عظيم ترين اديب تيرٿ بسنت اي جي اُتم تيرٿ بسنت خيرپور ۾ 11-1910 ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو هو. هو جوانيءَ ۾ ايران به گهمي آيو هو ته حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به چونڊيو هو ۽ هري سندر جي ڪوڙومل ساهت منڊل ۽ ٿياسافيڪل بيسنت لاج جو سرگرم ڪاريه ڪرتا هو“ سرڳواسي تيرٿ بسنت هتي اسان جو هڪ ئي جينيس ساهت ڪار هو، جيڪو نه رڳو ٻولي لکڻ جو پر ٻيڻ هو، پر ساهت ڪلا، گيان و گيان، راڄنيتي توڙي پنگتي، ڌرمي توڙي روحاني وشين جو هڪ پارکو ۽ اڀياسي هو. هن جي رچنا علميت ۽ عقليت جو انبار هوندي هئي. منهنجو هي بيان شايد ڪن اڻ ڄاڻن کي وڌاءُ لڳي پر مون ڪن ٻين ساهت ڪارن وانگر بنا سند جي اجائي خوشامد ۽ چاپلوسي سان ڪنهن جي وڌائي نه ڪئي آهي. ان ڪري هتي پنهنجي ويجهي ۾ ويجهي عزيز ۽ بزرگ دوست سرڳواسي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي، بسنت جي هڪ 1979ع ۾ لکيل ڪتاب بابت راءِ ڏيان ٿو. هو لکي ٿو، ”تيرٿ بسنت جو اڀياس ۽ علم اهڙو ته وسيع آهي جو هو ڪهڙي به موضوع تي هڪ شاهي گرنٿ رچي سگهي ٿو. تازو جو ”ساهتيه سرج“ پستڪ پڌرو ڪيو اٿس سو سندس سڀني ڪتابن جو سرموڙ آهي. هو نه صرف ٺيٺ سنڌي زبان ۾ گوهر آهي، پر هندي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ٻولين تي به دست رس اٿس. تن مڙني مان سنڌيءَ جي طبيعت سان ٺهڪندڙ لفظ ۽ محاورا چونڊي ملائي ان کي مالا مال ڪيو اٿس... هن جي چمڪاري لکڻي جو مثال ”ڪلڪ ڪلا“ مضمون ۾ ملندو جو ڪلڪ ڪلا جو ڪمال آهي... هو اڄ اسان جو برک فيلسوف ۽ مفڪر آهي جنهن تي سنڌي جاتيءَ کي فخر آهي“ (پڙهو ڪتاب سنڌي ساهت جي سمالوچنا) پروفيسر ملڪاڻيءَ مٿيون رايو مؤت (1980) کان ٿورو اڳ لکيو هو اکل ڀارت ساهت سڀا وارن کي سندس ٻين ليک واري ڪتاب ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو جائزو“ (1980) ۾ ڇپڻ لاءِ ڏنو جو هنن ته ڇپيو ۽ ٻيا ڪي نه ڇپيل ليکه مون ڏنا ته ٻيا سندس ڇپيل ڳولهي انهن سان گڏ ڇپايان ۽ مون اهو مواد ملڪاڻي جي ”سنڌي ساهت جي سمالوچنا“ ڪتاب ۾ جنوري 1982ع ۾ ڇپايو. تيرٿ بسنت خيرپور ۾ 11-1910 ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو هو. هو جوانيءَ ۾ ايران به گهمي آيو هو ته حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به چونڊيو هو ۽ هري سندر جي ڪوڙومل ساهت منڊل ۽ ٿياسافيڪل بيسنت لاج جو سرگرم ڪاريه ڪرتا هو. پر بي باڪ ۽ باغي شخص هو. 30 هن جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ”سنڌو“ مخزن ۾ ڪهاڻي ۽ مضمون لکيا. جيئن سندس پهرئين اصلوڪي ڪتاب ”چڻنگون“ (1941) ۾ 15 مضمونن جي ڀانت ڀانت جي وشين مان ظاهر آهي. انهن ۾ ”نانو“ نالي ڪردار نگاڻي جي ڪهاڻي آهي ته ”سنگيت سار“ ۾ ايڪانڪي آهي، آساني اثر، وگيان بابت، انجمن آزاد عقليت بابت، جواهر ۽ ڪنور تي جيوني مضمون وغيره. آهن مطلب ته هن ساهتڪ جيون جي سڀني شاخن تي قلم آزمائي سان شروعات ڪئي، جا پڇاڙيءَ تائين ڪندو آيو. البت سنڌ ۾ جيڪا شهرت ”جواهر جيوني“ جواهر لعل جي آتم ڪٿا جي ترجمي سان مليس سا يگاني هئي. اهو ترجمو هن جو اکري ڪونه هو ان ڪري ڪانگريسين پروفيسر اين آر ملڪاڻي کان اکري ترجمي وارو ”جواهر آتم ڪٿا“ ڇپايو پر اُهو بسنت جي ترجمي سان پُڄي نه سگهيو. بسنت کي سنڌ ۾ جواهر جيون ۽ چڻنگون تي انعام به مليو هو. تيرٿ بسنت قوميءَ کان وڌيڪ انتر-راشٽري خيالن جو هو، ان ڪري سندس رچنائن ۾ عقليت پسندي جي جهلڪ صاف نظر اچي ٿي. اصل پڇاڙيءَ تائين جئن ”ساهت سرج“ (1979) ۾ لکي ٿو، ”ڪلا ڪوڙ ناهي، نڪو ڪو ملمعو ۽ مصنوعيت آهي. ڪلا جيون جي سر –چشمي مان ڦٽي نڪري ٿي ۽ جيون ئي اُن جي وشيه آهي، جنهن ڪري زندگيءَ کان منهن موڙي ڪوڙيئڙي جي ڄار اُڻڻ ڪا ڪلا ناهي.... ڪن اڌ مغزين جي لٻاڙ آهي ته ڪلاڪار جيترو اهنڪاري عياشي، نپوسنڪ هوندو اوترو واه واه جي لائق آهي، اها اونڌي سمجهه نٽ شٽ ۽ هلڪڙائي جو عڪس آهي، جا نوينتا (نواڻ) جي شوق ۾ نت نئون رونشو ۽ رڌت ايجاد ڪرڻ ۾ ئي کوهجي وڃي ٿي. حياتيءَ کي عيش لاءِ وقف ڪري اُن مان شخصي ذميواري خواهه سماج صحت جو ويچار خارج ڪرڻ سياڻپ ناهي. ڪي ٻولتا ساماڻا آهن جي ٻوليءَ جي جوڳي اڀياس بنا پاڻ کي اديب ٿا چوائين ۽ نعرا هڻي ٽاهو وڄائي ”جينيس“ سڏجڻ جا هوڪا ٿا ڏين. ان ڪري غلط آهي سمجهڻ ته ٻولي ڪنهن جاهل يا اڌ مغزي جي غلط لکڻ سبب نئين ٿي پوندي آهي“ هو نقاد لاءِ لکي ٿو ته ”هن کي تنقيد وقت ليکڪ جي ذهني، نفساني، سماجڪ ۽ اَرٿڪ حالتن جو به اڀياس ڪرڻ کپي.“ تيرٿ بسنت جا اِهي ويچار ادب جي مقصد توڙي معنيٰ، پرک توڙي پهراءَ (ٻولي) جي اهميت بخوبي ظاهر ڪن ٿا، جنهن تي خاص طور پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ۽ سندس ساٿي ترقي پسند ليکڪن به زور پئي ڏنو هو. بسنت جي ڪتابن مان پڌرو آهي ته هو به پروفيسر ملڪاڻيءَ وانگر مغربي ادب، ادبي اصولن ۽ لاڙن جو برابر اڀياس ڪندو رهيو هو، جن تي ڪجهه اوک ڊوک انهن ڪتابن ۾ هن ڪئي آهي. اُها اوک ڊوک اسان جي ڪن نون ڀٽڪندڙ ليکڪن کي سنئين دڳ لائڻ ۾ واهر ڪري سگهي ٿي. بسنت نه رڳو ساهت زندگيءَ لاءِ نظريي جو قائل هو، پر هو سچائي، صاف گوئي، انسانيت ۽ اصول پرستيءَ جو ته نجو مجسمو هو. هن ”سچ ڇا آهي“ تي خاص ڪتاب لکيو، جنهن ۾ چيائين: اُهو سيکارڻ جو ناهي. اهو تلاش آهي. باقي سکڻو وشواس ته فلاڻو دين ڌرم ئي سچ آهي، جي اُن ۾ نٿا مڃين سي اوندهه ۾ آهن، سا ڪا سچ جي ثابتي ناهي. ڄاڻ ۽ وشواس ۾ فرق آهي... جيڪي به ويچار زندگيءَ کي سهڻو سٻر سرهو بڻائڻ ۽ هلندڙ حال ۾ هٻڪار آڻين، ان ۾ سچ جي جهلڪ آهي.... حال جي بهتري سچ آهي. هي سنسار مٿيا ناهي، سچ آهي.“ اهڙو ڪتاب ٻيو سنڌيءَ ۾ ڪونهي. هن ٻيا به نرالا ڪتاب لکيا (1) ڪلچر (2) پرگتي (3) جيون جوت (سرشٽيءَ بابت) (4) اتهاس درشن (5) مهاڀارت جو سار. ڪهاڻين، ڪوتائن ۽ ناٽڪن جي ڪتابن کان سواءِ ساهتڪ پرک، ڀاشا گيان ۽ کوجنا تي به ڪتاب لکيائين. هن ڀانت ڀانت وشين جي ڪتابن سان سنڌي نثر کي هتي جيڪا اوج ڏني سا ٻئي ڪنهن نه ڏني. ”گانڌيجي“ نالي هن جي 3 ڀاڱن جي يگاني ”گرنٿ“ (هڪ هزار صفحن ۾) رڳو جيوني آهي، پر آزادي ۽ ورهاڱي جي هلچل جو اتهاس آهي، جنهن اڳيان اسان جي ٻئي ڪنهن جو ”ورهاڱي جي بنياد تي ناول“ ”ابو“ به تُڇ لڳي ٿو. ”گانڌي جي“ جهڙو دلڪش ۽ دلچسپ ٻولي ۾ اتهاسڪ ڪتاب مون ٻيو نه پڙهيو آهي. بسنت سان ورهاڱي کان اڳ دوستي هئي. حيدرآباد ۾ ٻاپي ڪشنچند (ڪانگريسي) جي باغ ۾ وشنداس جڳتياڻي، هريسندر (روپچند وغيره سان شئل ڪيا هئم. حيدرآباد ۾ منهنجي شروع ڪيل پروگريسو گروپ (1945-46) ۾ شاعر ليکراج عزيز، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، حيدر بخش جتوئي، پروفيسر اين آ ملڪاڻي، وشنداس جڳتياڻي ۽ گيهيمل مولچنداڻي وغيره سان گڏ ادبي ڪلاس ۾ تيرٿ بسنت پنهنجو لکيل ”ميران“ ناٽڪ پڙهيو هو. جو مون ڪاليج جي مسلفي ”ڦليليءَ“ ۾ ڇپيو هو ۽ بسنت هتي ان کي سڄي ڪتاب جي روپ ۾ ڇپايو هو. سندس دوستي ورهاڱي بعد به هتي ڀارت ۾ هلي جو نئين دنيا ۾ 25-30 رچنائون (ڪهاڻي، ڪوتا، ليکه) چپايائين. جڏهن اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا (1959) ٺهي ته هو اُن جو وائيس پريزيڊنٽ مقرر ٿيو هو. منهنجو سڀا جي جنرل سيڪريٽريءَ جي ناتي، ساڻس ملڻ ڪرڻ پيو ٿيندو هو. سڀا جو ساهتڪ انعام 200 رپين جو 1961 ۾ پهرين بسنت کي مليو، جو ٽن ججن دلگير، ڊاڪٽر سدار نگاڻي ۽ پرڌان ايم يو ملڪاڻيءَ 15 آيل ڪتابن مان سندس ڪتاب چونڊيو. اڄ جي سڀا ۽ مهاراشٽر ائڪڊمي وانگر ان وقت ڀرشٽا چار يا پاس خاطري نه ٿيندي هئي. سندس ان ”ساهت ساز“ ڪتاب کي پوءِ واڌو مل اوارڊ به مليو. ان کان اڳ سندس سنت ڪنوررام تي لکيل ڪتاب ”ڪنور“ تي پهريون ساهت ائڪڊمي اوارڊ 1958ع ۾ به مليس جو ڪنهن سنڌي ساهت ڪار کي پهرين پهرين عطا ٿيو هو. ان ڪتاب ۾ ڪنور رام جي جيونيءَ کان وڌيڪ سنڌي گيتن جو خزانو ڀريل آهي. بسنت جو 1957ع ۾ لکيل ڪتاب ”ڪنور“ سچ پچ ناياب ته ڇا اصل شاهڪار آهي. اُن ۾ هن نه رڳو سنت ڪنور جي حياتي ڏني آهي پر سندس ڳاتل سڀ سنڌي ڪلام ۽ ڪافيون (شاهه، سچل، سامي، روحل، دريا خان وغيره جون) پر ڪبير، ميران، تلسي داس وغيره جا ڳاتل گيت به ڏنا آهن ۽ انهن سان گڏ سنت ڪنور جيڪي بيت ۽ ڏوهيڙا ڏيندو هو سي به ڏنا اٿس. اصل سنڌي ڪافين ۽ گيتن جو خزانو هڪ سئو کن صفحن ۾ پکڙيل آهي. نه رڳو ايترو پر بسنت ڪافين، بيتن، سنڌي گيتن ۽ سنگيت جي سمجهاڻي سان گڏ اُن جي پرمپرا ۽ سنڌين جون ريتيون رسمون، ويچار وهنوار به ڏنا آهن. بسنت نه رڳو جيوني ڏني آهي پر سنڌ جو مختصر ڪلچرل، اتهاس ۽ آزادي هلچل ۽ تنگ دل ۽ تعصبين جي جهلڪ ۽ سنڌي گيت، سنگيت ۽ سنتن ۽ صوفين جي ميل ميلاپ جو به اثر ٻڌايو اٿس جيڪو سنت ڪنور جي ڳاتل ڪافين مان به ظاهر آهي جيڪي ٻڌي عام ماڻهو مدهوش ٿيندا آهن. خاص ڪري ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان. ڏس ڪو ڏانءُ“ ڪنوررام جي ٻي مشهور ڪافي آهي ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون کي تن ماروڙن جي. ماروئڙن جي سانگيئڙن جي.“ مرحوم سائين جي ايم سيد پنهنجي يادگيرين جي ٻن ڀاڱن واري ڪتاب جنب گذاريم جن سين (1976) ۾ ان ڪافيءَ جي درديلي اظهار جي ڏاڍي ساراهه ڪئي آهي. هن لکيو هو ته اڃا تائين جڏهن ريڊئي تي سندس ڪافي ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون کي تن ماروئڙن جي“ ٻڌندو آهيان ته اُن وقت، کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان، ٻئي ڇڏائجي ويندا اٿم. ڪنهن اونهي غور ۽ فڪر ۾ پئجي ويندو آهيان، ڪيئي خيال دل تي تري ايندا آهن ۽ گهڻيئي سُتل سُور جاڳي پوندا آهن... مون کي اُن وقت ڪنهن مهل گذر ڪري ويل دوستن، ساٿين، رس رهاڻين، سندن ڇڏي ويل ٺڪاڻن، ٽولن، ڪتابن، روايتن جي يادگيري اچيو ستائي، ڪنهن وقت هندن ۽ مسلمانن جو شادي، غمي ۾ اچڻ وڃڻ، عاشورن، عيدن، ڏياري، دسهڙي جي موقعن تي اچيو سامهون بيهي“. سائينءَ لکيو آهي ته ”ڀڳت صاحب جي حياتيءَ تي هڪ ناياب ڪتاب شري تيرٿ بسنت لکيو آهي، اُن جي پڙهڻ لاءِ آءُ ڀڳت ڪنوررام ۽ سنڌي تهذيب جي پياسن کي مشورو ڏيندس.“ مرحوم جي ايم سيد جي مٿي ذڪر ڪيل ڪافي اڄ به سنڌ جي ڳوٺ-ڳوٺ ۾ عام ماڻهن طرفان ڏاڍي چاهه ۽ چوڄ مان ٻڌي شهيد سنت ڪنوررام کي ياد ڪري روئندا آهن. جڏهن سنڌ هند جي مشهور ۽ بهترين ڳائڻي عابده پروين ڳائيندي آهي ته ماڻهو ان لاءِ ور ور ڪري ڳائڻ لاءِ اصل منٿون ڪندا آهن. اها ڪافي ۽ ٻي ڪافي ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ“ ۽ ڪنور جي ٻين ڪافين سان گڏ عابده پروين جي آواز ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان رڪارڊ ڪري رکيل آهن ۽ ان ڪافيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ عابده پروين سنت ڪنوررام وانگر ايشور جو نالو ورتو آهي. سنڌ توڙي هند ۾ جڏهن به هاڻي سنگت ڪنوررام تي ڪو بحث مباحثو ٿيندو آهي يا ڪو پيپر پڙهندو آهي تڏهن تيرٿ بسنت کي به ضرور ياد ڪيو ويندو آهي ۽ هن جي يادگار ڪتاب ”ڪنور“ مان حوالا ڏنا ويندا آهن ۽ سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ميٺ محبت واري رهڻيءَ ڪرڻيءَ تي زور ڏنو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ڪي فرقي پرست ۽ اڻ ڄاڻ هتي سنڌي هندن مسلمانن جي ان ماضيءَ واري هلت چلت ۽ وهنوار کي وساري هندن ۽ مسلمانن ۾ ويڇو وڌائڻ لاءِ هتي اخبارن جا ڪالم ڪارا ڪندا آهن. اهڙن شخصن کي تيرٿ بسنت جو ڪتاب ”ڪنور“ روشنيءَ جي راهه ڏيکاريندڙ ۽ فرقي پرستيءَ جي اڳيان هماليه پهاڙ جهڙي رڪاوٽ ثابت ٿيندو آهي. تيرٿ بسنت سڄي عمر ڪنوارو رهيو ۽ ڪابه ڪامڻي هن کي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ جڪڙي نه سگهي. پر ڪلڪ ڪلائي هن سوروير کي پنهنجي تير ڪمان سان گهائي ڇڏيو. هن ان ڪلڪ ڪلا سان ئي لائون لڌيون. جنهن پڇاڙيءَ تائين هن سان وفاداريءَ جو ناتو نباهيو. ان ڪري ئي هو ٽيهه ڪتاب شايع ڪري سگهيو ۽ ايترا ٻيا لکيل ڪتاب شايد شايع ٿيڻ کان سواءِ رهجي ويس. انهن ڪتابن ۾ هن لڳ ڀڳ ساهت جي سڀني شاخن، (نظم توڙي نثر)، مضمون، تنقيد، ڪهاڻي، ناٽڪ، جيوني ڪلا وغيره کي اوج ڏني آهي. مون کي هن جهڙو ساهت کي ايتري گهڻي اُنتي بخشيندڙ هتي ٻيو ڪو ساهت ڪار نٿو سجهي. جيڪڏهن هو شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ جڪڙيل هجي ها ته هو ايترو اٿاهه ساهت لکي سنڌي جاتيءَ جو نالو روشن نه ڪري سگهي ها. اَلبت اِئين آهي ته جيون ساٿڻ نه هئڻ ڪري هن کي حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪافي ڏکيائيون ڏسڻيون پيئون هيون جيئن مون کي هن سان دهليءَ ۾ وڃي گڏجڻ تي ڏسڻ ۾ آيو هو. هڪ دفعي مون هن کي دهليءَ ۾ چوٽ تي هڪ اڌ ڍڪيل ڇت هيٺان پنهنجي لاءِ روٽي ٺاهيندو ڏٺو جا هن مون کي پاڻ سان گڏ ويهي کارائي. آخرين دفعو مان هن سان دهليءَ ۾ ڪماري وينا شرنگيءَ جي ماروئي سنسٿا طرفان 1989 ۾ سڏايل سيمينار ۾ گڏيو هوس جتي مون پيپر پڙهيو هو ۽ هن به هڪ بيٺڪ جي صدارت ڪئي هئي. هن پنهنجي اڀياسي علم جي روشنيءَ مان حاضرين جي رهنمائي ڪئي هئي. هن کي 1990 ۾ پريه درشني (ممبئي) طرفان انعام مليو جو هو بيماريءَ سبب اچي پنهنجن هٿن سان وٺي نه سگهيو هو تڏهن پريه درشنيءَ وارا شري نانڪ روپاڻي وغيرهه کيس دهليءَ ۾ وڃي پنهنجي هٿن سان ڏيئي آيا ۽ مون کي ٻڌايائون ته هن جي مسڪينيءَ واري حالت کين اصل ڌڌڪو ڏيئي ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن مون اوچتو وينا شرنگيءَ جي بڙودي ۾ بسنت سان ٿيل آخرين گڏجاڻيءَ جو احوال اخبار ۾ پڙهيو جنهن ۾ هن لکيو هو ته هو ٻڍا آشرم ۾ رهي ٿو ۽ سنڌين جي بي قدر سڀاءَ ڪري ڪنهن سان نٿو گڏجي. هن جي پوءِ اهڙي حالت بڻي جو سندس ڀاءُ کيس ممبئيءَ ۾ وٺي آيو جتي جلد ئي هو گذارير ويو. اِئين هيءُ سورهيه سنڌي سپوت ۽ سچار، صاف گو، خوددار، اصولي، عظيم ترين اديب 1994 وڃي سانسين سکالو ٿيو ۽ سدائين لاءِ امرتا جو پيغام ڇڏي ويو. (جهوليلا 1994-1996) بشڪريه عوامي اواز