محرم شريف ۾ هر مسلمان کي امن قائم ڪرڻ گهرجي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    محرم شريف ۾ هر مسلمان کي امن قائم ڪرڻ گهرجي​


    شهناز شيخ
    ڪجهه عرصي کان ملڪ جي مختلف صوبن ۾ طرح طرح سان دهشتگردي پڻ ٿيندي رهي آهي. هزارين لکين جي تعداد ۾ انساني جانيون ضايع ٿينديون رهيون آهن پر ڪجهه عرصي کان مذهبي جڳهين کي نشانو بڻايو ويو آهي. مذهبي جلسن ۾ دهشتگردي رخنو پڻ بڻيل آهن. مقدس مزارن، درگاهن مسجدن ۾ نماز جي وقت يا وري ماتمي جلسن ۾ بم بلاسٽ ڪرڻ محرم الحرام ۾ مومنين لاءِ ڏهه ڏينهن تمام اهميت جا حامل آهن. انهن ڏينهن ۾ امامن جا شيدائي انهن جو تمام گهري دل سان ارمان ڪندا آهن. سوڳ ڪندا آهن. امامن جي ياد ۾ ذاڪر مجلس ۾ مصروف هوندا آهن. ماتمي جلسا عام ٿين ٿا ۽ جوش ۽ جذبي سان ماڻهن ڀريل نظر ايندا آهن. ٽي وي تي عام اعلان ڪيو ويو ته خيرپور ۾ 8 عدد بمبار داخل ٿي چڪا آهن. جيڪي خيرپورجي ڪنهن به جڳهه تي جلسي تي مجلسن کي پنهنجي دهشتگردي جو نشانو بڻائي سگهن ٿا هن اعلان ڪرڻ اڳ اهو سوچڻ گهرجي ته ايڏي خوفناڪ اعلان ڪرڻ سان عوام جي دلين ۾ ڪهڙا سوال اڀرندا يا عدم تحفظ واري فضا قائم ٿي سگهي ٿي. مذهبي ڏينهن سال ۾ هڪ ڀيرو ايندو آهي. سو امامن جا شيدائي پنهنجي زندگي کي ڪڏهن به مٿاهون ڪونه سمجهندا؟ محرم کي سال جو اهم مهينو ڄاتو وڃي ٿو ۽ مومنن جي دل م پهريائين ئي امامن لاءِ ڪافي غم ۽ ڏک هوندو آهي پر هن ڀيرا ٽي وي جي اعلان ته مومنن کي وڌيڪ پرجوش ڪري ڇڏيو آهي. خيرپور جا رهواسي پنهنجي مذهبي ڏينهن کي ياد رکن ٿا ۽ ڏينهن کي نڀائڻ به ڄاڻن ٿا ڇا مومن دهشتگردي جي خوف کان ٻاهر نه نڪرندا؟ يا ماتمي جلوسن ۾ ڪمي ايندي؟ يا ذاڪر مجلسن ۾ نه ايندا؟ اهو ته ممڪن ئي نه آهي ته مسلمان مومن پنهنجي مذهب کان منهن موڙيندا. دهشتگرد جيڪڏهن خيرپور ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ پنهنجي غلط ارادن کي ڪامياب ڪرڻ جي پوري ڪوشش به ڪندا پر اسان جي پاڪ جڳهن مجلسن يا ماتمي رستن ۽ مزارن درگاهن کي نشانو بڻائڻ کان روڪيو وڃي. حڪومت کي ڄاڻ پئي آهي ته دهشتگرد اچي ويا آهن ته انهن جو فرض به آهي ته انهن کي پوري ايمانداري سان روڪيو به وڃي نه ته ٿوري به لاپرواهي سان ڪيتريون ئي قيمتي جانيون وڃي سگهن ٿيون. ڪيتروئي نقصان ٿي سگهي ٿو. ڪجهه اهڙا سخت اپاءُ ورتا وڃن جو ڪوبه ناخوشگوار واقعو عمل ۾ نه اچي ۽ پرامن طريقي سان هر جلسو هر مامتي دستو خيرخوبي سان گذري وڃي.
    خيرپور سميت ڪراچي کي ته دهشتگردن وڪوڙي ورتو آهي هر ڪنهن موقعي تي ڪراچي کي دهشتگردن ڪڏهن به نه بخشيو ويو آهي. هن ڀيري به ڏهه محرم الحرام تائين تمام وڏو خطرو آهي. ملڪ جي هر صوبي ۾ اگر اهڙي صورت حال رهي ته حڪومتن تان ويساهه ختم ٿي ويو انهن جي غير ذميواري جي ڪري تمام وڏو نقصان رسندو. عوام امن چاهي ٿو ۽ مذهبي ڏينهن جي بي حرمتي ٿيندي برداشت نٿو ڪري سگهي.
    اهي جلسا اهي ماتم اهي امامن جو سڳو جيئن پوءِ تيئن زور سان ياد ڪري ملهايو ويندو پر دهشتگردن جي مقصدن کي ڪڏهن به فتح ڪونه ملندي. حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي نواسن جا غلام پنهنجي زندگي جو نزرانو پيش ڪرڻ کان ڪڏهن به ڪونه پوئتي هٽندا. دهشتگردن کي موڪل آهي ته مسلمان جي پاڪ جڳهن تي حملا ڀلي ڪن پر مسلمان جي دلين تي دماغن تي ڪڏهن به غالب نٿا ٿي سگهن. ڪڏهن به انهن جي دلين ۾ خوف نٿا ڀري سگهن ڪڏهن به ٻئي مسلمانن کي روزي نماز مذهبي ڏينهن ملهائڻ کان روڪي نٿا سگهن. اسان مسلمان آهيون ۽ دلير به آهيون موت مومن جو شان آهي ۽ مومن ڪڏهن به اهڙي بزدلانا حرڪتن کان ڊڄي نٿو سگهي. درگاهن مسجدن کي ماتمي جلسن کي غور سان ڏسو ته اندازو ٿيندو ته دهشتگرد ڪيترو ناڪام آهن. اڄ به مسجدون مسلمانن سان ڀريل آهن. درگاهن تي انهن کان وڌيڪ رش آهي. ماتمي دستن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ رش آهي.
    بشڪريه عبرت
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محرم شريف ۾ هر مسلمان کي امن قائم ڪرڻ گهرجي

    محرم الحرام ۾ هر باضمير ماڻهو جي ڪوشش هوندي آهي ته امن هجي ۽ ڪوبه جهيڙو جهٽو وغيره نه ٿئي، پوءِ ڀلي اهو ڪهڙي به مسلڪ سان هجي، پر افسوس آهي ڪجهه شرپسند ماڻهن تي جيڪي سوڳ جي هنن ڏينهن ۾ به پنهنجي شرپسندي کان نه مڙندا آهن، ڪٿي هڪ فرقي کي ٻئي خلاف ڀڙڪايو ويندو‌ آهي ته ڪنهن کي وري ڪافر قرار ڏنو ويندو آهي۔۔ ڪالهه عاشوره جي ڏينهن تي به ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ۾ غوثيه ڪالوني ۾ هڪ مسجد مان ان وقت ڪافر ڪافر شيعه ڪافر جون صدائون بلند ٿيون جڏهن اتان ماتمي جلوس گذري رهيو هو۔۔ جنهن جي ڪري اتي ماتمي جلوس ڌرڻو هڻي ويهي رهيو۔۔ جيڪڏهن اهڙي لاغرضي اهڙن ڏينهن ۾ ڪئي ويندي ته پوءِ ڪنهن کي معيار ڏجي۔۔ مسلمانن جي بقا اتحادبين المسلمين ۾ آهي ، جيڪڏهن مسلمانن هاڻي به هوش نه ڪيو ته يهود و نصارى انهن کي تباهه ڪري ڇڏيندا۔۔​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محرم شريف ۾ هر مسلمان کي امن قائم ڪرڻ گهرجي

    ادا ممتاز مهرباني

    مان سمجهان ٿو هر با شعور ماڻهو ۽ جيڪو سمجهدار آهي اهو نه چاهيندو ته محرم الحرام جي مهيني ۾ ڪو امن امان جو مسئلو پيدا ڪجي۔ مان هتي فسادي ماڻهن جو ذڪر ڪونه ڪندس جو اهي انسانيت جا دشمن آهن۔

    قرآن چئي ٿو جنهن هڪ بيگناه انسان جو قتل ڪيو جهڙوڪ ان پوري انسانيت جو قتل ڪيو۔دعا آهي ته اسان مسلمان اسلام، قرآن ۽ رسول صه جي ڏسيل واٽ تي هلون ۽ بهترين انسان هئڻ جو ثبوت ڏيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو