محترم عبدالجبار شيخ صاحب۔۔۔۔۔
سائين اوهان جا لک قرب جو اوهان هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پنهنجا مبارڪ قدم ڀري آيو۔۔۔۔اوهان جي اچڻ سان هن سنڌ سلامت کي چار چنڊ لڳي ويا آهن۔۔ هن فورم جو اصل ڀاڳ کليو۔۔۔ اوهان جهڙو محبتي ۽ مانوارو پيشو رکندڙ۔۔۔۔۔۔۔ اصل اسان جا سچ پڇو ته ڀاڳ جاڳي پيا۔۔۔۔۔ سائين اوهان جي استقبال ۾ دوستن اوهان تي کوڙ ساترا گل نڇاور ڪيا ۔۔۔ پر سائين مان ادا نثار ابڙي جي چواڻي مطابق سائين لطيف سرڪاري جي هي دعا گهرندس۔۔۔۔۔۔
الله جيڏو تنهنجو نانءُ،
ٻاجهه به اوڏيان ئي منڱا
ري ٿنڀيءَ، ري ٿوڻي، ڇپر تون ڇانوءَ
ڪڄاڙو ڪهان ته معلوم توکي سڀ ڪا۔۔۔
استاد پيشي واري نظر سان هن سنڌ سلامت جي ساٿين کي پنهنجو شاگرد ڪري ڏسندا اوهان کان اسان کي تمام گهڻو لاڀ حاصل ڪرڻو آهي۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ته هتي سڀئي دوست مختلف پيشن وارا آهن پر اوهان واحد آهيو جيڪي حال به انهي پيشي سان لاڳاپيل آهيو۔۔۔
الله اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري آمين۔۔۔ اوهان جي ڀلوڙ لکڻين جو اسان کي بيحد انتظار رهندو۔۔۔۔ جٿي هجو خوش هجو۔۔۔ اوهانجي ڀيرڙي جا منتظر هونداسين۔۔۔۔۔