• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشره محرم الحرام جي امن امان سان پڄاڻي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو مان سنڌ سلامت جي فورم تان عشره محرم الحرام جي امن امان سان پڄاڻي تي سڀني عالمن ، سڀني فرقن جي دوستن، حڪومت جي ڪوششن ، اسڪائوٽ ۽‌ انهن تنظيمن کي سلام ٿو پيش ڪيان جن سيڪيورٽي جا بهترين انتظام سنڀاليا۔

مان خاص طور تي سيڪيورٽي فورسز جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج کي به خراج پيش ڪندس جن پنهنجي رات ڏينهن جي ڪيل چوڪسي سبب ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو۔ جيتوڻيڪ ڪجه جاين تي مسئلا به پيش آيا آهن پر مجموئي طور پر امن ماحول رهيو آهي۔

مان سلام پيش ڪندس انهن سڀني دوستن کي جن والنٽيئرلي پنهنجون خدمتون انظام سنڀالڻ ۽ سيڪيورٽي لاء پيش ڪيون۔

دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي امن جي راه تي هلڻ جي توفيق ڏي
 
جواب: عشره محرم الحرام جي امن امان سان پڄاڻي

الله جا لک شڪر آهن جو هي محرم الحرام جو عشرو خيريت سان گذري ويو، ڪو خاص اڻوڻندڙ واقعو پيش‌نه آيو۔۔ پوئين سال محرم جي عاشوري ۽ چاليهي تي جلوسن ۾ ٿيندڙ ڌماڪن کان پوءِ‌هن سال به تمام گهڻو خطرو هيو، پر توهان جي ڳالهه وانگر سڀني مسلڪن جي هم آهنگي، سيڪيورٽي فورسز جي چستي، حڪومت جي ڪوششن، رضاڪارن جي مستعدي جي ڪري ڪو واقعو پيش نه ٿيو۔۔
سيڪيورٽي فورسز (رينجرز، آرمي، پوليس ۽ رضاڪارن) کي شابس آهي جو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي امام بارگاهن، مسجدن، جلوسن ۽ مجلسن ۾ عزادارن جي حفاظت ڪن ٿا۔۔ جهڙي طرح‌ پوئين سال ٿيندڙ ڌماڪي ۾ هڪ فوجي جوان خودڪش حملا آور کي ڀاڪر ۾ وجهي جلوس کان پرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تاڪه نقصان گهٽ کان گهٽ ٿي سگهي ۽ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪئي ۽ شهادت ماڻي، اهڙي طرح شڪارپور ۾ به اهڙو واقعو پيش آيو جتي خودڪش حملا آور امام بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ‌جي ڪوشش ڪئي، پوليس وارن جي وارننگ تي نه رڪڻ‌بعد انهن حملا آور کي گوليون هنيون پر هن ڌماڪي سان پاڻ کي اڏائي في النار ڪري ڇڏيو ۽ پوليس وارا زخمي ٿيا پر ڪنهن وڏي نقصان کان بچاءِ‌ ٿي ويو۔۔ مان اهڙن مجاهدن کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو۔۔۔​
 
جواب: عشره محرم الحرام جي امن امان سان پڄاڻي

ادا اسان پاڻ حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون۔۔۔۔

اهو حڪومت وقت جو فرض آهي ته امن امان بحال ڪري۔ هن دفعي ڪيل ڪوششون لاجواب هيون۔ خدا ڪري هي امن پورو سال رهي ۽ هميشه جي لاء رهي۔
 
جواب: عشره محرم الحرام جي امن امان سان پڄاڻي

اهو حڪومت وقت جو فرض آهي ته امن امان بحال ڪري۔ هن دفعي ڪيل ڪوششون لاجواب هيون۔ خدا ڪري هي امن پورو سال رهي ۽ هميشه جي لاء رهي۔

بلڪل ادا ڪل هڪ شڪارپور جي دوست فون ڪئي وري مون فيس بوڪ تي ويٺل لوڪل فقير کان پڻ پڇيوته شڪارپور ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي جي ڪرايل مجلس ۾ هڪ بمبار کي پڪڙيو ويو۔۔۔۔۔
 
Back
Top