اي سرمد تو سوا

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ محمد رمضان منڌرو طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2010۔

  1. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    سرمد جي وڇوڙي تي ممتاز بجير جي لکيل وائي “ سرمد تو سوا”

    نه خزائي بهارون وڻن ٿيون
    هي شامون به اداس لڳن ٿيون
    اي سرمد تو سوا
    وڇڙي تون هن ڌرتي کان وئين
    نه گلن ۾ اٻڪارون اچن ٿيون
    اي سرمد تو سوا
    وري هت ظلم جي دنيا جاڳي پئي
    نه مظلومن کي آٿتون ملن ٿيون
    اي سرمد تو سوا
    موئين جو دڙو ، مڪلي جي مٽي
    نه آواز ڪنهن جو ڳولهين ٿيون
    اي سرمد تو سوا
    ٻڌي تنهنجو ڏور سنڌو کان ڇولي ٿي
    نه ڪنارن کي پياسون اجهائين ٿيون
    اي سرمد تو سوا
    هي مست ڄامشوري جون هوائين
    هر پل اندر کي وڍ وجهن ٿيون
    اي سرمد تو سوا
    لک سٽ آخري”ممتاز“جي اکين ۾ ڳوڙها تري پيا
    ”بجير“کان لکڻ وُصيتون ڏور ٿين ٿيون
    اي سرمد تو سوا


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي سرمد تو سوا

    بهترين

    سرمد سنڌيء جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي۔ سندس آواز ۾ ڪو جادو هو جيڪو ٻڌندڙن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيندو هو۔ سندس سنڌي موسيقي ۾ ڪيل خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون۔

    ممتاز بجير ۽ اوهان جا ٿورا جو اوهان هي ونڊ ڪيو
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اي سرمد تو سوا

    واھ واھ تمام بهترين۔۔۔۔سرمد سنڌي نه وسرندڙ شخص آهي۔۔۔۔۔مهرباني ونڊڻ جي ادا
     
  4. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: اي سرمد تو سوا

    ادا عاشق ۽ ادا سليمان پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اي سرمد تو سوا

    [justify]هونءَ ته ڊسمبر جي مهيني ۾ ڪيترائي سنڌ جا سورهيه فوت ٿيا هوندا پر ٽي نالا ته اسانجي سينن تي لکيل رهندا اهي آهن۔

    27 ڊسمبر تي ڀيڻ محترمه سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو
    28 ڊسمبر تي سنڌ جو سرتاج شاعر شيخ اياز ۽ سهڻو سنڌ کي ڳائڻ وارو سرمد سنڌي

    ادا مينڌرا هي اوهانجو ونڊ جيڪڏهن 28 تي اچي ها ته وڌيڪ سهڻو لڳي ها ۔۔۔ جو هن وائيءَ ۾ ادي بجير سرمد جي جدائيءَ جو ڏکائيندڙ ذڪر ڪيو آهي ۔۔۔

    سرمد سنڌيءَ کي ياد ڪجي ٿو ته سندس کلڻو ۽ من مهڻو چهرو سامهون اچي وڃي ٿو، پنهنجي ساڻس گهاٽي ياري هوندي هئي تڏهن کان جڏهن کان هو ماچيس وڄائي قومي گيت ٻڌائيندو هو ۔۔۔

    ساڻس دوستيءَ جا اهي ڏينهن ڪڏهن نه وسرندا ۔۔۔ يارن جو يار، کلڻو ۽ رلڻو ملڻو انسان هو ۔۔

    سنڌ سان اهڙي جند اڙيل هيس جو قومي پنڊال ۾ ائين پهچندو هو جيئن سڪايل ماءُ پنهنجي پٽ لاءِ پهچندي آهي ۔۔۔

    اڄ پــــــڻ اکــــــڙين، سڄــــــڻ پنهنجــــا ساريــا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
    سنـــــدي سڪ پــــرين، لوڪ ڏٺي نه لهــي۔

    رب العالمين کيس جنت الفدردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  6. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: اي سرمد تو سوا

    آئون سڀني سنڌ سلامت جي دوستن جو بيحد شڪر گذار آهيان جنهن اسان کي همت ۽ حوصلو ڏنو
    اڃان به ادا ممتاز جي ڪافي شاعري آهي ،جيڪڏهن زندگي ساٿ ڏنو ته اها شاعري توهان دوستن جي خدمت ۾ ضرور پيش ڪبي
     
  7. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: اي سرمد تو سوا

    سڀ کان پهرين توهان بيحد شڪر گذار آهيون جو توهان ادا ممتاز جي شاعري کي پسند ڪيو
    انهي کان پوءِ جيئن توهان چيو ته اها شاعري 28 ڊسمبر تي اچي ها ته بهتر هو
    مون به ايئن ئي سوچيو هو پر پوءِ وري سوچيم ته هي مهينو ڊسمبر جو هلي پيو ۽ ورسي جا ڏينهڙا عنقريب ويجها آهن انهي جي ڪري اڄ ئي اپلوڊ ڪري ڇڏي
     
  8. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: اي سرمد تو سوا

    ادا اوها دوستن جي مهرباني جو منهنجي شاعري کي پسند ڪيو ادا هو به آئون ادا رحمان مغل جو عاشق هئس هي شاعري جيڪي مون لکي هئي سا مون ان جي ورسي جي موقئي تي لکي هئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو