جي ڀيٽا ڏيان ٿو، جيڪا ڀيٽا لفظن ۽ لڙڪن جي صورت ۾ سدائين هن لاءِ موجود رهندي.
    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو