• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئي شام غريبان سيدن تي۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ويا پياسا سڀ مظلوم ڪُسي، ويا خيما سيدن جا لُٽيا،
آئي شامِ‌غريبان سيدن تي۔۔
هڪ ڏينهن ۾ ڪربل جي اندر، اڄ بخت شريفن جا رُليا،
آئي شامِ غريبان سيدن تي۔۔

هڪ ڏينهن اڳي عباس به هو، اڪبر به هيو، قاسم به هيو،
اڄ ڪير نه سار لهڻ‌وارو، معصومن آسرا سڀ پليا۔۔
آئي شامِ غريبان سيدن تي۔۔

هئي ڌيءَ‌ نماڻي زهرا جي، بيبي زينب، وطن تي شهزادي،
اڄ صحرا ۾ پنهنجي ڀائرن لاءِ، زينب کي ڪفن به ڪونه مليا،
آئي شامِ غريبان سيدن تي۔۔
 
Back
Top