نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
اڄ توهان سان محترما زيب نظاماڻِي جو هڪڙو نڪور غزل ڪمپيوٽر جي چترڪاري واري روپ ۾ ونڊ ٿو ڪريان جيڪو ٿوري دير پهرين منهنجي ذاتي گُذارش تي موبائل تي مونکي لکرايو، زيب نظاماڻي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ 1985ع کان آهي جڏهن هو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ان وقت جي سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه جي سڏ تي هڪ ادبي تقريب ۾ آئي هُئي ان کان پو پاڻ ايس ڊي او ايجوڪيشن ٽنڊو محمد خان ٿِي آئي۔ محترما زيب نظاماڻي کي اسان سنڌ جِي بولڊ ترين شاعره چئي سگهون ٿا، پاڻ سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي تي هميشهه پيش پيش رهي آهي ڪافي سارين ڪانفرنسن جي سرواڻي ڪري چُڪي آهي، مونکي ياد پيو اچي ته مهان سنڌ جي ڏاهي شاعر مرحوم شيخ اياز جي شاعري منهنجي خيال ۾ شهيد دودو سومرو واري ٽيبلو ۾ به ڪردار نگاري ڪئي هُئائين۔ ڀلو ٿئي فيس بُڪ جو ته ڪافي سارا سنڌي ادب سان تعلق رکندڙ دوست اتي هر وقت موجود رهن ٿا ڪجهه ڏينهن پهرين محترما زيب نظاماڻي کي فيس بُڪ تي ويٺل ڏٺم کيس جيئي سنڌ چئي پنهنجو تعارف ڪرايم۔ پاڻ مونکي سڃاتائين۔ توهان کي ياد ڏياريندو هلان ته پاڻ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي سيڪريٽري به رهي چُڪي آهي هن وقت سندس چوڻ موجب پاڻ سنڌي ادبي سنگت ضلع حيدرآباد جي رابطه سيڪريٽري آهي۔ سنڌ غزل جي هي تصويري شڪل سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ونڊ پيو ڪريان ، توهان جي راين جو شدت سان منتظر رهندس۔ الله ڪندو ته توهان جي راين جو پاڻ سنڌ سلامت جي ميمبر ٿي جواب ڏيندي۔

محترما زيب نظاماڻي ۽ نياز پنهور هڪڙي ادبي تقريب ۾