ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
انساني زندگيون خطري ۾ وجهندڙ صفائي پسند مڇر ۽ بچاءَ جا طريقا

صحت واري وفاقي وزارت کي به ان صورت حال جو سنجيدگي سان هنگامي بنيادن تي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي، ان لاءِ ڊينگي سرويلنس سيلز کي فعال ۽ فوڪل پرسنز نامزد ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته موثر آگاهي مهم ۽ بروقت قدمن سان ئي ان مرض تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
ڊينگي بخار جو سبب بڻجندڙ مڇر وڏو صفائي پسند آهي، هر خطرناڪ مڇر گندي پاڻي ۾ نه پر برسات جي صاف پاڻي، گهريلو واٽر ٽينڪ صاف پاڻي جي ڀريل ٿانون ۽ گلدانن، ڪونڍين وغيره ۾ جنم وٺن ٿا. هي مڇر انسان تي سج لهڻ يا سج اڀرڻ وقت حملو ڪندا آهن. ڊينگي بخار جي علامت ۾ سخت بخار، جسم ۾ درد، معمولي ڌڪ لڳڻ سان مهارن مان رت وهڻ، رت جو ڳاڙهو ٿي وڃڻ مٿي ۾ سخت سور ٿيڻ، پٺي ۽ جوڙن ۾ درد ٿيڻ ۽ جسم تي ڳاڙهن نشانن جو وڌڻ وغيره شامل آهن. ان مرض جو بچاءُ صرف ۽ صرف ڊينگي مڇر جي چڪڻ کان بچاءَ ۾ ئي آهي. رات جو ڄاري لڳائي يا مهارا ٻڌي سمهڻ گهرجي. مارڪيٽ ۾ اهڙو تيل به موجود آهي، جيڪو جسم ۽ هٿن جي کليل حصي تي لڳائي سگهجي ٿو. جنهن سان مڇر اوهانکي کائي نه سگهندو. وفاقي حڪومت جي طب بابت صلاحڪار ۽ نيشنل ڪائونسل فار طب جي اڳوڻي صدر حڪيم رضوان ملڪ (تمغه امتياز) جو چوڻ آهي ته ان بيماري جو بيو نالو ”ڊينگي هيومورهجڪ فيور“ آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اهڙو بخار جنهن ۾ جسم جو رت وهندو رهندو هجي! هي وائرس ڪيترن ئي قسمن جو آهي.بشڪريه عوامي آواز