اسلام عليڪم ساٿيو منهنجو نالو نويد احمد آهي ۽ مان سچل ڳوٺ ڪراچي جو رهواسي آهيان ۽ روشن تارا اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪيان پيو۔ ان کان علاوه سماجي خدمت گذار به آهيان مان هڪ تنظيم اسٽوڊنٽس ايجوڪيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن هلائي رهيو آهيان۔
جواب: تعارف wslambhali kareaya ڀليڪار ڀليڪار ادا توهان کي هن اوطاق تي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي توهان کي هي ڪکاوين اوطاق ڪيئن لڳي ؟ اميد ته پنهنجو ساٿ سنڌ سلامت تي قائم رهندوsadayeen gudshal judy hujeensindhsalamatsaathsal
جواب: تعارف اسان جا ڀاڳ ڀلا جو پنهنجي ڀائرن جهڙو دوست نويد احمد ڪلوڙ اڄ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيو کيس ڀليڪار پيا ڪيون۔ نويد احمد ڪلوڙ محنتي استاد سان گڏ هڪ بهترين، مخلص ، باوفا ۽ سنڌيت جي جذبي سان ڀرپور نوجوان آهن۔ سچل ڳوٺ جي نوجوانن ۾ اسٽوڊنٽس ايجوڪيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان مفت ٽيوشن سان گڏ نوجوانن ۾ مستقبل ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي ، ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي پلاننگ بابت به ڄاڻ ڏيندا رهن ٿا۔ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي يوٿ ميمبر طور به پنهنجون خدمتون ڏيندا رهيا آهن۔ ثقافت جي ڏينهن سچل ڳوٺ ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ پاڻ ڪمپيئرنگ ڪندي سنڌ سلامت جي دوستن کي ڀليڪار سان گڏ سنڌ سلامت جو مختصر تعارف پڻ پيش ڪين جنهن لاء اسان سندن شڪر گذار آهيون۔ اڄ هو اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهن۔ سندن لک قرب۔ اسان اميد ڪنداسون ته هن محبتي اڱڻ تي پنهنجي طرفان سنڌيت لاء ڪوششون جاري رکندي نوان خيال ۔ نيون تخليقون اسان سان ونڊ ڪندا ۽ سنڌ سلامت تان به نيو نيون ڳالهيون سکندا۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف فقيرو هوشيار خبردار، همانگير به فقير ٿيو اٿوَ ۔۔۔ بس بابا هاڻ قيامت اچي ئي اچي ۔۔۔ فقيرن جو ڇا ٿيندو ۔۔۔ مولائي، بين الاقوامي ۽ لوڪل فقير ۽ هاڻ هي همانگير فقير ميدان ۾ آهي ۔۔۔ ڏسجي ته اڃان ڪير ڪير ٿو فقير ٿئي ۔۔۔؟ وقت چوي آءُ بادشاه ۔۔۔
جواب: تعارف [justify]سائين نويد ڪلوڙ کي سنڌ سلامت جي هن سنڌ دوست اوطاق جي اڱڻ تي اچڻ جي ڀليڪار ،،، جي آيا ۔۔۔ ڀلي آيا ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ نويد ڪلوڙ صاحب سان شايد منهنجي ملاقات ٿي هجي يا نه پر منهنجي پياري ڳوٺ جو سهڻو جاکوڙي دوست آهي ته يقينن پنهنجي دوستي پائدار ۽ ڪارائتي رهندي ۔۔۔ سنڌ دوستُ، تعليم جي پيشي سان منسلڪ، سنڌي نوجوانن ۾ علمي ڏيئا ٻارڻ جا جتن ڪرڻ وارو هي سهڻو سنڌي پنهنجي هن سٿ ۾ شامل ڏسي انتها جي خوشي ٿئي ٿي ۔۔۔ بيشڪ اسان سڀ پنهنجي منهن سان ئي ڏيئا ٻآرڻ شروع ڪريون ته اونداهيون ڪنڊون روشن ٿيڻ لڳنديون ۔۔۔ دوست ڪلوڙ! اسين هن سٿ جا ساٿي اوهانجي مقصد ۾ اوهان سان گڏ آهيون ۔۔۔ هلو هلو ڪاڪ تڙ، جت نينهن اڇل، سنڌ سلامت جو هي اڱڻ سنڌين ۾ هڪ اهڙو ڪاڪ تڙ آهي جت پرهه جا پيغام عام ڪجن ٿا ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌيت جا مسئلا عام ڪجن ٿا ۽ اميد آهي ته اسانجو هي جاکوڙي دوست پڻ سنڌ ۽ سنڌيت جي هن پرچار ۾ اسانجو ساٿي ٿي پاڻ ملهائيندو ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سورپچار ۔۔۔ مونکي پڪ آهي ته هي دوست پڻ اسانجي وچ ۾ سائين سليمان وساڻ جي دوستيءَ ۾ پهتو هوندو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته چڱائي جڏهن به نظر ايندي ته چڱن ڏانهن ئي ڀائنبي آهي ۔۔۔ رب اوهانکي سلامت رکي ۔۔ دوست نويد ۔۔۔۔ اوهانکي ور ور ڪري ڀليڪار چئبي ۔۔۔ بس پنهنجي ڏات جي ڏيئن سان اسانکي روشن ڪندا رهندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: تعارف دوستن جي تمام گهڻي مهرباني ۽ لک ٿورا۔ رب اسان دوستن کي سگهه اتا ڪري ته اسان پنهنجي سهڻي سنڌ جي خدمت ائين ئي چاه ۽ محبت سان ڪندا رهون۔ ۽ ادا سليمان جي مهرباني جن مونکي هن اهڙي بهترين پليٽفارم سان آشناس ڪرايو جنهن مان آ گهڻو ڪجهه پرايان پيو۔ هر ماڻهو رک نه ٿيڻو آ، جيون جي جک نه ٿيڻو آ ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو آ، هو اڳ کان اڳرو ورندو آ ڪي ماڻهو آهن ڳاڻ ڳڻيا ٿو ارپي جن کي موت مڻيا تاريخ اندر هو ڌڙڪن ٿا، ڪجهه وقت اجهامي ڀڙڪن ٿا ڪو مچ انهي ما مچڻو آ سو ڏينهن اڳي پو اچڻو آ۔>- رب پاڪ کان اها دعا آهي ته اسان سڀ دوستن کي همت اتا فرمائي۔آمين سنڌ لامت ساٿ سلامت۔ نويد احمد ڪلوڙ@};-
جواب: تعارف ادا نويد احمد اوهان کي هن سهڻي فورم ۾ اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀلي ڪار چئون ٿا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف مون پاران به اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي فورم تي دوستن جي ساٿ ۾ هڪ نئون جاکوڙي دوست شامل ٿيو آهي۔ سچل ڳوٺ وارن جي اها خوشنصيبي آهي جو گهڻا دوست هن اڱڻ جا ميمبر آهن۔ جن ۾ اسان سڀني جو هر دلعزيز نثار ابڙو ، سليمان وساڻ ، تسليم ڀٽو ، عبدالحڪيم راڄڙ ، عبدالحفيظ لغاري ، مان ناچيز ۽ هاڻي نويد ڪلوڙ ۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف سچل ڳوٺ سان هر سنڌي محبت ڪري ٿو۔ ادا نويد ڪلوڙ اوهان کي اڱڻ تي اچڻ ڀليڪار۔ دوست اوهان سان ثقافتي ڏهاڙي دوستن سان گڏ ملاقات ٿي هئي اميد آهي ته ياد هوندس۔ ادو نويد واقعي به هڪ بهترين ڪمپيئر ثابت ٿيو ثقافتي ڏهاڙي جا اهي پل آءُ ڪيئن ٿو وساري سگهان جيڪي سچل ڳوٺ ۾ ادا جادوگر ادا سليمان ادا بخاري جو شيدائي عرس سان گڏ قيمتي لمحا هئا۔ ادا اوهان کي وري ڀليڪار مٺا۔
جواب: تعارف ادا نويد توهان کي هن سٿ ۾ ڀليڪار چوان۔۔۔۔۔۔۔۔ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نويد هڪ سچو دوست،،،،،،،،،،،،، ۽ هڪ سچو سماجي ڪارڪن پڻ آهن۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين جن پاڻ سيوا جا پريزيڊينٽ پڻ آهن؟