• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دادلي کي دُعا جي گهرج

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
سڄي سنڌ سلامت وارن کي گذارش آهي ته منهنجي ساهه کان پياري جيجل امڙ جي صحتيابي لاءِ دعا گهرن، رات کان وٺي ڪري منهنجي جيجل جي طبيعت ٺيڪ ناهي سائين نثار ابڙا توهان کي التجا آهي ته براءِ ڪر م حرم پاڪ وڃي ڪري اسان جي امڙ لاءِ دعا ڪندا،
توهان سڀني دوستن جي دُعائن ۽ نيڪ تمنائن جي ضرورت آهي جيجل جي صحت خراب هئڻ جي ڪري فورم تي ريپلاءِ گهٽ ٿو ڪريان، ۽ گهٽ ٿو نظر اچان. اگر لکڻ ۾ مونکان ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪندا. ڇو جو في الحال منهنجي ذهن ۾ ڪجهه به نه ٿو اچي ته ڇا ۽ ڪيئن لکان بس رڳو هڪ ئي فڪر آهي.

 
ادا عبدالوهاب توهان پريشان نه ٿيو اسان جو دعائون توهان سان ۽ توهان جي امڙ سان گڏ آهن الله الله جو رسول ڪندو توهان جي امڙ جي طبيعت صحيح ٿئي ويندي توهان پريشان نه ٿيو الله الله جو حبيب خير ڪندو .
آمين


shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
ادا عبدالوهاب؛
يار، همٿ نه هار،
ڀائڙا، هونءَ ته انسان جي حيثيت آهي ڇا، جئين پاڻيءَ تي ڦوٽو، پر الله ۾ اميد ۽ آسرا وڏا ... الله ڪندو ته امڙ سڳوري چاڪ چڱي ڀلي ٿي ويندي ...
ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي
سئو ڏينهن جا ڏکڙا، هڪ لحظي منجه لاهي.
حاضر، صبح حرم وڃڻ جو پڪو پروگرام آهي، ادي نثار ناز جي والد ۽ اوهانجي والده لاءِ هٿ ضرور کڻبا ...
سدائين گڏ
 
مٺا وهاب قمبراڻي دادلا اسان توهان کي دل سان دُعائون ڪريون پيا. الله سائين توهان جي والده ماجده کي صحت شافي عطا ڪري. دل نه لاهي مٺا رب سائين تي ڀروسو رکو جيجل انشاء الله چاڪ چڱي ڀلي ٿي ويندي. اسان هر وقت تُنهنجا ۽ تُنهنجي پيارن جا دُعاڳو آهيون.
 
ادا وهاب امڙ واقعي به جيجل هوندي آهي۔۔۔ توهان جا جذبا قابلِ قدر آهن۔۔۔۔ توهان امڙ جا حلالي پٽ آهيو۔۔۔ دعا لاءِ هٿ کڻو الله پاڪ چڱي ڪندو۔۔۔
اسان جون دعائون به امڙ سان گڏ آهن۔۔۔۔ کين ڪنهن سٺي طبيب کي ڏيکاريو۔۔۔۔ الله پاڪ ضرور شفاء ڏيندو۔۔۔
 
توهان همت نه هاريو، الله چڱي ڪندو.
رب پاڪ کان دعا آهي ته جيجل امڙ کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. (آمين)
 
السلام عليڪم ساٿهيو

ادا وهاب اوهان جي جيجل امڙ اسان سڀني جي به ماء مثل آهي ادا اوهان مون سان جنهن وقت ياهو تي اهو ذڪر ڪيو مون کي تمام گهڻو افسوس ٿيو ادا مون نماز کان پوء اوهان جي والده ماجده لاء تمام خصوصي دعا گهري ادا الله تعالي انشاء الله اوهان تي پهنجي رحمتن جو نزول فرمائيندو سائين کي انشاء الله ضرور ٻاجه پوندي ادا اوهان گهٻرايو نه اسان هر نماز ۾ اوهان جي والده جي لاء دعا گهرندا سي الله وڏو آهي پر جي اوهان به نماز کانپوء هي وظيفو ضرور پڙهجو

ام من يجيب المضطر اذا دعاه و يڪشف السوء
انشاء الله ڌڻي ٻاجه ڪندو
 
هي ناچيز سڀني ڀائرن جو شڪر گذار آهي، جنهن منهنجي امڙ جي صحتيابي لاءِ الله رب العزت جي بارگاهه ۾ دُعائون ڪيون
سڄڻئو، توهان جي دُعائن سان منهنجي جيجل امڙ جي طبيعت ڪافي بهتر آهي،. سائين نثار ابڙا توهان جي هڪ دفعو ٻيهر ٿورائتو آهيان جو توهان منهنجي جيجل جي لاءِ حرم پاڪ ۾ وڃي دعا گهري

سڄي سنڌ سلامت جا مون مسڪين تي اڻ ڳڻيا ٿورا.
 
ادا وهاب معاف ڪجو يار منهنجي هن تحرير تي دير سان نظر پئي۔۔۔۔

مون غريب حقير جي بارگاهِ ايزدي ۾ اها دعا آهي ته شال رب ڪريم اوهان جي امڙ جيجل کي صحت ڪاملا عطا فرمائي، رب ڪريم اوهان جي جيجل ماءُ کي تندرستي عطا فرمائي، اوهان ائين نه سمجهيو ته صرف اوهان جي امڙ آ اها امڙ اسان سڀني جي امڙ آ، امڙ سڀني کي مٺي هوندي آهي۔۔۔ رب سائين اوهان جي امڙ کي شاد آباد رکي آمين۔۔۔

الله تعالي اوهان جي امڙ کي خضري حياتي عطا فرمائي۔۔۔

ادا وهاب منهنجو بابا سائين مونکي فرمايو ته جڏهن به ڪنهن کي دعا ڏيندو ڪر ته دعا هن ريت ڏجانءِ

الله جي رحمت ۽ ٻاجهه هوندين۔۔۔۔۔

ته مون بابا سائين کان پڇيو ته بابا سائين اهي لفظ ته اسان چوندا آهيون پر انهي جي ڪا خاص ڳالهه هجي ته مونکي ٻڌايو۔۔۔ بابا سائين فرمايو ته، پٽ الله سائين پنهنجي محبوب کي سڀني عالمن جو رحمت ڪري موڪليو آهي۔۔۔ مطلب ته محبوب مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم، اسان گنهگارن جي مٿان رحمت به آهي ته الله جي ٻاجهه به آهي۔۔ ادا وهاب اوهان جي امڙ کي رب ڪريم پنهنجي محبوب جي صدقي صحتيابي نصيب عطا فرمائيندو آمين۔۔

جاني ريپلائي دير سان ڪرڻ تي مان اوهان کان معافي گهرندس

sindhsalamatsaathsal
 
مٺا زاهد توهان مونکان فون ڪري منهنجي جيجل جا حال پڇيا ڇا اهو گهٽ آهي.
مٺا توهان جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني
 
مٺا زاهد توهان مونکان فون ڪري منهنجي جيجل جا حال پڇيا ڇا اهو گهٽ آهي.
مٺا توهان جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني

پرين پيارا اهو منهنجو فرض آهي۔۔۔

لطيف سرڪار فرمايو ته:

الله اکيون اهي ڏي جيڪي سائين سڃاڻن۔۔۔۔

محبوب اوهان جي امڙ جو حال پڇڻ نه صرف منهنجو فرض آهي۔۔۔ پر هڪ پٽ ۽ ماءُ جي رشتي جو به احساس آهي۔۔۔۔۔۔ اوهان جي امڙ اوتروئي قابلِ احترم اسان جي لاءِ جيئن منهنجي امڙ منهنجي لاءِ آهي۔۔۔ جاني امڙيون امڙيون هونديون اٿئي۔۔۔

جاني حضرت موسي عليه السلام جو واقعو ته ضرور ٻڌو هوندو۔۔۔۔ جيڪو رب سان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ ويندا هئا۔۔۔۔

جاني اسان ته ناچيز آهيون۔۔ اوهان جي امڙ تي الله جي رحمت ۽ ٻاجهه هوندي۔۔۔۔ آمين۔۔۔۔
 
Back
Top