• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
جذبات ۾ محتاط ڪون نه آيو،
درياھ کي سونهين ٿي وهڻ ڪون آيو،
محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو،
مظلوم ڪئي ڪوٺ، ويهڻ ڪون آيو،

محبوب سڏيو پهچ، اچي پهتو هان،
تُنوَ هئي واٽ، پچي پهتو هان،
چڪچور ڏسي حال نه ڪر غم دلبر،
تو وٽ ته بهرحال، پچي پهتو آهي،

جي تڙپي اُٿيو سو غريب آهيان،
جو جاڳي پيو سو نصيب آهيان،
بهرحال يارو عجيب آهيان۔۔۔۔
اوهان جو ئي شاعر اديب آهيان،

مونکي جيئري پوريو ٿي ويو،
تنهڪري ٿي ڀڀوت آهيان مان،
سنڌ جي ٻن ڪروڙ جوڌن جي۔۔۔
زندگي جو ثبوت آهيان مان،

ڪا ذات بخاري نه بقادار آهيان،
پر ڏات جيالي ته جيالي آهي،
هٻڪار گواھ آهي ته گلزار آهي،
گلزار ثبوت آهي ته مالهي آهي،​
2ekosgy.gif

2qmk8xy.gif
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

استاد بخاري جي بهترين شاعري ونڊڻ لا لک مهربانيون
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

واه عاشق بهترين ۽ لازوال چونڊ
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

واه سائين واه لاجواب

چنڊ کي داغ هو، سمنڊ پاڳل هو، ڏونگر ٿي گونگو لڳو،
جنهن ڏي جنهن ڏي چتائي ڏسو او طبيبو ته بيمار هو۔
بخاري
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

دوستو۔۔۔مهربانيون
استاد بخاري ٿو چئي۔۔۔۔۔
سون بازار مان ڳِني وٺبو آ،
فيض رهبر کان پِني وٺبو آ،
جوبه سمجهو ته اوهان جو حق آ،
حق مڙسي سان ڇِني وٺبو آ،
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

ادا عاشق لاجواب ونڊ آهي
ان محفل ۾ فلحال پنهنجي وڃڻ تي پابندي آهي ..

اهڙي ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)


جذبات ۾ محتاط ڪون نه آيو،
درياھ کي سونهين ٿي وهڻ ڪون آيو،
محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو،
مظلوم ڪئي ڪوٺ، ويهڻ ڪون آيو،

محبوب سڏيو پهچ، اچي پهتو هان،
تُنوَ هئي واٽ، پچي پهتو هان،
چڪچور ڏسي حال نه ڪر غم دلبر،
تو وٽ ته بهرحال، پچي پهتو آهي،

جي تڙپي اُٿيو سو غريب آهيان،
جو جاڳي پيو سو نصيب آهيان،
بهرحال يارو عجيب آهيان۔۔۔۔
اوهان جو ئي شاعر اديب آهيان،

مونکي جيئري پوريو ٿي ويو،
تنهڪري ٿي ڀڀوت آهيان مان،
سنڌ جي ٻن ڪروڙ جوڌن جي۔۔۔
زندگي جو ثبوت آهيان مان،

ڪا ذات بخاري نه بقادار آهيان،
پر ڏات جيالي ته جيالي آهي،
هٻڪار گواھ آهي ته گلزار آهي،
گلزار ثبوت آهي ته مالهي آهي،​
2ekosgy.gif

2qmk8xy.gif

ادي عاشق! تمام سهڻو گيت ونڊ ڪيو آهي، استاد بخاريءَ جي شاعري آهي ئي اهڙي جو ماڻهون پڙهندو ئي رهي ۔۔۔ پر ادي عاشق سميت سڀني دوستن کي عرض آهي ته شعر کي سهڻو ڪرڻ لاءِ لفظن جي الائنٽمنيٽ ۽ انهن جي سهي لکت سان گيت ۾ جان اچي ٿي ۔۔۔ انڪري انتي ٿورڙي محنت ڪري پيش ڪجي ته وڌيڪ سٺو لڳندو ۔۔۔

مٿي ڏنل بيت ۾ ڪٿ ڪٿ لفظن جي غلطي آهي يا وري مونکي لڳي ٿي ۔۔۔ اوهان پاڻ ڏسي وٺجو ۔۔۔

تمام سهڻي شعر ونڊ ڪرڻ جون مهربانيون نه مڃڻ ناانصافي ٿيندي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

ادا عاشق صاحب لڳا رهو، لڳا رهو، الله توهان کي اڃان به ان ڪم ۾ ترقي ڏئي، ادا عرس پرئي صاحب بخاري صاحب جي الفاظن ۾ صحيح چيوآهي ته
( چنڊ کي داغ هو، سمنڊ پاڳل هو، ڏونگر ٿي گونگو لڳو،
جنهن ڏي جنهن ڏي چتائي ڏسو او طبيبو ته بيمار هو۔)
 
جواب: محبوب جي محفل مان اٿڻ مُشڪل هو، (استاد بخاري)

ادي عاشق! تمام سهڻو گيت ونڊ ڪيو آهي، استاد بخاريءَ جي شاعري آهي ئي اهڙي جو ماڻهون پڙهندو ئي رهي ۔۔۔ پر ادي عاشق سميت سڀني دوستن کي عرض آهي ته شعر کي سهڻو ڪرڻ لاءِ لفظن جي الائنٽمنيٽ ۽ انهن جي سهي لکت سان گيت ۾ جان اچي ٿي ۔۔۔ انڪري انتي ٿورڙي محنت ڪري پيش ڪجي ته وڌيڪ سٺو لڳندو ۔۔۔

مٿي ڏنل بيت ۾ ڪٿ ڪٿ لفظن جي غلطي آهي يا وري مونکي لڳي ٿي ۔۔۔ اوهان پاڻ ڏسي وٺجو ۔۔۔

تمام سهڻي شعر ونڊ ڪرڻ جون مهربانيون نه مڃڻ ناانصافي ٿيندي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين مهرباني۔۔۔۔بلڪل ٿي ٿو سگهي لفظن ۾ غلطي هجي۔۔۔پر مون وٽ ڪتاب ۾ جيئن ئي لکيل هيو۔۔مان ان ئي ريت لکيو آهي۔۔۔مان وري به چيڪ ڪريان ٿو۔۔۔۔نه ته اوهان وس وارا آهيو۔۔۔۔سهي ڪري ڇڏيو ته اوهانجي مهرباني ٿيندي۔
 
Back
Top