نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌي سڀئي جڏهن گڏبا آهن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو گُذريل 26 نومبر 2010ع تي محترم غلام مصطفى ساريو سينئر ڊائريڪٽر ڪشش ٽي وي سنڌي ايڪتا جي موقعي سان هڪڙي گيت ”سنڌي سڀئي جڏهن گڏبا آهن“ جي شوٽنگ ڄامشورو ڪنڌي المنظر تي ڪئي مونکي به انهي گيت جي شوٽنگ ڏسڻ واسطي دعوت ملي هُئي، دوستو اهو گيت ڪاوش ڪي ٽي اين پاران باقائده 5 ڊسمبر 2010ع تي هليو، هن گيت جي خاص ڳالهه اها هُئي ته اسان وارو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون به هن گيت ۾ هڪڙو اهم ترين رول ادا ڪري رهيو هو، سو پاڻ کڻائي به شوٽنگ واري هنڌ پهتس، اتي انهيءَ شوٽنگ جو ڪجهه تصويرون سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيم محترم عبدالغفور سمون جي ساٿ سان، وري ڪجهه ڏينهن پهرين منهنجو وڃڻ حيدرآباد ٿيو عبدالغفور سمون کي ڪال ڪيم ته ڀائو ڪٿي آهين چيائين ته سائين حيدرآباد ۾ سنڌيڪا ڪتاب گهر گاڏي کاتي ۾ محترم آزاد گوپانگ سان گڏ ويٺو آهيان۔ بس آئون به حيدر چوڪ تي سنڌيڪا ڪتاب گهر جي سامهون فور فيٽر مان لهان پيو مون جواب ڏنومانس۔ حيدر چوڪ گاڏي کاتي ۾ ۾ سنڌيڪا ڪتاب گهر سنڌ جي بهترين ڪتاب گهرن ۾ شمار ٿيندو آهي مونکي انهي ڪتاب گهر ۾ پهچڻ تي هڪ منٽ به ڪونه لڳو، شينهن سمون ۽ سنڌيڪا ڪتاب گهر حيدر چوڪ جي انچارج محترم آزاد گوپانگ وڌي اچي منهنجي آڌر ڀاءُ ڪئي۔ عبدالغفور سمون چيو ته سائين الائي ڇو جڏهن به توکي ياد ڪندو آهيان تون پهچي ويندو آهين، ٿوري دير پهرين ڪاوش ڪي ٽي اين جي ڊائريڪٽر غلام مصطفى ساريو توهان کي ياد پيو ڪيو ته سائين نثار ناز کي وٺي اچو ته ساڻس گڏجي چانهه پيون۔ بس ٿوري دير کانپوءِ نڪرون ٿا، آزاد گوپانگ چيو ته سائين نثار ناز آيو آهي ته پهرين چانهه منهنجي پيو، آزاد گوپانگ کي چيم ته پهرين محترم مصطفى ساريو جي دعوت ملي آهي اُتي وڃي ٿا چانهه پيون شام جو واپسيءَ ۾ تنهنجي چانهه به ضرور پيئنداسين۔ عبدالغفور سمون کي چيم مصطفى ساريو جو آستانو ڪٿي آهي، چيائين ته ويجهو ئي آهي۔ عبدالغفور سمون پنهنجي ڦٽي ڦٽي (موٽر سائيڪل) کي اسٽارٽ ڪيو مان سندس پويان موٽر سائيڪل تي ويٺس، عبدالغفور سمون پنهنجي موٽر سائيڪل جو رُخ چائينيز ريسٽورنٽ جي سامهون ڪلو پڪوڙي واري جي دوڪان کان سنڌ اولڊ ڪئمپس ٻي معنى ۾ ڪورٽ روڊ وارو ورتو شينهن سمان ڪيڏانهن پيو هلين، چيائين ته بس سائين سڏ پنڌ تي آهي، عبدالغفور سمون جي موٽر سائيڪل اولڊ اسٽيٽ بينڪ، اولڊ وينس سينيما واري رستي کي ڪراس ڪري گُل سينٽر جي سامهون حيدرآباد جيم خانه واري رستي کان سڌو حيدرآباد جي مشهور ٺنڍي سڙڪ واري وشال رستي تي پنهنجي موٽر سائيڪل کي روان دوان رکيو، جاني تون ڏس ته سهي مصطفى ساريو جو گهر ڪٿي آهي، چوڻ لڳو ته سائين بس اجهو ٿا پهچون، ايتري ۾ شهباز بلڊنگ وارين بلڊنگس کي به ڪراس ڪيوسين ، راڻي باغ، جي او آر ڪالوني جي گيٽ کان اڳيان هليا وياسين غفور هي تنهنجو سڏ پند آهي، چيائين ته هائو سائين بس اجهو پهتاسين غفور جي موٽر سائيڪل مڪ ڊونلڊ جي پيزا گهر مشهور مهراڻ اخبار جي ساڄي پاسي کان اڃان به اڳتي وڌي اچي وحدت ڪالوني کان اڳيان گدو چوڪ واري ريلوي ڪراسنگ پل ڪراس ڪئي غفور لڳي ٿو تو وارو يار ڪوٽڙي ته ڪونه ٿو رهي چيائين ته بلڪل سائين توهان کوڙو ڀڃي ويا، چريا ڳالهه ته ڪرين ها ايترو مون وٽ ٽائم ڪونهي ڪوٽڙي توڻي جو حيدرآباد کي ويجهي ۾ ويجهو ترين شهر آهي پر ان هوندي به ڪوٽڙي ڄامشوري ضلع ۾ آهي. ڪافي دير ٿِي ويندي، چوڻ لڳو ته سائين بس اجهو ڪي پهتاسين گدو ناڪو ڪراس ڪري مهراڻ جي مشهور پُل ڪوٽڙي واري پُل تي پهتاسين. سائيڊ کان نظر ڊوڙايم ته مهراڻ جي ڇولين ۾ اهو دم خم نه هو جيڪو ٻه ٽي مهينا پهرين ساري سنڌ کي نيزي تي چاڙهي ڇڏيو هُئائين. ايتري ۾ ڪوٽڙي واري پل به ڪراس ڪري هاڻي ڪوٽڙي شهر ۾ داخل ٿِي وياسين، شهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سڏ پند تي واقعي غلام مصطفى ساريو جو گهر اچي ويو، گهر جي دروازي تي بيل ڏني سين، ساريو ٻاهر نڪتو ٻکين پئجي وياسين سائين ڀلي ڀلي ڪري آيا، مصطفى ساريو ائين چئي پنهنجي بيٺڪ واري دروازي تائين اسان کي وٺي آيو، اتي ڪافي ساريون ميڊيا چينل جي باري ۾ ڳالهيون هليون، سندس پي سي به رکيو هو چوڻ لڳو ته سائين توهان شوٽنگ وارو گيت ڪاوش تان هليو سو ڏٺو چيم نه پنهنجي پي سي ۾ اهو گيت جيٽ آڊيو ۾ هلائي ڏيکاريان فل ايڊيٽ ٿيل هو، واهه واهه تمام پيارو، منهنجي دل ۾ انهي گيت کي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ جو خيال جاڳي پيو. ڇو جو ان ۾ اسان جي غفور سمون جا ٺمڪا، ۽ جهمرين جا منظر هُئا. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته عبدالغفور سمون جون جهمريون هُجن ته ۽ اهي سنڌ سلامت تي ونڊ نه ٿين. گيت ختم ٿيو ته انتهائي پيار سان دل جو حال ٻُڌايو مانس چوڻ لڳو ته سائين اسان هي گيت رڪارڊ ڪري سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سائين توهان سنڌ سلامت وارا به ته ساڳوڻو ڪم ڪري رهيا آهيو، سائين ڀلي توهان اهو گيت سنڌ سلامت تي هلايو. واسڪوٽي جي کيسي ۾ تلاش ڪيم ته يوايس بي 2 جي بي واري موجود هُئي، ان ۾ اهو گيت ڪاپي ڪري ورتم. ايتري ۾ چانهه به اچي وئي چانهه سان گڏ ڪوٽڙي جا پڪوڙا ۽ سمبوسا به تمام خوبصورت پليٽن ۾ سجايل اچي ويا اڄ مونکي تمام گهڻي خوشي هُئي ته سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لاءِ هڪڙو تمام خوبصورت گيت مونکي ملي ويو هو. اتان شام جو چار وڳي واپس ورياسين، ساڳوڻو رستو وٺي واپس آزاد گوپانگ جي ڪتاب گهر سنڌيڪا ڪتاب گهر حيدر چوڪ تي پهتاسين، آزاد فوري چانهه جو آرڊر ڏنو چانهه پي ضروري ڪم جنهن سانگي آئون حيدرآباد آيو هُئس سو مڪمل ڪيو، عبدالغفور کان موڪلائي خير سان رات جو نوين وڳي پنهنجي شهر پهتس، انهي وڊيو جي ضروري ايڊيٽنگ اسپيشل اينيمنشن افيڪٽس جي صورت ۾ ڪيم، ان کي يو ٽيوب تي اپ لوڊ انهن ئي ڏينهن ۾ ڪري ڇڏيم پر عاشور جا غم زده ڏينهڙا هلي رهيا هُئا ان ڪري توهان دوستن سان ونڊ نه ڪري سگهيس اڄ انهي گيت جي شوٽنگ واريون تصويرون ۽ اهو گيت توهان سان ونڊ پيو ڪريان اميد ته توهان سڀني دوستن کي پسند ايندو.