غرور

'صحت سرير جي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن جي پسنديدگي کي نظر ۾ رکندي جديد دور جي هڪ وڌيڪ بيماري غرور بابت آگاهي ۽ علاج حاضر آهي۔۔۔۔۔

    غرور

    علامتون:
    هن مرض جي شڪار مريض کي ڪنڌ ۾ سيخون لڳل هونديون آهن جنهن ڪري هو ڪنهن سان هت ملائڻ يا جهڪي ملڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندو آهي.... سلام وٺڻ وقت صرف ڪجهه آڱريون جي سلام تي ئي گذارو ڪندو آهي ڇو ته هن جو هٿ فالج کان متاثر لڳندو آهي...
    مريض زمين تي هلندي ائين محسوس ڪندو آهي جهڙوڪ هن جي وزن سان پوري ڌرتي لڏندي هجي... جڏهن مريض ڪاٽن جا ڪپڙا پائيندو آهي ته ان وقت هن مرض جو حملو پنهنجي عروج تي هوندو آهي...
    ٻين بيمارين وانگر غرور جا به مختلف قسم ٿيندا آهن مثلن حسب نسب جو غرور، حسن خوبصورتي جو غرور، روپئي پيسي جو غرور ۽ خشڪ غرور، هي مرض جي جي سڀ کان خطرناڪ قسم آهي هن ۾ مريض پاڻ به خبر نه هوندي آهي ته آخر هن کي غرور ڪهڙي ڳالهه جو آهي...؟

    علاج؛
    مريض کي ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي اوقات ياد ڏياريندا رهو....
    هن جي ڳچي جو ڪنهن سٺي ماهر ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو....
    هفتي ۾ ٻه دفعا مريض کي قبرستان جو دورو ڪرايو....
    مريض کي ڪمري ۾ وڏي سائز جو آئينو لڳرائي ڏيو جيئن هو ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي شڪل ڏسندو رهي...

    نتيجو؛
    اميد رکي سگهجي ٿي ته ڪجهه هفتن کان پوءِ مريض پنهنجي اوقات ۾ رهندي عاجزي ۽ انڪساري طرف ضرور مائل ٿيندو...
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي اوهان جي اهڙي پياري شيئرنگ جي تمام گهڻي مهرباني سهڻا غرور هڪ تمام وڏو مرض آهي ان کي اندارن ڪڍڻ سان ئي انسان انسان ٿيندو آهي ادا غرور الله تعالي کي بلڪل پسند نه آهي
    مهرباني ادا اوهان جي مزيد شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    بلڪل سچ پيا چئو ادا علي علي
    ادا رشيد اوهان جي اهڙي لکڻين جو انتظار رهندو
    sindhsalamatsaathsal
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مطلب ته منهنجن ٻن مريضن هن مرض مان ڇٽڪارو حاصل ڪري ورتو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    asul matt

    asul matt
    sindhsalamatsaathsal
     
  6. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا رشيد صاحب
    غرور ۽ تڪبر انسان کي تباه ۽ برباد ڪرڻ واريون بيماريون آهن
    انساان رڳو پنهنجي پيدائش ۽ مرڻ تي غور فڪر ڪري ته خبر پئجي ويندس مان ڇا آهيان ۔۔۔
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين معاف ڪجو منهنجي هن پوسٽ تي تمام دير سان نظر پئي، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ اهڙا نسخا ڪٿان سکيو آهين ۽ ٻيو وري ته اهي ٻهه مريض ڪهڙا آهن جن کي ڇوٽڪارو مليو۔
    shal judy hujeen suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا عظيم يا وري هينئن کڻي چئجي ته جيئن ممتاز لاشاري ڪلام چيو آهي۔۔
    ادا پاڻ کي سڃاڻ ، ڀائو پاڻ کي سڃاڻ
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي وڏي ايڊمن ادا ايڊيٽر جي سوال جو جواب ڏنو وڃي۔ اسان کي فوري انهن مريضن جا نالا ٻُڌايا وڃن ته جيئن انهن جي زندگي تي ڪا شاعري لکي سگهون يا مقالا لکي سگهون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو