ها سائين هتي سنڌ سلامت جا سڀ فقير مست درويش عاشق مولائي سڀ موجود آهن، پر سُڃاڻيندو ڪير۔۔۔)۔۔؟ ها سڃاڻيندا سياڻا۔۔۔۔:>۔؟ اُهي سياڻا ڪير آهن۔۔۔؟ اُهي ٻيا ڪير به نه آهن۔۔۔۔توهان۔۔۔ هي آهي۔۔۔فقير هاڻي سڃاڻو ته ڪهڙا ڪهڙا آهن۔۔۔؟ هڪ هي به آهي۔۔۔:> هي به اٿئي۔۔۔هاڻي سڃاڻ سڀني جو وڏو۔۔۔معني سردار۔۔۔جادو به ڪندو آهي۔۔۔۔:-?? مان هلان ٿو۔۔۔۔
جواب: فقير _(ڪمپني) ابول ! عاشق تيڏي ڪم ته جڏي ٿي ڳَئي هن، ول ڪنهن ڪنهن کي ڳولهان، ميڏي ته مت مر ڳَئِي هي، ول عقل دي ڊوڙ ڪران يا مان آپ ٻُڌاوان ته سنڌ سلامت دي ول درويش مست فقير مولائي جادوگر والي جوڪر ڪهيڙي هن !
جواب: فقير _(ڪمپني) سائين منهنجي ڪوشش اها اُهي ته هن منهنجي پوسٽ کي ڏسي دوستن جي چهري تي مرڪ اچي۔۔۔سائين جيڪا اوهان سرائڪي يا پنجابي ٻولي لکي آهي۔۔۔ان کي پڙهي به دوستن جي چهري تي مرڪ ضرور ايندي۔۔۔مونکان ته پڙهي کل نڪري وئي۔۔۔۔۔
جواب: فقير _(ڪمپني) ادا عاشق گودڙي وارو ته مان به سڄاتو سدائين خالي گودڙي کنيو وتي ۽ ناٽڪ اهو ڪندو ته گودڙي ۾ گنج آهي پر هوندي اصل خالي ٿي ادا ۔۔۔ باقي لڳي ٿو ته اهي سڀ درويش ڪنهن شهنشاهي پارٽي ۾ گڏ ٿيا آهين جو اصل ڪنڌ مي اٿن يا وري بنا دعوت جي آيا آهين جو منهن جي پڪائي پيا ڏ يکارين
جواب: فقير _(ڪمپني) ڪهڙو ڪهڙو فقير آهي ۔۔۔ پاڻ سمجهو ۔۔۔ سائين ناز دي سرائيڪي به لاجواب ڪر ڇوڙيا هي ۔۔۔ عاشق جا ونڊ پڙهي کلڻ سان گڏ ٽهڪ نڪتا ۔۔۔ پر هر ڪو پاڻکي پاڻ سڃاڻي ۔۔۔ اسان دي مجال ڪهڙي ۔۔۔
جواب: فقير _(ڪمپني) ادا ڪي فقير ته ڪي امير ته ڪي جادوگر مڙئي محفل متي چڱي آ استاد چوي ٿو ته مهڪون نٿا سکن ۾ ٽهڪون نٿا ڏکن ۾ هر حال ۾ چون ٿا محفل متي چڱي آ ادا لاجوب
جواب: فقير _(ڪمپني) عاشق جي مهرباني جو اسان کي پنهنجو پاڻ ڳولڻ جو چيائين۔ هت ته اسان پنهنجو پاڻ کي ئي ڪونه پيا ڳولي سگهون ته وري فقيرن ، درويشن ، مستن ، عاشقن کي ڪٿان ڳولينداسين۔ مونکي عاشق جي هن ونڊ کانپوء شيخ اياز جون هي سٽون پيون ياد اچن جيڪي دوستن سان ونڊ ڪيان ٿو : ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين، ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ، هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا، پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا، او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟ رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ، آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ، هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا، ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي، پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات، ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار! بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي، ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ، مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟ برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي، ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ، موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘! ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
جواب: فقير _(ڪمپني) يار وساڻ اهڙا ظلم ته نه ڪر ايترو سهڻو من مهڻو ڪلام اوهان ائين ئي هن ڌاڳي ۾ پوئي ڇڏيو آهي، اهو ته ڪنهن سهڻي سوني تعويذ ۾ مڙهي پيش ڪرڻ جهڙو آهي ۔۔۔ واه واه مزو اچي ويو ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ پر انصاف ڪريو ها ته عدل ٿئي ها ۔۔۔
جواب: فقير _(ڪمپني) سائين علي علي۔۔۔مولا وڏي حياتي عطا ڪري اوهانکي،،،،اوهان پاڻ کي سهي سڃاتو آهي۔۔۔۔هاڻي ٻين جو انتظار آهي۔۔۔۔۔۔۔پر ادا علي علي گودڙي واري ته ڳالھ سمجه ۾ آئي۔۔۔پر اهو بار بار پيٽ تي هٿ ٿا رکو۔۔۔۔۔) اهو ڇو۔۔۔؟
جواب: فقير _(ڪمپني) يار عاشق ٻيلي ڏاهو ٿئي اصل کل نڪري وئي ها ها ها بهترين ڪوشش آهي توهان جي اهڙيون ڪوششون جاري رکجو ها ها ها سدائين گڏ